ٻه ڏيهاڙا اول ملڪي سياسي منظر تي ٻه اهڙا لقاءَ ڏسڻ ۾ آيا آهن، جن هڪ ڀيرو ٻيهر ان سچ جي ثابتي ڏني آهي ته جيڪڏھن اڄ به هن ملڪ جون مظلوم ۽ محڪوم قومون توڙي طبقا جيڪڏهن ڪنهن منظم گڏيل اتحاد ۾ پنهنجي گڏيل پُرامن جدوجهد سان ميدان ۾ لهن ته ان جا نتيجا پڪ سان لاڀائتا نڪري سگهن ٿا. انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي ميزباني ۾ سجايل اسٽيج تان ٿيل تقريرن ۽ گوادر ۾ هزارن جي انگ ۾ پرامن عوامي ريلي انهي حقيقت جي نئين سِر چِٽائي آهن ته هي نظام جيڪو رات ڏينهن عوام جي جمهوري آئيني انساني حقن کي جبري طور گُهٽي اسان کان لکڻ، ڳالهائڻ ۽ احتجاج جو حق کسڻ واري جيڪا ڏاڍائي ڪري رهيو آهي، تنهن جبر کي نه فقط روڪي ٿو سگهجي بلڪ آئين ۾ مليل جمهوري عوامي حقن جي حاصلات واري راھه پڻ هموار ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ لازم آهي ته مظلوم قومن جو ڪو نئون اتحاد سامهون اچي.
واضح رهي ته پونم کان پوءِ وري ڪو اهڙو اثرائتو فورم ناهي جُڙي سگهيو، جنهن ۾ سمورين قومن جي نمائندگي هجي. پر هاڻ ته معاملا به وقت جي ڦيري سان گهڻا تبديل ٿي چُڪا آهن ۽ ٻيو قومن جي نمائندگي ڪندڙ قيادت مان پڻ گهڻا اڳواڻ پرئين پار پڌاري چڪا آهن، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اڳوڻن اتحادن جا سمورا تجربا سامهون رکندي، وقت سان گڏ آيل تبديلين جي تناظر ۾ مظلوم قومن جو هڪ اهڙو نئون اتحاد جوڙجي، جنهن ۾ باقي بچيل ساکائتن بُزرگن سان گڏ انهن نوجوانن جي به نمائندگي هجي جيڪي معروض کي بهتر سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ظاهر آهي اهو ڪم قومن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين جو ئي آهي، سو اهي ڌريون جيستائين وقت جي انهي سڏ پڙاڏي کي ٻُڌن ۽ ان جي مهلائتي ورندي ڏيندي پاڻ رلجي هڪ ٻئي جي سگهه بڻجن، تيستائين اچو ته پاڻ ان معاملي کي ڏسون ته سنڌ جيڪا وڏي تيزي سان قومي سوال جي نئين صبح ۾ سلهاڙجڻ وڃي رهي آهي، تنهن جي تازي صورتحال ڪيئن آهي؟
انهي تناظر ۾ پاڻ ان راءِ جا آهيون ته سنڌ جي مجموعي شعور کي اهو سچ هاڻ بنادير تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌ اتهاس ۾ اڳي ڪيئن به رهي هجي پر ان جي هاڻوڪي حيثيت هڪ مفتوح پرڳڻي واري آهي ۽ جن سنڌ کي فتح ڪيو آهي، تِن سنڌ جي اختيار ۾ پنهنجو ڪمدار ان ئي طبقي کي چونڊيو آهي، جنهن طبقي جا ابا ڏاڏا سنڌ مٿان ڪاهي ايندڙ هر ڦورو جي درٻار ۾ ڪنڌ نوائي ساڻن وفاداري جا حلف کڻي ان شرط تي بخششون وٺندا رهيا ته اهي سنڌ جي لوڪ کي لتاڙڻ ۾ قبضاگيرن جو هر حوالي سان ساٿ ڏيندا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
هاڻ اتي سوال اهو آهي ته اهو ڪهڙو طبقو آهي، جيڪو پنهنجن ابن ڏاڏن کان سنڌ ۾ هوندي به سنڌ خلاف ڦورو طبقن جو ساٿاري بڻجندو آيو آهي؟ اهو طبقو آهي سنڌ جا جاگيردار، وڏيرا، پيراڻيون ميراڻيون گاديون ۽ ٻي اها موقعي پرست آفيسر شاهي آهي، جنهن جو ڪوبه دين ايمان ڪڏهن رهيو ئي ناهي.
ته پوءِ ٿيڻ ڇا گهرجي؟ اهو آهي اڄ جو اهڙو سوال، جيڪو جيڪڏهن دُرست انداز ۽ رُخ ۾ نه سمجهيو ويو ته پوءِ سنڌ جي وجود جا وڍ اڃا به گهرا ٿي ويندا ۽ اسين پنهنجي ايندڙ نسلن مٿان تاريخ جو هڪ اهڙو ٻوجھه وجهي وينداسين جيڪو ٻوجھه لاهڻ ۾ کين زمانا لڳي ويندا. تنهن ڪري اچو ته ڏسون نجات ڇا ۾ آهي؟
جيڪڏھن فهرست جوڙڻ ويهنداسين ته پوءِ سنڌ کي درپيش خطرن جي فهرست الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي!! پر هتي پاڻ رڳو پنج نقطا في الحال کڻون ٿا ۽ پوءِ ڏسو ته سنڌ جي انهن نقطن کي ڪير ڪيئن ڏسي رهيو آهي. اهي پنج نقطا هي آهن.
سنڌ جو سياسي اختيار
سنڌ جو درياهھ
سنڌ جا قدرتي وسيلا
سنڌ جي زمين
سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري
ايئن پاڻ جڏهن مٿين پنجن ئي نقطن جي تهه ۾ وينداسين تڏھن خبر پوندي ته سنڌ کي مفتوح ۽ محڪوم بڻائي ويٺل اصل ۾ رياستي قوتون ئي آهن جيڪي قوتون انهن پنجن ئي پاسن کان ڪڏهن زبردستي ته ڪڏهن اٽڪل ۽ چالاڪي سان ترقياتي رٿائن جي نالي ۾ هڪ ٺڳي جو ٺاھه رِٿي، سنڌ کي پنهنجن مقامي ڪمدارن سان رلجي ڪَرٽي رهيون آهن. واضح ڪندا هلون ته اهي سمورا ڪمدار پاڻ کي سنڌ جي ايوانن ۾ ئي ملندا، پوءِ ڀل سندن تعلق ڪهڙي به ڌُر سان ڇو نه هجي. پر طبقاتي تعلق ۾ جيئن ته اهي سڀ هڪ ٻئي جا مِٽ مائٽ آهن، تنهن ڪري سندن مفاد به فطري طور ساڳيا آهن. اهي مفاد جيڪي سنڌ جي پورهيتن ۽ اصلوڪن ڌرتي ڌڻين خلاف آهن.
انهي سموري پسمنظر ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن اسين سمجهي سگهون ته هي ڪنهن جي جنگ آهي؟ ته پوءِ ياد رکو هي جنگ عالمي – مقامي سرمائيدار ۽ سندن ڪمائو پٽن ۽ سنڌ جي اصلوڪن پورهيت ڌرتي ڌڻين وچ ۾ جنگ آهي ۽ هي جنگ عوام کي ئي وڙهڻي پوندي.
ان ڏس ۾ آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي قومي طبقاتي شعور سان سلهاڙيل ۽ مظلومن جي مزاحمتي تاريخ جو ادراڪ رکندڙ فردن، تنظيمن ۽ فورمن مٿان تاريخ جي اها ذميواري بيهي ٿي ته اهي پنهنجين ذاتي انائن ۽ فردي پسند ناپسند کان مٿاهون بيهي سنڌ جي دفاع ۾ هڪ نئون گڏيل عوامي محاذ جوڙين ۽ ان محاذ ۾ باقي مظلوم قومن جي ساٿ کي پڻ يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان اچن.
سنڌ جنهن سدائين ملڪ ۾ عوامي جمهوري جدوجهد جي مهنداري پئي ڪئي آهي، سا هاڻ به اها صلاحيت ۽ سگهه توڙي شعور رکي ٿي. سنڌ ۾ لوڪ سمجھه جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته:
“مهل هٿان وئي ته سڀڪجهه ويو”
تنهن ڪري سنڌ جي قومي طبقاتي شعور ۽ ساڃاهه کي پنهنجين پنهنجين ڪاميابين توڙي ناڪامين جو نئين سِر جائزو وٺڻ جي گهرج آهي ۽ جڏھن اهي ڌريون ڪنهن ٻئي تي ڇوهه ڇنڊڻ بدران، جڏھن مڪمل ايمانداري سان پنهنجو پنهنجو جائزو وٺنديون تڏھن پڪ ڄاڻو وقت جون صدائون کين سُڻڻ ۾ ضرور اينديون.
اهي صدائون جن ڏانهن مرشد لطيف سسئي آبري ۾ هيئن اشارو ڪيو آهي ته:
ساجَنَ ڪارَڻ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئي
اَندرِ جَنيِن اُڃَ، پاڻي اُڃيو اُن کي.
مطلب جيڪي سسئي جيان پنهنجي محبوب آدرش لاءِ ڪُڏي سُورن جي سُڃ قبولي اڳتي وڌن ٿا ۽ جهنگ بَر جهاڳين ٿا ته آدرشن جا انقلابي انعام به انهن جي اوسيئڙي ۾ ٿا رهن.