ڪوئلي جي استعمال کي آهستي آهستي ختم ڪرڻو آهي، 2030ع تائين ٻيلن جي خاتمي جو عمل دنيا مان مڪمل طور ختم ڪرڻو آهي، غريب ملڪن لاءِ 1 کرب ڊالر ماحولياتي فنڊ جمع ڪرائڻو آهي ته جيئن هو فاسل فيول مان جان ڇڏائي سگهن وغيره. پر مسئلو اھو آهي ته 2015ع ۾ اهڙي ئي قسم جو “پيرس معاهدو” به ڪيو ويو ويو هو جنهن تي سرمائيداري ملڪن عمل نه ڪيو. ٻيو ته اڳوڻن معاهدن وانگي گلاسگو معاهدي ۾ به ڪابه شي قانوني طور لازم (legally binding) ناهي. رياستن تي اهو ته لازم ڪيو ويو آهي ته هو گڏيل قومن جي اداري (UNFCC) پنهنجي قومي حصي بابت رپورٽ ڪنديون پر اهو رياستن تي ڇڏيل آهي ته هو ماحولياتي بهتري ۽ تحفظ لاءِ ڪيترا ۽ ڪهڙا قومي ٽارگيٽ سيٽ ڪن ٿيون. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته سرمائيداري نظام وٽ فطرت جو بگاڙ هن جي حساب ڪتاب جو حصو ناهي ان ڪري رياستن نه صرف اڳوڻن معاهدن کي پورو ناهي ڪيو پر ايندڙ وقت ۾ به گهٽ امڪان آهي ته هو ريڊيڪل اپاءُ وٺنديون.
سرمائيداري رياستن جي ان رويي جو اظهار گلاسگو ڪانفرنس ۾ ئي ٿيو. جڏهن ته معاهدي ۾ ڪوئلي جي استعمال تي مڪمل پابندي وجهڻ جي ڳالهه ٿي ته هندستان ۽ چين ان تي احتجاج ڪري ان نقطي ۾ ترميم ڪرائي ان جي بتدريج خاتمي جو نقطو شامل ڪرايو. ان ڪري ڌرتي ۽ انسانيت جي بقاءَ جي جنگ عالمي ماحولياتي تحريڪ ۽ عام انسانن کي ئي وڙهڻي آهي.
عالمي سامراجي نظام ناهموار نظام آهي. دنيا جا هڪڙا خطا اهڙا آهن جتي سامراج اهڙن جديد بيٺڪيتي رياستن جي تشڪيل ڪئي آهي جنهن جو ڪم هڪ مسواڙي رياست وانگي ڌرتي ڌڻين جا وسيلا، جاگرافي، ماحول کي عالمي منڊي ۾ وڪڻي ناڻو ڪمائڻو آهي ۽ بندوق جي زور تي ڌرتي ڌڻين جي آواز کي چيڀاٽڻو آهي. پاڪستاني رياست به قومن جي انڪار تي بيٺل اهڙي مسواڙي رياست آهي. ان ڪري جتي ماحولياتي بگاڙ عالمي مسئلو آهي اتي ان جي شدت اسان جهڙن ملڪن ۾ وڌي وڃي ٿي. انهي ڪري ئي پاڪستان هن وقت ماحولياتي بگاڙ جي شدت جي حوالي سان پهرين پنجن ملڪن ۾ اچي ٿو. جتي دنيا ڪوئلي جي استعمال جي خاتمي جي ڳالهه ڪري رهي آهي اتي پاڪستان چيني غلامي ۾ هاڻ ڪوئلي جي صنعت کي همٿائي رهيو آهي. اڄ به پاڻي جي مسئلي جو حل هن رياست وٽ سنڌو تي ڊيمون ۽ لنڪ ڪينال اڏڻ ۾ آهي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي جي ڇوڙ کي پاڻي جو ضايع ٿيڻ قرار ڏنو وڃي ٿو جنهن جي ڪري ساڍا پنج ڪروڙ سال قديم سنڌو درياهه ۽ ان جو عالمي طور پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا مري رهيو آهي. ساحلي پٽي کي شهرڪاري ۽ سيٽلر بيٺڪيت جي منصوبن جي حوالي ڪري ان جي پوري ماحول ۽ ايڪو نظام کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو مجموعي ٻيلو 2 سيڪڙو وڃي بچو آھي جڏھن ته گڏيل قومن جي معيار مطابق گھٽ ۾ گھٽ 25 سيڪڙو فاريسٽ ڪور زمين ھجڻ سان ئي ماحول بھتر رھي سگھي ٿو. ايئن ئي فطرت جي بچاءَ جي عالمي يونين (IUCN) جي لسٽ ۾ تلور جو پکي نسلي خاتمي کي منهن ڏيندڙ پکين جي جنس ۾ شامل آهي جنهن ڪري ڀارت سميت ٻين ملڪن اندر ان جي شڪار تي پابندي آهي پر پاڪستان اندر مقامي ماڻهن جي شڪار تي ته پابندي آهي پر عرب شڪارين پاران تلور جي شڪار تي پابندي ناهي ڇاڪاڻ ته هي مسواڙي رياست ان معاملي کي قومي سلامتي جو معاملو قرار ڏئي ٿي ۽ عرب شيخن کي شڪار جو پرمٽ ان ڪري ڏئي ٿي ڇاڪاڻ ته اهي عرب ملڪ ئي هن رياست کي ڏکي وقت ۾ پنهنجي امداد سان ٽيڪو ڏيندا آهن.
ماحولياتي سوال سياسي سوال ڪيئن آهي؟
هڪڙن سياسي ڪارڪنن وٽ سوال هجي ٿو ته جڏهن اسان سنڌ جي بنيادي مسئلن جهڙوڪ ڌرتي جي تحفظ، ٻيٽن جي تحفظ، درياهه جي تحفظ، شهرڪاري منصوبن جي تباهڪارين، ٿر ڪول جي ناانصافين خلاف، پاڻي جي سوال تي ۽ مجموعي قومي وجود جي بقاءَ جي جدوجهد ڪيون ٿا ته پوءِ ماحولياتي سوال وري ڪو الڳ سوال آهي ڇا؟ ماحولياتي سوال جو سياسي سوال هجڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته انهن سڀني مٿي ٻڌايل مسئلن ۾ هڪ ماحولياتي پاسو پيوست آهي. جتي شهرڪاري جا منصوبا اسان جي ڌرتي کي ڦٻائي اسان کي بيدخل ڪري اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪن ٿا، اتي اهي اسان جي ماحول ۽ ان تي اسان جي فطري حق کي به ڦرن ٿا. ڊي ايڇ اي کان ويندي ٻيٽن تي ٿيندڙ قبضو جتي اسان جي سنڌ جي ماڻهن کي بيدخل ڪن ٿا اتي اهي ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کان ويندي کيرٿر جي ايڪوسسٽم کي تباهه ڪري اسان جي فطري وجود جي خاتمي لاءِ به راهه هموار ڪن ٿا. رياست سنڌو تي ڊيمن ۽ ڪينالن جي اڏاوت ڪري نه صرف اسان جي پاڻي ۽ معيشت جي ڦرلٽ ڪري ٿي پر پوري تهذيبي وجود جو خاتمو ڪري ٿي. ان ڪري اسان جي پنهنجي قومي وجود جي سياسي لڙائي ساڳي وقت ماحولياتي لڙائي به آهي ۽ ماحوليات ڏانهن حساس ٿيڻ جو مطلب ان لڙائي کي ماحولياتي محاذ تي به وڙهڻ آهي. اسان جي قومي وجود جي لڙائي ئي هن ڌرتي ماءُ (mother earth) جي وجود جي لڙائي آهي. عالمي ماحولياتي تحريڪ ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو مطلب پنهنجي ارد گرد جي ماحول تي ٿيندڙ حملي تي آواز اٿارڻ ۽ پوءِ ان کي عالمي تحريڪ سان ڳنڍڻ آهي.
ان ئي تعلق ۾ آفاقيت هميشه ٺوس ٿيندي آهي ۽ اهو ٺوس سچ ئي ناظم جوکيو جي انڪار ۾ پيوست آهي. هن جي انڪار ۾ جتي سرداري نظام جو به انڪار آهي ته اتي هن جي انڪار ۾ ماحولياتي پهلو به پيوست آهي. اهي ٻئي جدا نٿا ٿي سگهن. بظاهر هو وڙهي پنهنجي علائقي جي پکين جي تحفظ لاءِ ٿو پر هن جي ويڙهه عالمي ماحولياتي تحريڪ سان جڙيل آهي. ان ئي ڳالهه کي آشڪار ڪرڻ لاءِ پورهيت مزاحمت ماحوليات تي ڪو تجريدي بحث نه رکيو آهي پر هڪ پنهنجي قومي ثقافتي استعاري کي کڻي ڪري سنڌ ۾ ماحوليات جي بحث کي اڳتي وڌائڻ گهري ٿي.
ڪانفرنس ۾ ھيٺيون قرادادون منظور ڪيون ويون:
- عرب شڪارين کي تلور جي شڪار جي ڏنل پرمٽ واپس ڪري تلور جي شڪار تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي.
- ڪانفرنس شهيد ناظم جوکيو کي ماحولياتي تحفظ ڪندڙ قومي شهيد قرار ڏئي ٿي ۽ ميڊيا مالڪن کي متوجهه ڪري ٿي ته شهيد کي خراج تحسين طور هي ايڪتا ڏهاڙو سرداري نظام جي خاتمي ۽ ماحولياتي تحفظ جي عنوان سان ملهايو وڃي.
- سنڌو تي گريٽر ٿل ڪينال فيز 2 تحت ٿيندڙ اڏاوت کي فوري طور روڪيو وڃي.
4.سنڌو درياهه تي سنڌ جو حق تسليم ڪري ڊيمن ۽ فلڊ ڪينالن جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي ۽ فوري طور 1991ع جي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي پاڻي جو حصو ڏنو وڃي ۽ ايندڙ وقت ۾ 1945ع جي معاهدي جي روشني ۾ سنڌ سان پاڻي جو نئون معاهدو ڪيو وڃي.
- گڏيل قومن جي معيار مطابق سنڌ جي ٻيلي کي بحال ڪيو وڃي ۽ ان تان وڏيرن ڀوتارن جي قبضي جو خاتمو ڪيو وڃي.
- ڪانفرنس سنڌ بيراج جي منصوبي کي انڊس ڊيلٽا ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي علائقن لا موت سمجھي ٿي. ان منصوبي کي منسوخ ڪري ان لا رکيل فنڊ آبپاشي نظام جي بھتري لا خرچ ڪيو وڃي.
- گلاسگو ماحولياتي معاهدي تحت ڪوئلي جي استعمال جو بتدريج خاتمو ڪيو وڃي ۽ ٿر جي ترقي لاءِ اتي ڪينال نظام جو بندوبست ڪري اتي زراعت کي ممڪن بڻايو وڃي.
- ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ان جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي.
)پورو ٿيو)