سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران مفت اکين جي ڪئمپ

لاڙڪاڻي ۾ عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران گورنمينٽ ها اسڪول وليد ۾ لڳايل مفت اکين واري ڪئمپ جو افتتاح ايم پي اي معظم علي عباسي ڪيو. ڪئمپ ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽرن دبير عالم، ڊاڪٽر فياض عباسي، ڊاڪٽر محمد خان شيخ ۽ ڊاڪٽر الله ڏنو تونيو پهرين ڏينهن 560 مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون. طبي ڪئمپ ۾ اڄ 170 مريضن جا آپريشن ڪيا ويندا. ان موقعي تي ايم پي اي معظم علي عباسي چيو ته هن ڪئمپ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، ڪئمپ جو بنياد منهنجي والد حاجي منور علي عباسي وڌو هو اسان پنهنجي برادري جي سهڪار سان مفت اکين جي ڪئمپ هر سال لڳرائيندا رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button