سيالڪوٽ واقعو ايترو ته سنگين نوعيت جو آهي جو هن مهل تائين ان جي سار جسم ۾ سيسڙاٽون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. ڇا ڪنهن ملڪ جو معاشرو ان حد تائين به ڪري سگهي ٿو؟ ان باري ۾ پاڪستان جا سنجيده ماڻهو تمام گهڻي تڪليف سان سوچي رهيا آهن. هن وقت ملڪ ۾ هڪ قسم جي خوف واري فضا آهي. ڪنهن کي معلوم ڪونهي ته ڪنهن سان اهڙو واقعو پيش اچي وڃي. ان سلسلي ۾ اسان کي هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته پنجاب ۾ ان قسم جو واقعو ڪو پهريون واقعو ڪونهي. ان واقعي کان اڳ ۾ به غيرمسلمانن جي مٿان حساس الزام هڻي انهن تي بدترين تشدد ڪري، کين قتل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي رستن تي انساني جسم کي ساڙڻ جا واقعا اڳ ۾ به ٿيا آهن ۽ اڳ ۾ به ڪجهه ماڻهن کي گهر مان کڻي سرن جي بٺن ۾ اڇلائي جلايو ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه مذهب جي نالي ۾ ٿيندو رهيو آهي. جڏهن ته ملڪ جي ناميارن ۽ عوام ۾ مقبول مذهبي رهنمائن پاران اهڙن عملن جي شديد مذمت ٿيندي رهي آهي پر انهن عملن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران مستقل واڌارو ايندو رهيو آهي.
پنجاب جي مشهور شهر سيالڪوٽ ۾ هن ڀيري سريلنڪا جي هڪ شهريءَ کي جهڙي طرح بيدرديءَ سان ماري ساڙي رک ڪيو ويو آهي، ان سان نه صرف پاڪستان جي اندرين پر ملڪ جي ٻاهرين صورتحال به تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي. عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ڪهڙي بڻيل آهي؟ ان سوال جو جواب اسان سڀ شهري ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا. پر مسئلو اهو آهي ته اهڙي وقت تي اهو واقعو پاڪستان جي معاشي طور تي تمام ڪمزور حڪومت جي مٿان ڪنهن تمام وڏي بم حملي کان گهٽ ڪونهي. ڇو ته اهڙا واقعا جهڙا پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ ٿيندا رهيا آهن، اهڙا واقعا ته گهرو جنگ ۽ انتهاپسنديءَ جي حوالي سان پوري دنيا ۾ ڄاتي ويندڙ ملڪ افغانستان ۾ به نه ٿيا آهن. جيتوڻيڪ افغانستان جو معاشرو امن امان جي حوالي سان تمام گهڻو مشڪل آهي پر اتي به ڪنهن انسان جي مٿان ان قسم الزام هڻي ان کي تمام گهڻو تشدد ڪري سرعام ساڙي نه ماريو ويو آهي. پاڪستان ان طرح جا ڀاري بار ڪيئن ٿو کڻي سگهي؟
سيالڪوٽ واقعي جي سنگينيءَ جو اندازو ان مان ٿيڻ گهرجي ته هي اهو واقعو آهي، جنهن جي هن مهل تائين ڪنهن به حمايت نه ڪئي آهي. ڇو ته ڪو به ماڻهو ڀلي اهو ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندڙ هجي، هن کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙي طرح سان هڪ انسان سان اهڙو سلوڪ ڪري سگهجي ٿو؟ هن وقت پاڪستان جو نالو ٻاهرين دنيا ۾ ڪهڙي طرح سان ورتو وڃي ٿو؟ پر ان کان هٽي ڪري به اسان تصور نه ٿا ڪري سگهون ته جنهن معاشري ۾ اسان رهون ٿا ۽ جنهن معاشري جو اسان حصو آهيون،اهو معاشرو پنهنجن معيارن ۾ هن حد تائين ڪري پوي جو ان ۾ هڪ انسان جي مٿان صرف الزام لڳي ۽ ان جي ڪا تحقيق نه ٿئي ۽ الزام هڻڻ وارا پاڻ ئي جج ۽ پاڻ ئي جلاد بڻجي وڃن ته پوءِ قانون ۽ انصاف جا ادارا ڇا ڪندا؟ ڇا اهڙي ماحول ۾ ڪوئي سوچي به سگهي ٿو ته انسان آخر پنهنجي تحفظ لاءِ ڪيڏانهن ويندو؟
هن ملڪ مان لڏي پرڏيهه ۾ پنهنجا اجها اڏيندڙن جو انگ گهٽ ڪونهي ۽ هاڻي به جنهن کي موقعو ملي ٿو اهو پاڪستان مان نڪرڻ جون واٽون تلاش ڪري ٿو پر سوال انهن ماڻهن جو نه ڪروڙين عوام جو آهي. هن ملڪ جا ڪروڙين مسڪين ۽ غريب ماڻهو ملڪ ڇڏي ته نه ٿا وڃي سگهن. انهن کي ته هڪ محفوظ ملڪ ۽ معاشرو گهرجي. جڏهن ڪوئي معاشرو محفوظ نه هوندو ته ان ۾ قانون ۽ انصاف جا لفظ ايترائي بي معنيٰ بڻجي ويندا، جيترا بي معنيٰ هن مهل اسان جي ملڪ ۾ اهي لفظ بڻجي ويا آهن. پاڪستان جو نالو غيرمحفوظ ملڪن جي لسٽ ۾ جيڪڏهن مٿان لکيو ويندو ته ان سان نقصان ڪنهن جو ٿيندو؟ ظاهر آهي ته ان سان نقصان پاڪستان جو ٿيندو ۽ پاڪستان جو نقصان ته پاڪستان جي ان عوام جو نقصان آهي، جيڪو عوام ٻاهرين ملڪ ۾ شهريت نه ٿو رکي ۽ هن جو پهرين ۽ آخري سهارو اهو ئي ملڪ آهي، جنهن ملڪ ۾ هن مهل جياپي جا گهٽ گهيڙ تيزيءَ سان بند ٿيندا وڃن ٿا.
اسان جي عالمن ۽ خاص طور تي اسان جي دانشورن کي ان تي سوچڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن، جن جي ڪري پنجاب ۾ اها انتهاپرستي ان حد تائين وڌي آهي جو حڪومت جا وزير به اهو اعتراف ڪري رهيا آهن ته رياست کي انتهاپرستيءَ جي مقابلي ۾ پوئتي هٽڻو پوي ٿو. جڏهن رياست کي سمجهوتو ڪرڻو پوي ته پوءِ ان جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟ ڪا رياست ٻاهريون سمجهوتو به برداشت ڪري نه سگهندي آهي، جڏهن ان قسم جو سمجهوتو داخلي هوندو آهي ۽ ان جو اثر تمام برو پوندو آهي. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا ته پوءِ هن ملڪ جي طرف ڪير ايندو ۽ ڪير هن ملڪ سان تعلقات رکندو؟ ان سان پاڪستان جي جيڪا به عالمي سطح تي اڃان ساک پت خراب ٿيندي، ان جو نقصان ڪنهن کي پوندو؟
هن ملڪ جا تمام گهڻا امير سياستدان ته پنهنجن خاندانن سميت ٻاهرين ملڪن ۾ خوش رهي سگهن ٿا. مسئلو انهن جو ناهي. مسئلو ان غريب عوام جو آهي، جنهن وٽ هن ملڪ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. اسان جي اکين آڏو هڪڙا ملڪ آزاد ٿيا آهن ۽ اهي ڏسندي ڏسندي دنيا جا تمام مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻجي ويا آهن، جڏهن ته اسان جو ملڪ وقت سان اڳتي وڌڻ بدران مسلسل پوئتي هٽي رهيو آهي. اهو حال جيڪڏهن بدستور رهيو ته آخر اسان ڪيڏانهن وينداسين؟ دنيا جا سمورا ملڪ اسان کي پناهه ڏئي نه ٿا سگهن. جڏهن اسان جي ملڪ ۾ ان قسم جا ڪلور ٿيندا هجن ته پوءِ اسان کي ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ مسافر ويزا ملڻ به مشڪل بڻجي ويندي. ان صورت ۾ اسان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ پاڪستان پنهنجن مسئلن کي گهٽائڻ بدران وڌائي رهيو آهي ۽ هن حڪومت جي مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هوءَ اقتدار جي لالچ کي ڇڏي اهو قدم کڻي جنهن سان قانون ۽ انصاف جو سر فخر سان بلند ٿي سگهي. جيڪڏهن اسان قانون ۽ انصاف جو معيار بهتر نه ڪيوسين ته بين الاقوامي سطح تي اسان جي ساک کي ڏسي اسان سان اڃان به بدتر سلوڪ اختيار ڪيو ويندو.
ملڪ جي رياست هن مهل ان موڙ تي پهتل آهي، جنهن موڙ تي تمام اهم فيصلا ڪيا ويندا آهن. اسان کي هن موڙ تي اهم فيصلا ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن اسان کي پنهنجو ملڪ بچائڻو آهي ۽ اسان کي بين الاقوامي سطح تي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري هلڻو آهي ته اسان کي ان قسم جا سمجهوتا ڪنهن به طرح سان نه ڪرڻ کپن، جنهن سان اسان جو ملڪي ڍانچو تمام گهڻو متاثر ٿئي. هڪ طرف اسان غيرملڪي سرمائيڪارن کي سڏ ٿا ڪريون ته اسان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪريو ٻئي طرف اسان ٻين ملڪن جي ملازمن کي به تحفظ فراهم ڪري نه ٿا سگهون. اسان صرف تصور ڪري سگهون ٿا ته سيالڪوٽ واقعي کان پوءِ گهڻن غيرملڪين پاڪستان ڇڏڻ جي باري ۾ سوچيو هوندو ۽ گهڻن غيرملڪين پاڪستان نه اچڻ جو فيصلو ڪيو هوندو؟ ان باري ۾ اسان کي سنجيدگيءَ ۽ ٿڌي دماغ سان سوچڻو پوندو. جيڪڏهن اسان ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ اسان کي وڌيڪ بري صورتحال جي باري ۾ تيار ٿيڻو پوندو پر اسان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اسان جنهن صورتحال مان گذري رهيا آهيون ۽ جيڪا حالت اسان جي ملڪ جي ٿي وئي آهي، ڇا ان کان بري صورتحال ٻي ٿي سگهي ٿي؟ پاڪستان جو آسودو ۽ خوشحال صوبو پنجاب آهي ۽ جيڪڏهن پنجاب ۾ اهو ماحول هوندو ته ان جا پوري ملڪ جي مٿان ڪهڙا اثر پوندا؟ اها سوچ اسان کي انهن عملن جي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جيڪي عمل اسان کي ۽ اسان جي ملڪ کي هن قاتل ڪلچر مان بچائي سگهن ٿا ۽ هن مهل اسان کي انهن عملن جي سخت ضرورت آهي.