ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ن) ليگ، پيپلز پارٽي جي وڪيٽ تي کيڏڻ لاءِ تيار)

Editorial-Article-Allahbux Rathore

موجوده ھائبرڊ نظام جي تڏا ويڙھه ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟ سمورن آپشنز تي جيترا اختلاف ۽ رساما ٿيا، اھي سڀني ڏٺا. ن ليگ جو سرواڻ ميان نواز شريف ايترو سينيئر سياسي اڳواڻ ھجڻ جي باوجود، حڪومت کي گھر ڀيڙي ڪرڻ وارن آپشنز جي خلاف مزاحمت ڪندي چوندو رھيو تھ ڪو بھ ان غلط فھمي ۾ نھ رھي تھ ڪو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ن ليگ جو ڪلھو استعمال ڪندو. ھن جو اشارو پيپلز پارٽي ڏانھن ئي ھو ۽ درست ھو. پيپلز پارٽي وري پي ڊي ايم ۾ موجودگي ۽ علحدگي تائين چوندي رھي تھ عمران خان جي حڪومت کي ڪنھن جمھوري آپشن تي عمل ڪري ئي گھر ڀيڙو ڪري سگھجي ٿو. پر ھي ڳالهھ ن ليگ جي سياسي ڪيمسٽري جي خلاف ھئي، ان سمجھيو پئي تھ واڳ ڌڻين تي دٻاءَ وجھي، ان کي نين چونڊن ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪبو، پر ھن ملڪ ۾ نڪ جي پڪي جيتري اسٽيبلشمنٽ آھي، شايد ڪو ھجي! واڳ ڌڻي، آخري بال تائين کيڏڻ جا عادي آھن، توڙي جو کين خبر ھوندي آھي تھ سياسي ميدان ۾ انھن جي دال ڳرڻ واري ناھي، انڪري عزت سان ميدان ڇڏين، پر عزت ڪٿي ٿي راس اچي!
عمران خان جي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ن ليگ جي جن سينيئر اڳواڻن ئي اعتراض واريا. انھن ۾ شاھد خاقان عباسي سرفھرست ھو، ھو توڙي جو ظاھري طور تي ھارڊ لائينر لڳندو آھي،پر ھن جي فيملي ٽري ۽ سياسي جينز خاڪي آھي، انڪري ھو ڦري ڦري اتي ئي ويندو آھي، جتان ھن جي سياسي ڪيمسٽري جي شروعات ٿئي ٿي. ھن ھڪ نھ پر ڪيترائي ڀيرا چيو تھ جيستائين واڳ ڌڻي عمران خان جي پٺڀرائي نٿا ڇڏين يا نيوٽرل نٿا ٿين، حڪومت جي خلاف ڪنھن بھ آپشن تي عمل ڪري نٿو سگھجي. ھن عوامي مزاحمتي طاقت جي ذريعي عمران خان يا واڳ ڌڻين جي خلاف محاذ کڙا ڪرڻ تي زور نھ ڀريو آھي. ان جي ابتڙ مولانا فضل الرحمان ھميشھ طاقت جي ذريعي واڳ ڌڻين ۽ انھن جي جوڙيل ھائبرڊ نظام کي ڊاھڻ جون ڳالھيون ڪندو رھيو آھي. ھن جو موقف رھيو آھي تھ عمران خان جي حڪومت ڌانڌلي جي ذريعي ناجائز طريقي سان اقتدار ۾ آئي، انڪري ان کي جيستائين گھر ڀيڙو نٿو ڪيو وڃي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام نھ ايندو. ھن سڀني کان پھريان اسيمبلين ۾ حلف کڻڻ جي مخالفت ڪئي، ان کانپوءِ ھن لانگ مارچ ڪري اسيمبلين تان گڏيل استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پي ڊي ايم ٺھڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ۾ اختلاف ئي ان ڳالھه تي رھيا آھن تھ اسيمبلين مان استعيفائون ڏجن يا نھ؟ اھي ئي اختلاف ھئا، جن پي ڊي ايم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. پيپلز پارٽي جي اتحاد مان نڪرڻ کانپوءِ ان تي تير بھ وسايا ويا. ان دوران سنڌ ۾ ڪيپٽن صفدر کي رات جي اونداھي ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ مريم نواز جي تذليل ڪرڻ وارو ڊرامو بھ سامھون آيو، جنھن دوران سنڌ پوليس، ن ليگ جي ٻنھي اڳواڻن جي خلاف ڪو قدم کڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي ان وقت جي آءِ جي سنڌ کي طاقتور ڌرين اغوا ڪيو. آءِ جي اغوا وارو معاملو گھڻو اڳتي ويو، جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ آرمي چيف کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ جيڪي آفيسر ان عمل ۾ ملوث ھئا، انھن کي سنڌ بدر ڪيو ويو. پ پ کي خاطري ڪرائي وئي تھ آئنده ائين نھ ٿيندو، ان سان گڏ پ پ ۽ واڳ ڌڻين جي وچ ۾ نون لاڳاپن جي شروعات ٿي. ھي پ پ لاءِ ٽرننگ پوائنٽ بھ ھئي، جنھن ھڪ طرف پ پ کي پي ڊي ايم کان الڳ ڪيو تھ ٻئي طرف پ پ سمجھي ورتو تھ واڳ ڌڻي، عمران خان جي حڪومت لاءِ ڪجهھ بھ ڪري سگھن ٿا، انڪري ان کي ائين مات ڏئي نٿي سگھجي، جيئن ن ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان چاھين ٿا.
ن ليگ جي سربراھه ميان نواز شريف ۽ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي وچ ۾ ڪيترائي رابطا ٿيا ۽ عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو. ھڪڙو اھڙو موقعو آيو، جو پيپلز پارٽي جي قيادت دعويٰ ڪرڻ شروع ڪئي تھ عمران خان جي حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ سموريون پارٽيون ھڪ ئي پليٽ فارم تي اچي ويون آھن. بلاول تھ يقين سان چوڻ لڳو تھ عمران خان جي طاقت پنجاب ۾ آھي، ڇو نھ تبديلي جي شروعات اتان ڪجي؟ ان جو مطلب ھو تھ پھريان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي گھر روانو ڪجي. ان لاءِ چوڌري ڀائرن سان بھ ڳالھيون آخري مرحلي ۾ پھتيون. انھي جوڙ توڙ دوران ن ليگ ۽ ق ليگ ھي سوال اٿارڻ شروع ڪيا تھ جيڪڏھن انھن بوزدار کي گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو تھ انھن کي ڪيترو ثواب ملندو؟ انڪري ٻنھي اھم پارٽين ۾ وڏ وزارت تي معاملا اختلافن جو شڪار ٿيا. ق ليگ يو ٽرن وٺي عمران خان جي حمايت جاري رکڻ جو فيصلوڪيو ۽ ن ليگ تھ ايترو بھ چيو تھ جيڪڏھن کين وڏ وزارت جي ڪرسي نٿي ملي تھ ھو چوڌرين کي ڪلھي تي ڇو کڻن؟ پيپلز پارٽي سمجھيو پئي تھ وڏ وزارت جنھن بھ ڌر جي حصي ۾ اچي، ان سان عمران خان جي طاقت ختم ٿي ويندي ۽ ھو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ رھي نھ سگھندو. پر اھا اسڪيم ناڪام ٿي وئي. سمورين ڌرين ساڳي پگھار تي واڳ ڌڻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پيپلز پارٽي بھ پنھنجي سنڌ ۾ حڪومت بچائي، پنھنجي انداز سان سياست ڪرڻ جاري رکي. پ پ جي سياسي انداز ۽ جوڙ توڙ تي ڪيترائي اعتراض واري سگھجن ٿا، پر جنھن وقت آپشنز محدود ٿي وڃن تھ پوءِ يا طاقتور سان ملي وڃڻ يا وري ان جي ڀر وٺي بيھڻ کانسواءِ ڪوبھ گس نھ بچندو آھي.
پيپلز پارٽي پي ڊيم ايم کان ٻاھر نڪرڻ کانپوءِ واڳ ڌڻين جي وڌيڪ ويجھو ٿي وئي، ايستائين جو ڪجھه معاملن تي انھن جنھن وزير اعظم کي سليڪٽو چيو ٿي، ان جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھه تھ اتاولو نظر آيو تھ ڪنھن بھ طريقي سان وزير اعظم سان ملاقات ٿي وڃي. سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير کي بھ ھڪٻئي سان پريم لاڳاپا قائم ڪرڻ جي نيڪ جذبن جو اظھار ڪندي ڏٺو ويو. ڪجهھ وفاقي وزيرن جن ۾ اسد عمر ۽ ٻيا شامل ھئا، انھن بھ پ پ قيادت سان Engagments وڌائڻ شروع ڪيون، علي زيدي، جيڪو پ پ جي حوالي سان وڌيڪ ھارڊ لائينر نظر آيو، ان کي بھ پ پ جا وزير علي ڀائي علي ڀائي چئي، اڳيان پٺيان گھمندا رھيا، پر واڳ ڌڻين اھڙين پريم ڪھاڻين ٺاھڻ جي اجازت نھ ڏني يا وري پي ٽي آءِ حڪمت عملي تحت سڀ ڪجهھ ڪرڻ کانپوءِ پ پ کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو.!
ھن سفر دوران جيئن ئي پ پ پي ڊي ايم کان نڪتي تھ ان پنھنجي سياسي اڪيلائي کي ختم ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري طاقت جي سرچشمي اسٽيبلشمينٽ سان اک اڙائڻ جو عمل تيز ڪيو. نتيجو اھو نڪتو تھ پ پ جنھن تيزي سان عمران خان جي مخالفت ڪئي پئي، ان ۾ ٿڌائپ محسوس ٿي. ان سان گڏ اسيمبلين جي ذريعي يا بي اعتمادي جي ووٽ ذريعي عمران خان کي گھر ڀيڙي ڪرڻ وارو آپشن بھ متروڪ ٿي ويو. ھاڻ بھ پيپلز پارٽي خاموش آھي، پر ن ليگ جو خيال آھي تھ اھا عمران خان کي گھر روانو ڪرڻ لاءِ بي اعتمادي جي رٿ وارو آپشن استعمال ڪندي! شھباز شريف جو چوڻ آھي تھ ھو ان آپشن تي مخالف ڌر جي ٻين پارٽين سان ڳالھائيندا، جنھن جو سڌو مطلب ھي آھي تھ ھو پ پ سان ان معاملي تي ڳالھيون ڪندا. ن ليگ جو پلان ھي آھي تھ خورشيد شاھه فارمولي تي عمل ڪجي، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ڇھن مھينن کان ڏيڍ سال تائين عبوري حڪومت قائم ڪجي، اھا ئي حڪومت چونڊ سڌارن سميت مختلف معاملن تي پلان تيار ڪري ۽ نيون چونڊون ڪرائي وٺجن. بقول ن ليگ جي تھ جيڪڏھن چونڊ عمل شفاف ھوندو تھ اھي ئي اقتدار ۾ ايندا.
ن ليگ جو خيال آھي تھ انھن کي واڳ ڌڻين جي صفن مان اھڙا اشارا ملي چڪا آھن تھ اسٽيبلشمنٽ ھاڻ عمران خان جي ھولي سولي حمايت نھ ڪندي، مخالف ڌر کي بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ڪرڻ لاءِ 20 کان 25 ايم اين ايز جي ضرورت ھوندي، ان جو بندوبست ٿي ويندو. اھي ايم اين ايز جيڪي بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آھن، انھن پنھنجي سياسي مستقبل جي ضمانت گھري آھي، جيڪا ن ليگ ڏئي ڇڏي آھي. ھاڻ تھ راڻا ثناءَ اللھ بھ چئي ڇڏيو تھ ھو ترين سان گڏجي عمران خان کي گھر روانو ڪري سگھن ٿا. جنھن تي تبصرو ڪندي ھڪ باخبر صاحب ايترو بھ چيو تھ ترين ۽ ان جي ساٿين پھريان بھ عمران خان جي حڪومت خلاف اھڙي ڪوشش ڪئي ھئي، پر اھا ڪامياب ٿي نھ سگھي. بقول ھن جي واڳ ڌڻين نٿي چاھيو تھ عمران خان گھر ڀيڙو ٿئي، ھاڻ صورتحال تبديل ٿي وئي آھي. انڪري واڳ ڌڻي بھ تماشو ڏسڻ گھرن ٿا. ڏسڻو ھي آھي تھ پيپلز پارٽي، ن ليگ جو ساٿ ڏئي ٿي يا نھ؟ جيڪڏھن انھن عمران خان کي گھر روانو ڪرڻ لاءِ ساٿ نھ ڏنو تھ ان جي قيمت ٻنھي ڌرين کي ادا ڪرڻي پوندي، ھاڻ نيب جي نئين چيئرمين جي بھ ڳولا شروع ٿي وئي آھي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button