سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ فوتي نينگر جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ مراد واهڻ پاڙي جي رهواسين دڙي ٿاڻي تي نينگر جميل بروهي جي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ٻئي ڏينهن به جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نور شاهين جسڪاڻي، ڪونج خاتون، روبينا جسڪاڻي، بختاور جسڪاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پاڙي ۾ رهندڙ جميل بروهي جو 27 نومبر تي موٽرسائيڪل تي ون ويلنگ ڪندي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي اسپتال ۾ 4 ڊسمبر تي فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن غلام پرور ۽ فياض جسڪاڻي تي جميل بروهي جو قتل ڪيس داخل ڪرايو ، ان کان اڳ نينگر جميل جو ڀاءُ سمير بروهي بيماري وگهي فوت ٿيو، پر وارثن اسان جي ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين، عدالت ، نزاڪت جسڪاڻي ۽ ٻين تي ڪوڙو قتل ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ ٻه عدالت ۽ نزاڪت چئن مهينن کان جيل ۾ آهن، پوليس انڪوائري ۾ اسان بي ڏوهي ثابت ٿيا آهيون، ان باوجود فوت ٿيل ڀائرن جا وارث پريشان ڪري رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي نينگر جميل بروهي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي اسان تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button