ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اينٽي ڪرپشن کاتي مان عوام ڪيئن لاڀ ماڻي سگهي ٿو

Editorial-Article- Mir Nadir Ali Abro

اڄ پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اينٽي ڪرپشن جو عالمي ڏينهن وڏي پئماني تي ملهايو پيو وڃي. انهي حوالي سان مختلف پروگرام به ٿي رهيا آهن، جن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ بابت ويچار ونڊيا ويندا ۽ ماڻهن کي اهو ٻڌايو ويندو ته اصل ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي ڇا؟ هن جو ڪم ڪهڙو آهي ۽ توهان انهيءَ مان ڪهڙي نموني فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا.
حقيقت ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي ئي بي پهچ ماڻهن لاءِ، پر مسئلو اهو آهي ته اهي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين هن کاتي مان بهتر طور نتيجا ناهن حاصل ڪري سگهيا. ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جو غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو هن کاتي تائين پهچي ئي نٿو ۽ هُن کي اها خبر ناهي ته هو ڪهڙي ريت کاتي مان فائدو وٺي سگهي ٿو. مون اينٽي ڪرپشن جو نالو سن 1977ع ۾ ٻڌو هو، جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن هو ۽ پاڻ اڪثر ڪچهري ۾ دوستن کي اهو چوندو هو ته جيڪڏهن انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها. مون کي ته اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر لکن جا لک مال غنيمت سمجهي اهڙي نموني هضم ڪيو وڃن ڄڻ ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجي. بابا سائين پنهنجو وارو وڄائي ويو انهي وقت مان ٻار هئس ۽ سندن جي ڪيل ڳالهه چڱي طرح سمجهي نه سگهيس پر خدا جي قدرت جو 1993ع ڌاري لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ مون وڪالت شروع ڪئي ته 1994ع ڌاري ايل ايل بي جي بنياد تي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڀرتين لاءِ اشتهار آيو، مون پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندي ميرٽ تي پاس ٿيس. ٽريننگ وغيره ڪري 1998ع ۾ بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ ۾ منهنجي مقرري ٿي. شهدادڪوٽ شهر منهنجو اباڻو ڳوٺ به هو، تنهن لاءِ غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اهميت هوندي هئي. تڏهن مون کي بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا چيل مٿيان لفظ ياد پيا ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هيءَ واحد کاتو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪري ته غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جون دعائون کيس الائي ڪٿي پهچائي ڇڏين.
شهداد ڪوٽ کان پوءِ منهنجي بدلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪل آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر نواب شاهه (شهيد بينظير آباد) ڊويزن آهيان. لکڻ جو مقصد فقط هيءَ آهي ته سنڌ جي عوام کي اها ئي خبر ناهي ته جيڪڏهن ان سان ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃن؟ پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن پيرن ۽ ميرن جا پير وڃي جهليندا آهن يا وري ڪنهن وڪيل معرفت وڃي ڪنهن آفيس يا ڪورٽ وغيره تائين پهچڻ جي ڪوشش وغيره ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي مسڪين پيرين اگهاڙا سالن تائين پيا پريشان ٿيندا آهن پر جيڪڏهن اهي ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃڻ بدرانِ اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني (ڪاغذ) تي ڪنهن سرڪاري آفيسر يا ملازم طرفان ساڻن ٿيل زيادتيءَ جي حوالي سان لکي ڏين ته انهن جو ڪم هوند بنا ڪنهن منٿ ۽ ايلاز جي ٿي پوي. انهي لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري ڪي پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري هڪدم ايف آءِ آر ڪٽڻ لاءِ لکندا آهيون. ايف آءِ آر ڪٽڻ جي اجازت پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر 9 گريڊ کان 16 گريڊ تائين ڊويزن ڪمشنر ۽ 17 گريڊ کان مٿين لاءِ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ اجازت ڏيندو آهي. ايف آءِ آر ڪٽڻ کان پوءِ جانچ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي ريت هڪ ڀيرو وري ٻيهر پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي.انهي سڄي ڪم ۾ وقت ضرور لڳندو آهي پر فريادي (عرضدار) جو ڪم (ڪيس) مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو آهي.
گهڻو ڪري عوام ۾ اهو تاثر هوندو آهي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي اسان درخواست ڏني آهي، ڪافي وقت ٿي ويو پر اڃان ڪجهه به ڪونه ڪيو اٿن. اها بلڪل حقيقت آهي پر انهيءَ دير ٿيڻ ۾ فريادي جو ڪيس به تمام گهڻو مضبوط ٺاهيو ويندو آهي. اسان وٽ عام پوليس وانگر لٺ واري ڳالهه ئي ڪانهي. اسان وٽ آهي قلم جي ۽ حق واري ڳالهه. مسڪين جڏهن سڀ دروازا آزمائي نااميد ٿيندا آهن ته پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن. مون وٽ الائي ڪيتريون عورتون مرد روئيندا پٽيندا آفيس اچي پهچندا آهن ۽ انصاف ملڻ تي کلندا ۽ خوش ٿيندا واپس ويندا آهن.
هونئن به اسان وٽ گهڻو آزار پوليس ۽ روينيو جو رهيو آهي. ٻهراڙي ۾ غريبن کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي کين فقير ڪريو ڇڏي پر اٻوجهه ماڻهو خوف کان اف به ڪونه چوندا. انهي ڊپ کان ته متان فيل مست پوليس وري به تشدد نه ڪري. مان هتي واضح ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس خلاف ڪافي ڪيس داخل ٿيل آهن پر انهيءَ ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسر منٿون ميڙون به ڪيون آهن ۽ ڪن موقعن تي ته پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب به کڻي عرضدارن ڏانهن ويا آهن ته مهرباني ڪري اسان سان ٺاهه ڪيو نه ته اسان مٿان ڪيس داخل ٿيو ۽ چالان ٿيو ته اسان جون ترقيون ڪونه ٿينديون. مون کي منهنجي ويجهي مائٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ ياد ايندا آهن ته نادر اينٽي ڪرپشن به عدليا جي ڀيڻ اٿئي جيئن ته مان پاڻ به وڪيل رهيو آهيان. عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به وڪيل گهرجي. غريب ماڻهن کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ اهو مسڪين وڪيل صاحب جي فيس ڪٿان آڻيندو پر اُن جي ابتڙ جيڪڏهن هو اسان وٽ رڳو هڪ روپئي واري اڇي پني تي درخواست لکي ڏي ۽ پوءِ ڏسي ته ساڻس انصاف ٿئي ٿو يا نه. انهي جو ثبوت آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي گذريل ڪافي سالن کان چيف منسٽرن، صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان ويندي ڪمشنرن ۽ وڏن آفيسرن کي چالان ڪري چڪي آهي.
ڳالهه آهي فقط اسان جي عوام کي سمجهائڻو آهي ته اينٽي ڪرپشن ڇا آهي؟ هي غريب عوام انگريزي لفظ اينٽي ڪرپشن کي سمجهن ئي ڪونه ٿا. جيڪڏهن کين چڱي ريت سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿي ڪو اهڙو ادارو آهي ئي ڪونه، جيڪو بنا وڪيل جي في ۽ بنا سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پيرين پوڻ جي ڪم ٿيو وڃي. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته هي کاتو آهي ئي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو، پر شرط اها آهي ته اهي هن کاتي جو دروازو کڙڪائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button