شوبز

شوبز دنيا جون مختصر پر اهم خبرون

عائزا خان جو وڻندڙ انداز

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا عائزا خان فيشن برانڊس جي پهرين ترجيح بڻجي وئي آهي، جنهن سبب روزانو سندس فوٽو شوٽ سامهون اچن پيا، سندس تصويرن تي مداح فدا آهن.

جيڪولين تنقيد جو شڪار

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنانڊس ڀتي خور سان گڏ تصوير سامهون اچڻ تي تنقيد جو شڪار ٿي وئي آهي. جيڪولين فرنانڊس سڪيش چندر شيکر سان گڏ نظر آئي آهي.

نيلم منير جون اکيون

ڪراچي: پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا نيلم منير پنهنجي اکين کي خاص پيغام ڏيندڙ سڏيو آهي. هن وڊيو شيئر ڪري ڪيپشن ڏنو تھ اکين کي آواز جي ضرورت ناهي.

حرا ماني ڪئين آرٽسٽ بڻي

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا حرا ماني انڪشاف ڪيو آهي تھ عشق وڏو ۽ فنڪار ننڍو آهي، عشق ڪري ڏسو تھ اوهان پنهنجو پاڻ ئي فنڪار بڻجي ويندا ۽ دل خوش ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button