مٺي جيئن نالي مٺي آهي، تيئن تاريخي ۽ اهميت واري آهي. هڪ ته ان جو بنياد وجهندڙ هڪ عورت نالي مٺي آهي جنهن دل جان سان هن شهر جو بنياد وڌو، تيئن هي شهر ويراوير وڌ آهي. ٻيو ته هن شهر ۾ جيڪي ماڻهو به جتان جتان اچي آباد ٿيا، تن ۾ سماجي ۽ مذهبي هم آهنگي تمام گهڻي رهندي آئي آهي. درگاهون، مندر، درٻار، اوٽو، مڙهيون جوڙي سجوڙي آهن. هن شهر ۾ اسڪول ته ويهين صديءَ جي شروعات کان هئا پر ڪاليج ويهين صديءَ جي آخري چوٿائي ۾ اچي کُليو جنهن جو باني پرنسيپال هڪڙو فقير منش انسان پروفيسر ڊاڪٽر محمد مسعود هو جنهن سڄي ڄمار علمي ۽ عملي طور تصوف ۽ علم جو پرچار ڪيو. سندس علمي پورهيي کي ڏسجي ٿو ته اهو مقدار توڙي معيار ۾ تمام ڳرو ۽ ڳردار آهي. سندس چيل ڳالهين ۽ لکيل ڪتابن ۾ سمايل دل جي داستانن جي تار ڇيڙجي ته دل جي تارن کي ڇُهي ٿي. سندس علم ڪاڳر ڪور کان مٿاهون آهي، جنهن جو پيرو اکرن جُڙڻ واري ماڳ ڏانهن وڃي ٿو. علم ۽ عمل جو اهڙو سنگم ٿورڙن ماڻهن جي نصيب ۾ اچي ٿو. مون سندس لکت پهريون ڀيرو اردوءَ جي رسالي “ضيائي حرم ” ۾ “حيرت ڪده مٺي” جي عنوان سان قسطوار پڙهي، جيڪا پوءِ “سفرنامه مٺي” جي نالي سان نروار ٿي. انهي لکت ۾ هن جيئن انسان جي مادي وجود ۽ روح جي رشتي کي بيان ڪيو آهي، جيئن تعليم جي سرشتي ۽ انسان جي تعليمي ڪردار کي بيان ڪيو آهي، جيئن مٺيءَ جي انهي دور جي حالتن کي بيان ڪيو آهي، جنهن رواداري ۽ مذهبي هم آهنگيءَ جي ماحول جي گفتگو ڊاڪٽر مسعود صاحب ڪئي آهي تنهن مان سندس علمي ۽ عملي بصيرت جهلڪي ٿي ته کيس ٿر جي ماڻهن سان ڪيترو نه پيار هوندو هو. پيار ڪيئن نه هوندو، هو سچو پچو صوفي انسان هو، جنهن نه رڳو 1930ع ۾ دهليءَ ۾ مفتي اعظم هند مفتي مظهرالله عليه رحمته جن جي گهر ۾ اک کولي، کانئس ابتدائي تعليم پرائي ۽ تصوف جا پهريان سبق ورتا پر اڳتي هلي حضرت محمودالوري (حيدرآباد سنڌ) کان ۽ درگاه نورائي شريف سنڌ جي سيد زين العابدين شاه قادري جن کان بيعت حاصل ڪئي ۽ هو ٻنهي سلسلن يعني نقشبندي ۽ قادري ۾ داخل ٿيو ۽ اڳتي صاحب بيعت ٿيو ۽ سندس پهريون مريد مولوي عطا محمد درس ٿيو. سندس چوڻ آهي ته “انساني جسم مڪان جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي پر سندس روح انهن پابندين کان پري آهي. روح جو هڪ ئي رنگ آهي”. هو 1948ع ۾ لڏي پاڪستان آيو ۽ تعليم جاري رکندي، ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان گولڊ ميڊل سان ڪيائين. 1971ع ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جي نگرانيءَ ۾ “اردوءَ قرآني ترجما ۽ تفسير” جي عنوان هيٺ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. پاڪستان جي حڪومت کيس 1992ع ۾ اعزاز فضيلت جي اعزاز سان نوازيو. ساڳي سال پاڪستان انٽيليڪچوئل فورم به کيس ايوارڊ ڏنو. 1991ع ۾ امام احمد رضا انسٽيٽيوٽ پاران پڻ ايوارڊ ڏنو ويو. پاڻ ليڪچرر طور ڪاليج جي تعليم کاتي ۾ داخل ٿيا ۽ پروفيسر طور ويهين گريڊ ۾ سکر جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ پوسٽ گريجويٽ سينٽر مان 1992ع رٽائرمينٽ ورتائين. پاڻ پرنسيپال ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري پڻ رهيو. مٺي ڪاليج جو فائيل کيس هٿ ۾ ڏئي روانو ڪيو ويو ۽ هن پهرين نومبر 1974ع تي دخلڪار ٿي ڪاليج جي قيام لاءِ جانفشانيءَ سان ڪوششون وٺڻ ۽ قدم کڻڻ شروع ڪيا. هن ڪاليج کي شروع ڪري، پرجوش نموني هلايو ۽ چار سال خدمتون سرانجام ڏيڻ کان هتان ڊسمبر 1978ع ۾ بدلي ٿيو.
تحقيق ۾ سندس وڏو نالو آهي. هن 1958ع ۾ تحقيقي مقالا لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ننڍي کنڊ جي موقر جريدن ۾ ڇپجڻ لڳا ۽ 1966ع کان سندس شمار ناميارن محققن ۾ ٿيڻ لڳو. هن 1970ع کان امام احمد رضا بريلويءَ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1992ع تائين مٿس 30 ڪتاب، 120 آرٽيڪل ۽ 50 مهاڳ لکيا. انهن مان ڪجهه اهم ڪتاب هي آهن: نيگليڪٽڊ جينيئس آف دي ايسٽ (1978ع)، حيات مولانا امام احمد رضا خان بريلوي، (1981)، دائره معارف امام احمد رضا (1981ع)، امام احمد رضا اور علومِ جديده و قديمه (1990ع). هن امام احمد رضا عليه رحمته جن تي تحقيق ڪندڙن جي رهنمائي ڪئي. تن ۾ اوشا سانيل (ڪولمبيا يونيورسٽي)، ڊاڪٽر بابرا مڊڪيف (برڪلي يونيورسٽي )، پروفيسر غياث الدين (برمنگهم يونيورسٽي ) پروفيسر مجيدالله قادري (ڪراچي يونيورسٽي) ۽ جي ايم ايس بلجون (ليڊن يونيورسٽي هالينڊ) شامل آهن. بين الاقوامي سلسلي جا 12 ڪتاب انگريزيءَ ۾ تصنيف ٿيل جيڪي هن موجوده وقت جي نوجوانن کي اسلامي شعور ڏيڻ لاءِ لکيا. انهن مان ڪجهه هي آهن: “ريسپيڪٽ اينڊ ريورنس”، اسپرچوئل سگنيفيڪينس آف افنٽي”، “اسلامڪ اڪنامڪ سسٽم”، “ٽالرنس” وغيره. هن پنهنجي والد بابت چار ڪتاب، مواعظ مظهري (1969)، فتاوى مظهري (1970ع)، حيات مظهري 1974ع ) ۽ مڪاتيب مظهري ٻه جلد (1999ع) لکيا.
هن وحدت الشهود جي باني شيخ احمد سرهندي المعروف مجدد ثاني رحمت الله عليه بابت “سيرتِ مجدد الف ثاني (1976ع)، حضرت مجدد الف ثاني: حالات و افڪار خدمت (1995ع )، “دي انفليوئنس آف شيخ مجدد الف ثاني آن ڊاڪٽر محمد اقبال (1996ع )، “مجددِ هزاري دوئم (1997) لکيا. ان کانسواءِ هن اسلام ۽ اسلامي تصوف سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي 15 کن ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه هي آهن: حضرت شاه محمد غوث گوالياري (1964ع)، موجِ خيال 1977(ع )، محبت ڪي نشاني (1980ع)، آداب و بي ادبي (1984ع )، جان ِ جانان (1989ع)، مڪتوباتِ قاضي احمد (1997ع ) وغيره.
پروفيسر محمد مسعود کي “مسعودِ ملت” پڻ ڪوٺيو ويو. سندس زندگيءَ بابت احوال لکندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر سيد محمد عارف، آر بي مظهري، پروفيسر نبيله اسحاق، محمد عبدالستار طاهر، ڊاڪٽر عبالنعيم عزيزي، ڊاڪٽر اعجاز انجم لطيفي ۽ پروفيسر امير خان شامل آهن. سندس لکت اڪثر اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ آهي پر سندس ڪتاب عربي، فارسي، فرانسيسي، ڊچ، سنڌي، هندي، گجراتي ۽ بنگالي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل ملن ٿا. سندس تعليم جو دائرو نه رڳو ننڍي کنڊ تائين هو پر ان سان گڏوگڏ ڏکڻ افريقا، ڪينيڊا، آمريڪا، يورپ ۾ به سندس ڪتابن کي پڙهيو ويندو هو. سندس مريد توڙي خليفا ڪافي انگ ۾ آهن. هن سومر جي ڏينهن 28 اپريل 2008ع تي لاڏاڻو ڪيو کيس ماڊل ڪالوني ملير جي قبرستان ۾ ڌرتيءَ حوالي ڪيو ويو.
اهڙي علمي شخصيت کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ضروري هو ته گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي ۾ سندس نالي سان ڪا يادگيري هئڻ گهرجي جنهن لاءِ مون پنهنجي پياري دوست ۽ ڪاليج جي انتهائي ايماندار پرنسيپال ۽ طبيعيات جي اُستاد پروفيسر ڪيلاش واسو کي گذارش ڪئي ته ڪاليج ۾ قائم ٿيندڙ ڊجيٽل لائبريريءَ کي پروفيسر محمد مسعود صاحب جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. سموري اسٽاف انهي تجويز کي ساراهيندي حمايت ڪئي ۽ ڊجيٽل لائبريري “پروفيسر ڊاڪٽر محمد مسعود” جي نالي سان منسوب ٿي. هڪ اهڙي يادگار ۾ تبديل ٿي ويئي جنهن جي علمي ثمر مان، هن ڪاليج جي شاگردن سميت جڳ جهان لاڀ پرائيندو، ڇاڪاڻ جو ٻوٽو ٻج مان اُڀري ٿو ۽ جنهن نالي سان هيءَ لائبريري آهي، ان شخص جو وڏو علمي ڪم آهي ۽ هن جن هٿن سان هن ڪاليج جو بنياد رکيو تنهن اڄ ڪاليج کي هڪ وڏي گلستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هر سال ڪيترائي شاگرد پڙهي نڪرن ٿا ۽ اڳتي تعليم مڪمل ڪري سماج جي سرگرم خدمتگاريءَ جو حصو ٿي وڃن ٿا. سفرنامه مٺي مان ڪجھه سٽون هت ڏجن ٿيون، جنهن مان پروفيسر ڊاڪٽر محمد مسعود جي علمي ۽ ادبي بصيرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
مٺيءَ جي نالي بابت لکي ٿو….
“ھا، ته مٺي انتهائي پيارو نالو آھي”
ڪاليج جي شروعات بابت…..
“جڏهن هتي آيس ته ڪاليج جو رڳو نالو ئي هو، ڪاليج نه هئي.”
ڇڪڙي جي سفر بابت …
“سفر ڪيم ته ايئن سمجهيم ته شھادت لا محاذ تي وڃي رهيو آھيان.۔ ٽرڪ جي ٽينڪ جهڙو آواز سندم شوق شھادت کي وڌايو ۽ وڏو مزو آيو۔”
“هن ٽرڪ کي ٻه ڊرائيور هلائين ٿا، هڪڙو اسٽيئرنگ کي هٿ وس رکي ٿو ۽ ٻيو بريڪ لڳائي ٿو ۽ گيئر بدلائي ٿو. خالص ديسي انتظام آھي. انهن سان گڏ وهڻ جو مون کي شرف حاصل ٿيو آھي. ان ڪري هي اکين ڏٺيون حقيقتون آھن.”
هتان جي تهذيب بابت …..
“هتي جي تهذيب پراڻي آھي۔ زمين تي فرش ۽ فروش۔ ڪٿي قالين، ڪٿي دريون، ڪٿي چانڊوڪيون۔ رکي سکي کائين”.
اهڙن املهه احساسن کي ڀلوڙ لفظن ۾ بيان ڪندڙ شخص جي علمي گهرائي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.