سنڌ

لاڙڪاڻي واسي نوجوان جو مامي جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني واسي نوجوان مامن جي مبينا زيادتين خلاف پيٽرول کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان فضل محمد ڪلهوڙي دانهيندي چيو ته اسان اصل نصيرآباد جي ڳوٺ باغ ڪلهوڙو جا رهواسي آهيون، پر ڪجھه وقت کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهيون. هن الزام لڳايو ته مامي بااثر منظور ڪلهوڙو مرحوم ناني فقير هاشم جي 300 جريب زرعي زمين ۽ لاڙڪاڻي ۽ نصيرآباد ۾ ٽن رهائشي جڳهن تي قبضو ڪيو آهي، ملڪيت ۾ منهنجي ما حنيفان خاتون ۽ ماسي اسلام خاتون برابر جون حصيدار آهن پر بااثر مامي منظور منهنجي ما ۽ ماسي کي گهران ڪڍي مرحوم ناني جي ملڪيت مان حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته بااثر مامي خلاف ڪارروائي ڪري ناني جي ملڪيت مان حصو ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button