ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزيراعظم: ھڪ وعدو وساريو ٻيا پورا ڪريو

Editorial-Article-Mohammad Khan Siyal

وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، پنھنجي سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه جي حيثيت ۾ اھم اعلانَ ڪندو ھو، جيڪي گهڻو ڪري سچائيءَ تي ٻڌل ھوندا ھئا. انهن اعلانن جي اسين واکاڻ ڪنداسون ڇاڪاڻ ته سچ کي سچ چوڻ گهرجي ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ، مطلب ته ڪو سچ ڳالھائي ته ان جي آجيان ڪرڻ کپي ۽ ڪوڙ ڳالھائي ته ان کي نندڻ گهرجي.
عمران خان کي وزيراعظم ھوندي اقتدار جو چوٿون ورھيه ھلندڙ آھي ۽ وزيراعظم ھئڻ سان گڏ، حڪمران پارٽيءَ پي ٽي آءِ جو اڃا به سربراهه آھي. سندس بيانن جي ڇنڊڇاڻ مان لڳي ٿو ته سندس پراڻا اعلان عام طور ۽ ھاڻوڪا ڪجهه اعلان (سڀ نه) ظاھري طور سچائيءَ تي ٻڌل ھوندا ھئا ۽ آھن. تنھنڪري سياست جي حوالي سان انھن جي بيانن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان اڳ، سچائيءَ وارن پراڻن بيانن جي اھميت کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي.
اسين پنھنجي ڇنڊڇاڻ موجب، انھيءَ بيانن جو ڪاٿو سچائيءَ جي بنياد تي ئي لڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسون پر ذاتي ڪاوڙ يا نفرت جي بنياد تي ھرگز نه. ھا، البت وزيراعظم پنھنجن پراڻن اعلانن يا بيانن کي باقاعدي عملي جامو ڪيترو پھرايو آھي، سو الڳ داستان آھي ۽ انھيءَ جي ڇنڊڇاڻ جو حوالو پنھنجي ھن ڪالم ۾ اڳتي ھلي ڏينداسون ته جيئن صورتحال کي مڪمل سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ ڪو غلط فھميءَ ۾ نه پئجي وڃي ته بھتر.
بھرحال، عمران خان جي، پنھنجن پراڻن اعلانن تي عمل ڪرڻ ۾ سندس سچائي ڪيتري لاڳاپيل آھي سو پڙھندڙ پاڻ ايمانداري ۽ بي ريا بڻجي فيصلو ڪندا ته وه واه. اسان جو سڀني دوستن کي عزت ۽ احترام سان عرض آھي ته ھن ڪالم جي ھڪ اڌ پيرا پڙھي، فيس بوڪ تي ترت تبصرو نه ڪجو پر سڄو ڪالم پڙھي ۽ سمجهي، پوءِ بي ريا بڻجي فائدي ۾ يا خلاف تبصرا ڀلي ڪريو ته وه واه ڇاڪاڻ ته اسان جي اھم تبصري کي سمجهڻ ۾، کين اڳتي ھلي سولائي ٿيندي.
وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ فرمايو ھو: جڏھن پيٽرول مھانگو ٿيندو رھندو ته سمجهو سرڪار (وفاقي) چور آھي. منھنجي ذاتي تبصري موجب عمران خان سو سيڪڙو سچ ئي چيو ھو ڇاڪاڻ ته پيٽرول اھڙي اھم شي آھي، جنھن جي بار بار قيمتن وڌائڻ سان، ھر ڏھاڙي ڪم ايندڙ ڪيترين ضروري شين جون سڌي يا اڻسڌي ريت قيمتون وڌي ڳاٽي ٽوڙ بڻجي وينديون آھن ۽ اھڙي ريت عوام جو جيئڻ ئي وڌيڪ جنجال ٿي پوندو آھي. نه رڳو ايترو پر ڪيترن دوستن تبصرا ڪيا آھن ته عمران خان سرڪار اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي لاڳيتو آڻيندي رھي آھي ۽ ھاڻي مھانگائيءَ جو بم، عوام جي مٿان ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي. اھو تبصرو پنھنجي جاءِ تي به اھم آھي ۽ ان تي پڇاڙيءَ ۾ نيڪ نيتيءَ سان تبصرو ڪنداسون. بھرحال، اھا سو سيڪڙو سچائي آھي ته پيٽرول جون قيمتون وڌڻ يعني بار بار وڌڻ ڪري مھانگائي ڳاٽي ٽوڙ ٿي ويندي آھي ۽ عوام گهڻو ئي تڪليفن ۾ پئجي ويندو آھي.
پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) سان لاڳاپيل سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه وفاقي سرڪار بابت تازو بيان ڏنو آهي ته عمران خان چوندو هو ته “ڊالر يا پيٽرول مٿي وڃي ته سمجهو حڪمران چور آهن ۽ هاڻ ٻڌايو ته ڪير چور آهي؟” ڏسجي ته ڊالر جو لاڳيتو ملھه وڌڻ ڪري، مھانگائي گهڻي وڌي ويندي آھي. تازو ڊالر وڌيڪ مھانگو ٿيو ته ميڊيا ۾ اھا خبر ڇپي آھي ته ڊالر جو تازو اگھه وڌڻ خاطر پاڪستان تي قرض 16 ارب رپين کان وڌي ويو آھي. ھاڻي ته آءِ ايم ايف 300 ارب رپيا مڙھيا آھن. جنھنڪري عمران سرڪار وڌيڪ مھانگائي لاڳو ڪري “مني بجيٽ” پيش ڪري رھي آھي. بھرحال، پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، عمران خان جي پراڻي بيان جو حوالو ڏئي ٺيڪ چيو آھي. عمران خان چواڻي: ڊالر مھانگو ٿئي ته سمجهو پڪ سان حڪمران “چور” آھي.
عمران خان جي پراڻن بيانن جي حوالي سان سچائي اتي ختم ڪونه ٿي ٿئي. اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، سندس فرمان ھو ته جيڪڏھن ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪندو ته ھن جهڙو منافق ڪوبه ڪونه ھوندو. ھونئن به ڏسجي ته ايم ڪيو ايم جون پاليسيون زوردار اختلافي ۽ تعصب جي بنياد تي رھيون آھن ڇاڪاڻ ته مھاجرن جي تعصب پرست تنظيم(ايم ڪيو ايم) کي سنڌ سان نفرت ڇڏڻ گهرجي. سنڌين جا اڳ ئي مٿن کوڙ ٿورا آھن سي کليو کلايو مڃڻ گهرجن. اھا سچائي آھي تہ سنڌين مھاجرن جو مقرر ڪيل وڏو انگ ته اڳ ئي قبول ڪيو ھو پر جڏھن پنجاب ٻن لکن مھاجرن کي قبول ڪونه ڪيو ۽ کين ڪئمپن ۾ رکيو ته پوءِ اڻ چونڊيل پھرين وزيراعظم لياقت علي خان ٻه لک مھاجر سنڌ ۾ آباد ڪيا. بھرحال، بيمار جناح صاحب جي مرڻ کان ڪجھه ڏينھن اڳ، ھن ائين ئي ڪيو.
عمران خان جو ايم ڪيو ايم سان اتحاد کي منافقي سڏڻ وارو بيان درست ھو پر ھن وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ، ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو جنھن کي چوٿون ورھيه ھلندڙ آھي. نه رڳو ايترو پر ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل سندس ٻن وزيرن کي عمران خان “نفيس ماڻھو” پڻ ڪوٺيو پر ٻين پارٽين جي وزيرن کي ائين ڪونه سڏيو.
انھيءَ کانسوا عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ بار بار اعلان ڪيو ھو ۽ فيس بوڪ تي سندس وڊيو به وائرل ھئي ته انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) کان مان اقتدار ۾ اچي قرض نه وٺندس پر ورتم ته آپگهات ڪندس. اھا سچائي آھي ته ھن وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ۽ انھن جا شرط ڏاڍا ڏکيا آھن پر ھن پنھنجو وعدو پورو ڪونه ڪيو، جيتوڻيڪ انسانيت جي خيال کان عام وعدو پورو نه ڪرڻ تي قوم مٿس سڄي حياتي تنقيد ڪندي رھندي. بھرحال، مان ڪالمسٽ طور عمران خان سان سياسي اختلافن جو حق محفوظ رکان ٿو ۽ سندس وعدي جي آخري حصي تي عمل ڪرڻ جو ذاتي طور مخالف آھيان. مان عزت ۽ احترام سان وزيراعظم کي صلاح ڏيندس ته ھو آءِ ايم ايف بابت پنھنجي اصل بيان تي عمل ڪري يعني آءِ ايم ايف کان جند ڇڏائي جيتوڻيڪ ظاھري طور جند ڇڏائڻ ته ڏکيو ڪم لڳي ٿو. ھن پنھنجي حياتيءَ بابت جيڪو اعلان ڪيو ھو سو اھم ھو. مان کيس صلاح ڏيندس ته انھيءَ اعلان جي آخري حصي تي عمل نه ڪري ڇاڪاڻ ته وزيراعظم سميت سڀني انسان جون حياتيون خاص ڪري قيمتي ھونديون آھن.
عمران خان وزير اعظم طور بيان ڏنو آھي ته نئون پاڪستان بٽڻ دٻائڻ سان ڪونه ٺھندو. اھا سچائي آھي ته بٽڻ دٻائڻ سان نئون پاڪستان ڪونه ٺھندو پر بٽڻ دٻائڻ يعني اھم غلط پاليسين اختيار ڪرڻ سان ملڪ تباهه ضرور ٿي سگهي ٿو. اھو الڳ داستان آھي ته عمران خان جي گذريل چئن ورھين کان بٽڻ دٻائڻ يعني مھانگائيءَ واريون پاليسيون اختيار ڪرڻ سان ملڪ تباهه ٿي رھيو آھي. خاص ڪري ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جي نتيجي ۾.بھرحال، سندس بيان جو پھريون حصو، بيان جي خيال سان ٺيڪ آھي جڏھن ته ٻئي حصي جو بيان، عمل ڪرڻ جي خيال کان ٺيڪ ڪونھي ڇاڪاڻ ته انسانيت جي احترام رکڻ جي به مکيه اھميت ھوندي آھي.
تازو وزيراعظم عمران خان بيان ڏنو آھي ته پاڪستان کي مديني وانگر فلاحي رياست بڻائڻ زندگي جو مقصد آھي. بھرحال، اھو بيان ته سھڻو آھي پر سچائي اھا آهي ته سندس اقتدار کي اٽڪل ساڍا ٽي سال ٿي ويا آھن پر “مديني رياست” قائم ڪرڻ لاءِ ٻيو ته ٺھيو پر ھڪ سيڪڙو به ڪم ڪونه ڪيو ويو آھي. اسان جو وزيراعظم کي نيڪ نيتيءَ سان عرض آھي ته وفاقي سرڪار، اھم صوبي سنڌ کي سچي دل سان پنھنجو سمجهي ۽ سندس سرڪار نفرت ۽ نا انصافيءَ جو ڪاروبار ڇڏي ڏئي. وفاقي سرڪار ته مديني رياست جو حوالو ڏيندي رھي ٿي پر مديني ۾ ته ڪنھن به علائقي سان ايڏي نفرت اختيار ڪانه ڪئي ھئي، جيڏي سنڌ سان ڪئي وئي آھي. اھا سچائي آھي ته پاڪستان کي مدينو رياست ته بلڪل ناھي بڻايو ويو پر عوام جي کاڌي وارين شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بي روزگاري ۽ دوائن ۾ زوردار واڌ ۽ خاص ڪري جيئڻ وارين دوائڻ ۾ زوردار واڌ ڪري عوام جو جيئڻ ئي جنجال ڪيو ويو آھي. ٻيو ته ٺھيو پر حج ۽ عمري لاءِ ويندڙن لاءِ به ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪئي وئي آھي.
اھا سچائي آھي ته عمران خان سرڪار انوکا ڪارناما ڪيا آھن. جيڏي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي “سليڪٽيڊ” وزيراعظم آندي آھي، ايڏي زوردار مھانگائي پاڪستان جي اڳ واري 72 ورھين جي تاريخ ۾، ڪنھن بہ ننڍي وڏي سربراهه ڪونه آندي ھئي. مديني واري رياست ٺاهڻ واري اعلان تي عوام تبصرو ڪيو آھي ته وزير اعظم عمران خان مهانگائي جو طوفان آڻي، پراڻي پاڪستان جا ٽائر ۽ غريبن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. ٻئي طرف، عمران خان، پنھنجن پراڻن اعلانن خلاف ڳاٽي ٽوڙ شرطن تي قرض وٺي ھر پاڪستانيءَ کي عام طور 91 ھزار رپين کان وڌيڪ جو قرضي بڻائي ڇڏيو آھي.
وزيراعظم کي نيڪ نيتيءَ سان عرض آھي ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، آءِ ايم ايف کان قرض، ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ۽ اھڙا کوڙ خلاف بيان جاري ڪيا ھئائين، تن تي پنھنجن پراڻن بيانن جي روشنيءَ ۾ نيڪ نيتيءَ سان ڀلي عمل ڪري پر پنھنجون غلطيون اڳ ۾ مڃي. بھرحال، منھنجي ذاتي راءِ آھي ته رڳو ھڪ اھم وعدي جي آخري حصي تي ڀلي عمل نه ڪري ڇاڪاڻ ته ھن آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ تي آپگھات ڪرڻ جو کليو کلايو اعلان ھو. ھونئن به انسان جي حياتي اھم ھوندي آھي سو رھيل سڀ وعدا عوام جي ڀلائيءَ خاطر ڀلي پورا ڪري سواءِ آپگهات جي ته وه واه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button