ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچي ۾ وڪيل اڳواڻ جو قتل

Editorial

ڪراچي ۾ 2015ع ۾ ڪيل آپريشن کان پو اتان جي ماڻهن ڪجهه سک جو ساهه کنيو هو، ان آپريشن کان پو نه رڳو دهشتگردي جا واقعا گهٽجي ويا هئا پر ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا به ختم ٿي ويا هئا. ٽارگيٽ ڪلنگ وسيلي عام شهرين ۽ سياسي شخصيتن ۽ ڪارڪن کي قتل ڪيو ويندو هو. پر جڏهن ان سڄي سازش تان پردو کنيو ويو ته خبر پئي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جا ماڻهو ملوث هئا، جن ڪراچي واسين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڀيرو وري ڪراچي جو امن امان خراب ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن جو ثبوت ڪالهه سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر تي قاتلاڻو حملو آهي، جنهن ۾ هو گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو. عرفان مهر جي گاڏي تي فائرنگ وارو واقعو گلستان جوهر واري بلاڪ 13 ۾ پيش آيو. عرفان مهر کي اسپتال نيو پئي ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي گذاري ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته عرفان مهر کي هڪ ٻئي پويان گوليون هنيون ويون. جڏهن ته وڪيل اڳواڻ نعيم قريشي ايڊووڪيٽ موجب 45 سالن جو عرفان مهر گلستان جوهر ۾ رهندو هو ۽ پنهنجي ٻاررڙي کي ڪار ۾ اسڪول ڇڏڻ لا بلاڪ 13 ۾ پهتو ته واپسي تي ٻن موٽر سائيڪل سوارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني.
هي ڪو معمولي واقعو ناهي بلڪه هڪ اهم وڪيل اڳواڻ جو قتل آهي. ان مان اها به خبر پوي ٿي ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري دهشتگرد سرگرم ٿي رهيا آهن ۽ اهي جڏهن ۽ جتي چاهين، ڪنهن کي به قتل ڪري سگهن ٿا. کين نه ڪو جهلڻ وارو آهي ۽ نه ئي ڪو پڇڻ وارو آهي. ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته دهشتگرد ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري ساڳين ڪاررواين وسيلي عوام کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا. خاص طور تي سنڌي ماڻهو انهن جي نشاني تي رهندا آيا آهن. ڪراچي ۾وڏي وقت کان پو امن وارو ماحول قائم ٿيو هو، سوال اهو آهي ته اهي ڪهڙا عنصر آهن، جيڪي ڪراچي جو امن امان خراب ڪرڻ چاهين ۽ ڪراچي کي دهشتگردي جي ور چاڙهڻ چاهين ٿا. ماضي ۾ اسين ڏسندا آيا آهيون ته ڪهڙي ريت سياسي پارٽين جي ويڙهه ۾ عام ماڻهو دهشتگردي جو شڪار ٿيندا رهيا آهن پر انهن خلاف به ڪا اهڙي ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. صحافين کان وٺي وڪيل اڳواڻ ۽ پورهيتن تائين سڀ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ور چڙهندا رهيا آهن. هاڻ هڪ ڀيرو وري ساڳيو سلسلو شروع ڪري عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهي ڪراچي ۾ غيرمحفوظ آهن. ڪراچي جو امن وڏي وقت کان پو بحال ٿيو آهي، اهو ايترو تڪڙو به بحال نه ٿيو هو. بلڪه ٽارگيٽ ڪلنگ ايتري ته وڌي وئي هئي جو هڪ ڏينهن ۾ درجن ماڻهو مارجي ويندا هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بيوس نظر ايندا هئا. هاڻ به ساڳي تاريخ ورجائي وئي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اهي ادارا وري به انهن دهشتگردن آڏو بيوس آهن. جيڪي پنهنجي مرضي موجب ڪنهن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا.
في الحال ته هن قتل جي جاچ ڪرائڻ لا سنڌ حڪومت کي اڳيان اچڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها عرفان مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لا تحرڪ ۾ اچي. ڇاڪاڻ ته هي قتل سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ٿيو آهي. اتان جي امن امان جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي. جيڪڏهن اها عرفان مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪري ٿي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان کي ڪراچي جي امن امان سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها ڪراچي کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ لا تيار آهي. ان ڪري هن قتل تي ڪنهن به قسم جي غيرسنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس عرفان مهر جي قتل جي بهتر نموني جاچ نه ڪئي ته سڀاڻي ڪو ٻيو وڪيل يا شهري به ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت هن قتل جي هنگامي بنيادن تي جاچ ڪرائي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته اهي ڪهڙا عنصر آهن، جيڪي هڪ ڀيرو وري ڪراچي جي امن امان کي دا تي لڳائي رهيا آهن. جن کي ڪراچي ۾ امن بهتر نٿو لڳي ۽ اهي سنڌين کي پنهنجي شهر ۾ ننڌڻڪو ڪري گولين جو کاڄ بڻائي رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هڪ وڪيل اڳواڻ جو قتل بنهه گهڻُو ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. ان کانسوا اسين ملڪ جي سموري وڪيل برادري سان هن ڏک جي گهڙي ۾ شريڪ آهيون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي کي محفوظ بڻائڻ لا سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڪراچي واسي بنا ڪنهن خوف جي جي سگهن ۽ ڪراچي جو امن به برقرار رهي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button