سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ واپاري جو بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڪنگا باءِ پاس علائقي واسي واپاري مائٽن ۽ مزدورن سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. نظير احمد عباسي پنهنجي ڀائر غلام شبير عباسي سميت مزدورن فياض ڪارڙو، رحيم چانڊيو، علي حسن چانڊيو، ستار ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن بااثر عبدالغني بروهي عرف چيف مينگل هٿياربند ساٿين منير بروهي، گل حسن بروهي، عباس بروهي سميت 20 ڄڻن سان دڪان تي چڙهائي ڪري 40 لک ڀتو طلب ڪيو، انڪار تي سخت تشدد ڪندي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دڪان ۾ پيل 5 لک کڻي ويا آهن. واقعي جي اين سي ڪنگا ٿاڻي تي داخل ڪرائي، پر پوليس ڪا ڪارروائي ناهي. الزام هيٺ آيل عبدالغني بروهي عرف چيف مينگل ٻڌايو ته نظير عباسي جا لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ رتوديرو باءِ پاس وٽ نظير احمد عباسي ۽ سندس دلالن معرفت غلام حيدر ابڙو کان 28 ڪروڙ ۾ 18 جريب زمين خريد ڪئي، جنهن مان 2 ڪروڙ ادا ڪري چڪو آهيان، باقي رقم هر ڇهين مهيني ڏيڍ ڪروڙ ڏيڻي آهي، مان سودو ڪرائيندڙ نظير عباسي ۽ ٻين کي 20 لک ڪميشن ڏئي چڪو آهيان، ان باوجود تعميراتي ڪم کان روڪڻ غلط عمل آهي پر سودو ڪرائيندڙ نظير عباسي ۽ ٻيا معاملي کي تڪراري بڻائڻ چاهين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button