سنڌ

لاڙڪاڻي جي ساڃاهه وندن سرڪاري اسڪول کي 40 هزار جو سامان ڏنو

لاڙڪاڻي جي ساڃاهه وندن سرڪاري اسڪولن کي فرنيچر، سولر ۽ راندين جو سامان ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پروفيسر ڊاڪٽر عرفان علي تنيو ۽ قائد عوام يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سندس ٽيم لاڙڪاڻي جي پوليس لائين ۾ واقع گورنمينٽ بوائز پرائمري ڪليڪٽوريٽ اسڪول کي 40 هزارن جو سامان ڊونيٽ ڪيو، جنھن ۾ ٻارڙن لاءِ فرنيچر، ڪتاب، سولر پليٽ ۽ راندين جو سامان شامل آهي، رنگ ۽ روغن ڪرڻ سان گڏ گرائونڊ ۾ ٻوٽا پوکيا ويا. ان موقعي هيڊ ماستر شاهد شاهه ڳالھائيندي چيو ته هو پروفيسر ڊاڪٽر عرفان علي تنيو جا ٿورائتا آهن، جن سرڪاري اسڪول جي مدد ڪري تعليم دوستي جو ثبوت ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button