ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ پاڻيءَ جي بندي

Editorial

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عوام کي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ جنهن تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان جو اندازو هر ماڻهو کي آهي. سنڌ ۾ ڪي علائقا ته اهڙا به آهن، جتي رڳو برسات جي پاڻيءَ تي گذارو ڪيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ جو سلسلو شهرن ۾ جاري ٿي وڃي ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انتظاميه ڪهڙي ريت شهر واسين کي پريشان ڪري رهي آهي. ڪراچي جهڙي شهر ۾ اتان جي وڏي آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي، جيڪا پيئڻ جو پاڻي ٽينڪرن وسيلي خريد ڪندي آهي. ان کانسواءِ وڏن شهرن ۾ شهري پيئڻ جي پاڻيءَ جو بل به ڀريندا آهن پر تنهن هوندي به اهي پاڻي پئسن سان پڻ خريد ڪندا آهن، جڏهن ته شهرين کي صاف سٿرو پاڻي ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر افسوس ته حڪومت توڙي انتظاميه اها ذميواري ڪونه پئي نڀائي. حيدرآباد سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي پر هتي به پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو لڳو پيو آهي. گذريل ڪيتري عرصي کان حيدرآباد واسين کي پيئڻ جو پاڻي نه ملي رهيو آهي. هڪ ڀيرو وري حيدرآباد ۾ پاڻيءَ جي تلائن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي وئي وئي آهي.
خبر موجب حيدرآباد ۾ آبپاشي کاتي طرفان ساليانو ڊسمبر ۽ جنوري جي مهيني ۾ ڪوٽڙي بئراج تي ٻڌل ٽن ڪئنالن ڦليلي، پنياري ۽ اڪرم واهه جي صفائي ڪئي ويندي آهي. ان ڏس ۾ هن سال 25 ڊسمبر کان 11 جنوري تائين واهن جي صفائيءَ جي سلسلي ۾ پاڻي بند ڪيو ويندو، جنهن ۾ واسا جي ٻن تلائن ۾ وقت کان اڳ ئي پاڻي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جتي اڳ ۾ روزانو 6 ڪروڙ گيلن پاڻي ڏنو ويندو آهي. مليل ڄاڻ موجب واسا جي تلائن جي صفائي ۽ مرمت جي سلسلي ۾ کين فنڊز جاري نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري تلا خالي ٿيڻ سبب پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. واسا فلٽر پلانٽ جي ايڪسيئن واسا اختيارين کي 25 سيپٽمبر تي خط لکي چيو هو ته ڪئنال بند ڪرڻ کان پهرين تلائن جي کوٽائي ۽ ٻئي ڪم جي مد ۾ 44 لک 45 هزار جاري ڪيا وڃن، جنهن سان کوٽائي جو ڪم، 3 ڪروڙ گيلن پاڻي روزانو هلائڻ واري مشين جي مرمت، هڪ ڪروڙ گيلن پاڻيءَ جي مشين جي مرمت، 12 سئو 50 ڪي وي اي جي ٽرانسفارمر جي مرمت، بند جي مرمت ۽ سول ڪم، 12 انچ جي پائيپ جي صفائي سميت ٻيا ڪم شامل آهن، جنهن ۾ 6 هزار 8 سئو ڊيزل پڻ گهريو ويو هو، واسا عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي تلائن ۽ پلانٽ جي مرمت لا گهربل فنڊز نه ڏنا ويا آهن. جنهن ڪري هن سال 25 ڊسمبر کان اڳ ئي ڊَسمبر جي پهرين هفتي ۾ حيدرآباد جي قاسم آباد، سٽي سميت مختلف علائقن ۾ پاڻيءَ جو بحران اچي ويو آهي. اڳ ۾ ڪئنالن جي کوٽائي دوران 18 ڏينهن لا ضروت مطابق پاڻي ڏنو ويندو آهي. فلٽر پلانٽ انچارج شيون ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪئنالن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب واسا جي تلائن ۾ پاڻي نه پيو اچي، جنهنڪري پاڻيءَ جو بحران ٿي ويو آهي. هن چيو ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي آزار سبب پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن وقت واسا جي ٻن وڏن تلان نارٿ سائوٿ ۾ پاڻيءَ جي شارٽيج آهي. اڳ ۾ روزانو 6 ڪروڙ گيلن پاڻي ڏنو ويندو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته تلائن جي صفائي ۽ مرمت جي سلسلي ۾ پهرين فنڊ جاري ڪيا وڃن ها، ان کان پوءِ پاڻيءَ جي بنديءَ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ها. جيڪڏهن هيستائين تلائن جي صفائيءَ لاءِ فنڊ ئي جاري نه ڪيا ويا آهن ته حيدرآباد واسي پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪافي ڏينهن تائين ڀوڳيندا رهندا. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهو ڪم بهتر نموني ڪيو وڃي. واسا کي پاڻيءَ جي تلائن جي مرمت لاءِ ترت فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن شهري پريشانيءَ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button