ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻه واٽي تي بيٺل واڳ ڌڻي، حڪمران ۽ مخالف ڌر!

Editorial-Article-Allah Bux Rathore

سياسي منظر تي ايترو ڪوهيڙو ڇانيل آهي، جو هٿ، هٿ کي ڏسڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. حڪومت توڙي مخالف ڌر جو پير زمين تي نه کپي رهيو آهي. واڳ ڌڻين کي به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته حڪومت جي حمايت جاري رکجي يا مخالف ڌر جي مٿي تي هٿ رکجي، انڪري في الحال عمران خان جي مخالفن کي لالي پاپ ڏيڻ ۾ پورا آهن. هڪ طرف حڪومت ۽ واڳ ڌڻين ۾ سرد مهري واري صورتحال آهي، ته ٻئي پاسي وري مخالف ڌر جي مختلف پارٽين سان ڳالهيون جاري آهن، ناليواري صحافي فهد حسين مطابق هيل تائين ن ليگ ۽ واڳ ڌڻين ۾ ڳالهين جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو آهي. جنهن سبب واڳ ڌڻين وٽ پيپلز پارٽي جي سوديبازي جي پوزيشن سگهاري ٿي وئي آهي.
اقتدار جي ڪاريڊور ۾ جتي سمورين ڌرين جي جوڙ توڙ جاري آهي، اتي هي تاثر سامهون اچي رهيو آهي ته حڪومت ۽ واڳ ڌڻين جي وچ ۾ توڙي جو پهريان وارو پريم نه رهيو آهي، پر ان جي باوجود ڪيترن ئي معاملن تي درگذر واري پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. واڳ ڌڻي سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توڙي جو هائبرڊ نظام جي پيداوار آهي، ان جي باوجود ان جي باوجود انهن کين اکيون ڏيکاريون. پي ٽي آءِ جي اکين ڏيکارڻ کانپوءِ Damage control لاءِ هينئر تائين تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون آهن، پر انهن جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي. پي ٽي آءِ جا اهي اڳواڻ، جن کي “ڊبل ايجنٽ” سمجهيو پيو وڃي ۽ اهي هڪ ئي وقت ٻن ٻيڙين ۾ سوار به آهن. هنن کي گيٽ نمبر چار کان بني گالا موڪليو ويو هو، ته جيئن عمران خان جي “حرڪتن” تي نظر رکي سگهجي. انهن پنهنجو ڪم ته ايمانداري سان ڪيو، پر هو هينئر به واڳ ڌڻين جي اشاري جو انتظار ڪري رهيا آهن. حڪومت جي صفن ۾ ويٺل اليڪٽيبلز ته ڍنڍ جا پکي آهن، انهن کي رڳو اشاري جو انتظار آهي. هنن کي جنهن به پارٽي ۾ چيو ويندو، اهي اوڏانهن هليا ويندا. انهن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون آهن.
واڳ ڌڻين جي صفن ۾ ويٺل اهي اهم مهرا نجي ڪچهرين ۾ عمران خان توڙي مخالف ڌر کي اهو چئي ڪري ڊيڄاري رهيا آهن ته جيڪڏهن مخالف ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ ائين ڄنڊا پٽ جاري رهي ٿي ته هائبرڊ نظام جي ناڪامي کانپوءِ نئون نظام متعارف ڪرايو ويندو. انهن جو خيال آهي ته واڳ ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ اهڙي پروجيڪٽ جو منهن کولي رهيا آهن، جيڪو اڻ کٽندڙ هوندو. هو نئين نظام طور صدارتي نظام جو حوالو ڏين ٿا. واڳ ڌڻي چون ٿا ته اهي آصف زرداري ۽ نواز شريف کي آزمائڻ کانپوءِ هاڻ عمران خان کي به ڏسي چڪا، انڪري هو ريفرنڊم ذريعي صدارتي نظام سامهون آڻيندا، جنهن سان صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اهي جيڪي واڳ ڌڻين جي پِتي کان واقف آهن، اهي سمجهن ٿا ته طاقتور ڌرين اڳيان هميشه اهو ئي آپشن هوندو آهي ته هو جيڪڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري نه سگهندا يا خراب حالتون هونديون ته پوءِ صدارتي نظام جون ڳالهيون ڪندا. هي به سياسي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ اهڙا افواهه اڏائيندا آهن. واڳ ڌڻي، ڪي سياستدان ناهن، جو اهي ذوالفقار علي ڀٽو جيان جمهوري آئين متعارف ڪرائي سگهن. هو اتفاق راءِ سان اهڙو ڪوبه نظام آڻي نٿا سگهن، جنهن کي سموريون ڌريون own ڪري سگهن. واڳ ڌڻين لاءِ ايستائين جو سياسي پارٽين اندر گهڻو سافٽ ڪارنر ناهي، جو اهي مٿان آيل هر تجويز يا نظام کي قبول ڪري وٺن. سياسي ورڇ ايتري گهڻي آهي، جو نه صرف سياسي ڌريون، واڳ ڌڻين تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، پر حڪومتي ڌر ۽ واڳ ڌڻين جا به هڪٻئي تي شڪ ۽ شبها آهن. عمران خان پنهنجي پير تي ڪيئن ڪهاڙو هڻندو ۽ واڳ ڌڻين جي نئين نظام کي پنهنجو ڪندو. مخالف ته پهريان ئي چوندا رهيا آهن ته عمران خان جو ڪوبه سياسي اسٽيڪ ناهي، انڪري هن کي وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.
واڳ ڌڻين جي اها پراڻي عادت آهي ته اهي هميشه سياسي اسٽيبلشمنٽ يا سياسي پارٽين کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ لاءِ اهڙيون تجويزون ڏيندا آهن، جنهن سان ملڪ مان سياسي ڪلچر ۽ سوچ جو خاتمو ٿئي. هنن جو وس پڄي ته سموري ملڪ مان سياست کي جلاوطن ڪري ڇڏين، پر هي به حقيقت آهي ته گهڻي کان گهڻا سياسي معاملن ۾ وچڙيل به واڳ ڌڻي ئي رهيا آهن. واڳ ڌڻين جون نيون تجويزون سياستدانن لاءِ خطري جي گهنٽي ضرور آهي، پر ضروري ناهي ته انهن جي هر خواهش پوري ٿئي. اسٽيبلشمنٽ جي اها ڪوشش رهي آهي ته سياسي نظام کي گدلو ڪجي ۽ اهڙي صورتحال پيدا ڪجي، جنهن سان عام ماڻهو بد دل ٿي ڪري، صرف واڳ ڌڻين ڏانهن ڏسي.
جيڪي اهو چئي رهيا هئا ته واڳ ڌڻين ۽ ن ليگ ۾ ويجهڙائپ ٿي وئي آهي ۽ هاڻ شهباز شريف کان وٺي ن ليگ جو ڪو اهم اڳواڻ جيل ياترا نه ڪندو. ان سان گڏ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو سافٽ ۽ نواز شريف ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز جو هارڊ ڪارنر به ڪي نتيجا ڏئي نه رهيو آهي. ن ليگ جي صفن ۾ اهي ڌريون جيڪي سمجهن ٿيون ته جيڪڏهن انهن جو واڳ ڌڻين سان سرچاءَ نه ٿيو ته ان جو فائدو پيپلز پارٽي کي ٿيندو. ان حوالي سان ٻنهي پارٽين جي اختلافن کي پي ڊيم ايم جي ٽٽڻ واري عمل ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. هي ٻئي پارٽيون ائين ئي آهن، جيئن پارٽيون ٻه ۽ قبر هڪڙي وارو مثال آهي. انهن جا لڳ لاڳاپا ساڳين سرڪلز ۾ آهن، انڪري ڳالهه لڪي به نٿي. عام تاثر هي به آهي ته جوڙ توڙ جي معاملي ۾ ن ليگ کان وڌيڪ پيپلز پارٽي ماهر آهي. هاڻ لاڳاتار واڳ ڌڻين کي پ پ پيغام ڏئي رهي آهي ته انهن جو Revival ٿي رهيو آهي، صرف اصل طاقت انهن جي رستا روڪ نه ڪري. جيڪڏهن پ پ کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته پشاور جي جلسي جيان هو، ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجي طاقت کي Re-gain ڪري سگهن ٿا. هي ته هڪڙو سيمپل آهي، هاڻ ساڳي انداز سان لاهور ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي به نظر رکي پئي وڃي. هن تڪ تي جيڪڏهن پيپلز پارٽي جو اميدوار کٽي نه به سگهي، رڳو بهتر ڪارڪردگي جو به مظاهرو ڪري ته ان سان واڳ ڌڻي وڌيڪ خوش ٿي سگهن ٿا، انهن کي اصل ۾ سينٽرل پنجاب ۾ ن ليگ جو متبادل به ڳولڻو آهي، سينٽرل پنجاب ۾ ٽي ايل پي جهڙي پارٽي جي به پٺي ٺپي وئي، پر ان سان پيغام انتهائي ناڪاري ويو آهي. ڏيهه ۽ پرڏيهه مان هي اشارا آيا ته واڳ ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مذهبي وڪيٽ تي کيڏي رهيا آهن، ان جا جيئن ماضي ۾ اگرا نتيجا سامهون آيا ائين هاڻ به ايندا، انڪري هو ن ليگ جي دشمني ۾ راڪاس نه پالين ته جيئن کين ٻيهر ڪنڊا نه ڪڍڻا پون.
ن ليگ کان وڌيڪ پ پ پاران واڳ ڌڻين سان پاڻ کي بهتر سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جو ٽريڪ ريڪارڊ اهڙو رهيو آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمنٽ سان ٽڪراءَ وڌيڪ نظر اچي ٿو، ان جي مقابلي ۾ پ پ جي دورن ۾ استحڪام واري پاليسي رهي، انڪري واڳ ڌڻين کي به گهڻي پريشاني نه هئي. هي ڳالهه به وسارڻ نه گهرجي ته اساما بن لادن پ پ جي دور ۾ ماريو ويو، ان جي قيمت به ادا ڪئي وئي. ان سان گڏ سموري دنيا ۾ اسٽيبلشمنٽ جي هلت چلت تي آڱريون کنيون ويون. ان دوران ايف اي ٽي ايف ۾ ڪجهه اهڙا معاملا به سامهون آيا، جو واڳ ڌڻين کي ڪپڙا ڇنڊي جان آجي ڪرائڻي پئي. هاڻ ان معاملي تي واڳ ڌڻي وڌيڪ حساس آهن. هي به سڀني ڏٺو ته ڪيئن ٽي ايل پي کي اڳيان ته آندو ويو، پر ان جو ردعمل دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان نظر آيو.
هي تاثر به ڏنو پيو وڃي ته واڳ ڌڻي عمران کي سياسي ميدان ۾ اڪيلو ڪرڻ گهرن ٿا. هو سمجهن ٿا ته حڪومت کي ايتري وٿي هجي جو اها رڳو ساهه کڻي سگهي، انڪري عمران خان جي پريشاني ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. موجوده حڪمران سمجهن ٿا ته هو اهم اداري جي سربراهه کي رٽائرڊ ڪري ساهه پٽيندا ۽ ان کانپوءِ اهڙي اسٽيبلشمنٽ سامهون ايندي جيڪا انهن جي چوڻ آکڻ تي هلندي، پر ائين ٿيندو گهٽ آهي. مهرن جي تبديلي ته معمول جي ڳالهه آهي، پر ادارن جون پاليسيون جاري رهنديون. هينئر توڙي جو عدليا ۽ ٻين ادارن به اهڙا قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي اهم اداري جي مفادن کي نقصان پهچائين ٿا، پر اهڙا فيصلا فيبروري 2022 تائين ڪيا ويندا، پر انهن اهو نه سوچيو آهي ته ان دوران جڏهن اعليٰ عدليا ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايندو ته حڪمرانن جو ڇا ٿيندو؟ ممڪن آهي ته ان وقت تائين عمران خان گهر ڀيڙو ٿي چڪو هجي. پر هينئر جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ سمورا ادارا ۽ پارٽيون مونجهاري جو شڪار آهن. انهن کي اميد جو ڪرڻو نظر نٿو اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button