ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جاتي ۾ گرلس ڪاليج جي پلاٽ تي قبضو

Editorial

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ تعليم جي جيڪا صورتحال آهي، ان کان اسين سڀ واقف آهيون پر سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال ڪجهه وڌيڪ خراب نظر اچي ٿي. خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم سنڌ ۾ خراب حالت ۾ آهي، ان جو ڪو هڪ سبب ناهي. ڪيترائي خاندان ڇوڪرين کي تعليم پرائڻ کي عيب سمجهن ٿا، ان کانسوا ڇوڪرين جي اسڪول يا ٻين تعليمي ادارن تائين رسائي به هڪ سبب آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب به ڇوڪريون تعليمي ادارن جو منهن نٿيون ڪن. ان کانسوا جيڪي اسڪول يا ڪاليج ڇوڪرين جي تعليم لا منظور ٿيا هئا، انهن جو ڪم به رولڙي جو شڪار آهي. انهن سڀني سببن جي ڪري ڇوڪرين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. جاتي جهڙي شهر ۾ گرلس ڪاليج جي اڏاوت جو ڪم گذريل اٺن سالن کان متاثر لڳو پيو آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب جاتي ۾ گرلس ڪاليج جي اڏاوت جو ڪم 8 سالن کان مڪمل نه ٿي سگهيو. ٺيڪيدار گل حسن سمون ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو. قبضا مافيا اڏاوت هيٺ رهندڙ گرلس ڪاليج جي پلاٽ جي چوديواري ۾ غير قانوني قبضا ڪري پڪا گهر تعمير ڪرڻ سان گڏ ڪچيون جهڳيون ۽ دڪانن جون ڊي پي سيون ٺهرائي لکين روپين ۾ پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ ھائير سيڪينڊري اسڪول جي ھيڊ ماستر پيار علي خواجا ٻڌايو ته اسان ڪاليج جي پلاٽ تي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻھن کي ڇا ٿا ڪري سگھون. اسان وٽ اڏجندڙ گرلس ڪاليج جي پلاٽ جا ڪاغذ ناھن، اسان کي چوديواري جي حدن جي ڪا خبر ناھي، باقي گرلس ڪاليج جو اڏاوتي ڪم 2013 ۾ شروع ڪيو ويو هو. ڪاليج جي عمارت جو بنياد پوڻ کانپو ٺيڪيدار گم ٿي ويو. ھوڏانھن سياسي سماجي اڳواڻن اڪبر ڪنڀار، خليفا محمد عمر قريشي، مولا بخش ٿھيم، حاتم لوھار، صابر کٽي، جمن ملاح، عادل لغاري ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ھيڊ ماستر ۽ بااثر قبضا مافيا جي ملي ڀڳت سان گرلس ڪاليج جي اڳوڻي رڌڻي ۽ ڊائنگ ھال جي وسيع پلاٽ تي غيرقانوني قبضو ڪري عمارت ٺھرائي ڇڏي آھي. ڪاليج جي چوديواري ۾ غيرقانوني قبضا ڪيا پيا وڃن. پ پ جو بااثر ٺيڪيدار گل حسن سمون گرلس ڪاليج جي اڏاوتي ڪم جا ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري 8 سالن کان گم آھي. ھنن چيو ته 2 لک 30 ھزار آبادي جي تعلقي جاتي ۾ گرلس ڪاليج جي ڪا به سھولت ناھي، جنھنڪري ھزارين نياڻين جي تعليم تباهه ٿي رھي آھي. مٿان وري ڏوڪڙن عيوض گرلس ڪاليج جي پلاٽ کي ٽڪر ٽڪر ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته گرلس ڪاليج جي عمارت جي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائي ڪاليج جو رولڙي جو شڪار ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.
هن سڄي صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تعليم کاتو ۽ اسان جا شهري تعليم جي شعبي ڏانهن ڪيترا سنجيده آهن. جنهن شهر ۾ گرلس ڪاليج جي ضرورت آهي، ان جي اڏاوت ۾ هر قسم جي رنڊڪ وڌي پئي وڃي. جنهن جي نتيجي ۾ اهو ڪاليج ٺهڻ مشڪل آهي ۽ هي ڪاليج سرڪاري زمين تي ٺهي رهيو آهي، جنهن تي اتان جا بااثر ماڻهو قبضا ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن قبضن جو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو ته پو ڪاليج جي سڄي زمين قبضي گيرن وٽ هلي ويندي ۽ ڇوڪرين لا تعليم پرائڻ به مسئلو ٿي ويندو. حڪومت جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ گرلس ڪاليج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي ته اها ڪنهن غنيمت کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته اتان جون ڇوڪريون پڙهي پونديون ۽ انهن جو ايندڙ وقت سٺو گذرندو پر مجموعي طور قبضي واري نفسيات اسان کان پنهنجا ئي تعليمي ادارا کسي رهي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو تعليم کاتو ان سڄي معاملي جي جاچ ڪري ۽ جيڪو ٺيڪدار گذريل اٺن سالن ۾ ڪاليج جو ڪم پورو نه ڪري سگهيو آهي. ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾دير نه ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button