ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماحولياتي تباهي

Editorial-Article-Yameen Jatoi

9 آگسٽ (2021) تي هڪ ڇرڪائيندڙ ۽ انسانيت جي مستقبل کي هڪ وڏي خطري کان آگاهه ڪندڙ رپورٽ شايع ٿي هئي. اها رپورٽ انسانيت کي درپيش هڪ سنگين ۽ فوري خطري کان آگاهه ڪندڙ هئي. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو هو ته “جنهن حساب سان گيسن جو اخراج جاري آهي، هڪ ڏهاڪي ۾ گرمي پد جي حد جا سمورا رڪارڊ ٽٽي سگهن ٿا. هن صدي جي پڄاڻي تائين سمنڊ جي سطح ۾ ٻه ميٽر جي اضافي جي خدشي کي رد نٿو ڪري سگهجي.” اها يقينن ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. اڄ موحولياتي تباهي جا جيڪي نتيجا نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن هڪ ڏهاڪي ۾ ان سطح جو گرمي پد وڌي ٿو جو سمنڊ جي سطح ۾ به ٻه ميٽر تائين واڌ اچي سگهي ٿي ته پو انسانذات کي ان سنگين مسئلي تي هاڻي يقينن سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ان جو تڪڙو حل ڳولڻ گهرجي.
گڏيل قومن جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري انٽرگورنمينٽل پينل آن ڪلائميٽ چينج (آ پي سي سي) جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته “عالمي برادري ڪوئلي يا ان نموني جي ٻئي ٻارڻ مان خارج ٿيندڙ گيسن جي روڪٿام ۾ ايتري دير ڪري ڇڏي آهي جو هاڻي 30 سالن دوران عالمي گرمي پد کي سخت ٿيڻ کان روڪڻ ممڪن نه رهيو آهي، پر هاڻي به مستقبل ۾ تباهي روڪڻ لا ڪجهه وقت باقي آهي.”
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته “انسان زمين کي 19هين صدي جي ڀيٽ ۾ هاڻي هڪ ڏهائي هڪ ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم هنڌ بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جو وڏو ڪارڻ ٻارڻ لا ڪوئلي، تيل ۽ گيس کي ساڙڻ آهي.” “جنهن جا نتيجا سڄي دنيا ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا. هن سال اونهاري ۾ ئي آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ هيٽ ويو جي ڪري سوين ماڻهو فوت ٿي ويا، جرمني ۽ چين ۾ برساتن ۽ ٻوڏن جڏهن ته ترڪي، يونان ۽ سربيا ۾ ٻيلن جي باهه جهڙا واقعا سامهون آيا آهن.” ماهرن موجب ماحولياتي نظام ۾ ڪجهه تبديليون هاڻي اڻٽر آهن. جن کي پوئتي نٿو ڪري سگهجي. هي ته رڳو شروعات آهي، جيڪڏهن هاڻي ملڪن پاران تمام تيزي سان زهريلي گيسن جي اخراج ۾ ڊرامائي تبديليون آنديون وڃن تڏهن به ايندڙ ٻن ڏهاڪن اندر عالمي گرمي پد هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي ويندو، يعني هڪ گرم مستقبل کي روڪڻ ممڪن ناهي. سائنسدانن موجب گرمي پد ۾ هڪ ڏهائي 5 سينٽي ريڊ اضافو انسانن لا خطرناڪ هوندو. هڪ ارب ويجهو ماڻهن کي اڪثر موتمار هيٽ ويو کي منهن ڏيڻو پوندو، ڪروڙن کي سخت ڏڪار کي منهن ڏيڻو پوندو، جانورن ۽ نباتات جا ڪجهه نسل ختم ٿي ويندا. آ پي سي سي جي رپورٽ مرتب ڪندڙ سائنسدانن ۾ شامل پائرس فوسٽر ٻڌايو ته اسان کي ايندڙ 20 يا 30 سالن ۾ موسمياتي شدت ۾ واضح اضافي جي توقع آهي، حالتون اڄ جي ڀيٽ ۾ بدترين ٿي وينديون. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته هاڻي به سڀ ڪجهه ختم ناهي ٿيو ۽ انسانن وٽ هاڻي به زمين کي وڌيڪ گرم ٿيڻ کان بچائڻ جو موقعو موجود آهي، جنهن لا سڀني ملڪن کي گڏجي 2050ع تائين فضا ۾ ڪاربان ڊا آڪسائيڊ جي مقدار ۾ اضافي کي روڪڻو پوندو ۽ ان لا فوري طور روايتي ٻارڻ جو استعمال ڇڏڻو پوندو، جڏهن ته فضا ۾ موجود ڪاربان جي گهڻي مقدار کي صاف ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته عالمي گرمي پد ۾ اضافو هڪ ڏهائي 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين روڪي سگهجي ٿو. تڏهن به ناڪامي جي صورت ۾ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جو سلسلو جاري رهندو جيڪو 2، 3 يا 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچي سگهي ٿو. گرمي پد ۾ هر ڊگري جو اضافو مسئلن کي وڌائڻ جو سبب بڻجندو يعني هيٽ ويو، ٻوڏون، ڏڪار ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيندا.
موسمياتي تبديلي تي آ پي سي سي پاران جاري ڪيل اهو اندازو 42 صفحن تي مشتمل دستاويز ۾ شامل آهي جنهن کي پاليسي سازي لا سمري جو نالو ڏنو ويو هو. اها رپورٽن جي ان سيريز جو پهريون حصو آهي، جيڪي ايندڙ مهينن ۾ شايع ڪيون وينديون، ۽ اهو 2013ع کان پو هن مهل تائين موسمياتي تبديلي جي سائنس جو پهريون وڏو جائزو هو. جنهن کي گلاسگو ۾ ماحولياتي اجلاس سي او پي26 کان ٽي مهينا اڳ جاري ڪيو ويو هو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريز مطابق رپورٽ انسانيت لا خطري جي گهنٽي آهي. هن چيو هو “جيڪڏهن اسان هاڻي کان ئي مٿاڪٽ ڪيون ته تڏهن ئي وڏي پئماني تي ماحولياتي تباهي کي منهن ڏئي سگهون ٿا، پر جيئن اڄوڪي رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ان معاملي ۾ نه دير جي گنجائش آهي نه غلطي جي.”
ميڊيا آ پي سي سي جي رپورٽ جا جيڪي ڪجهه اهم نڪتا پيش ڪيا اهي هي هئا:
1-زمين جي سطح جو گرمي پد سن 1850ع کان 1900ع تائين ايترو گرم نه هو جيترو 2011 کان 2020ع وچ ۾ رهيو. ٻنهي دورن وچ ۾ هڪ ڏهائي 09 سينٽي گريڊ جو فرق آهي.
2-گذريل پنج سال 1850ع کان پو تاريخ جا سڀ کان گرم ترين سال هئا.
3-تازن سالن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اضافو سن 1901ع کان 1971 ۾ رڪارڊ ٿيندڙ اضافي کان به وڌيڪ آهي.
4-سڄي دنيا ۾ گليشيئر ۽ اتر قطب ۾ موجود برف پگهرڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ (90 سيڪڙو) انساني عمل آهن.
5- هي ڳالهه طئي آهي ته سخت گرمي ٿيڻ هاڻي اڃا به عام ٿيندو ويندو جڏهن ته سخت سي جي لهرن ۾ گهٽتائي ايندي ويندي.
نئين رپورٽ اهو به واضح ڪري ٿي ته اسان اڄ تائين جنهن گرمي جو تجربو ڪيو آهي، ان اسان جي ڪيترن ئي گرهن جي سپورٽ سسٽم ۾ تبديليون آنديون آهن جيڪي واپس نٿيون ٿي سگهن. رپورٽ موجب سمنڊ گرم ٿيندا رهندا، ۽ وڌيڪ تيزابيت جو شڪار ٿيندا ويندا، جابلو ۽ قطبي گليشيئر ڪيترن ئي ڏهاڪن يا صدين تائين پگهرندا رهندا. پروفيسر هاڪنس جو چوڻ آهي ته “گرمي جي هر لهر جا نتيجا بدتر ٿيندا رهندا ۽ انهن مان ڪيترائي نتيجا/تبديليون واپس نٿيون ٿي سگهن.”
سمنڊ جي سطح ۾ اضافي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سائنسدانن مختلف سطحن جي اخراج جي ممڪنه حد جو نمونو ٺاهيو آهي، تڏهن به هن صدي جي پڄاڻي تائين اٽڪل ٻه ميٽر اضافي ۽ سن 2150ع تائين پنج ميٽر اضافي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.
ان نموني جا نتيجا (جن جو امڪان جيتوڻيڪ گهٽ آهي) سن 2100 تائين ٻوڏ جي ڪري ساحلي علائقن ۾ وڌيڪ لکين ماڻهن لا خطرو بڻجي ويندا. رپورٽ جو هڪ اهم پاسو گرمي پد ۾ اضافي جي متوقع شرح آهي، ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته انسانيت جي حفاظت لا ان اضافي جو مطلب ڪهڙو آهي. ان رپورٽ جي ليکڪن جو خيال هو ته سڀني منظرنامن جي جائزي سان واضح آهي ته سن 2040 تائين عالمي گرمي پد ۾ هڪ ڏهائي 5 ڊگري تائين اضافو ٿي ويندو. جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه سالن ۾ گيسن جي اخراج ۾ گهٽتائي نه ڪئي وئي ته ايئن 2040ع کان اڳ به ٿي سگهي ٿو.
آ پي سي سي جي ان رپورٽ جي منظوري 195 حڪومتن ڏني هئي ۽ ان جا نتيجا 14 هزار تحقيقاتي رپورٽن تي ٻڌل هئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏهاڪو انساني تاريخ جي هڪ لک 25 هزار سالن جو گرم ترين ڏهاڪو هو. عالمي گليشيئر تيزي سان پگهري رهيا آهن. سمنڊ جي سطح ۾ هڪ صدي دوران سراسري 8 انچ اضافو ٿيو ۽ ان اضافي جي شرح 2006ع کان هن مهل تائين ٻيڻي ٿي وئي آهي.
ٻئي طرف سيپٽمبر ۾ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) جو بيان آيو ته “فضائي گدلاڻ سبب سالياڻو 70 لک ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.” جڏهن ته گڏيل قومن جي ٻارڙن جي ڀلائي بابت ڪم ڪندڙ اداري (يونيسيف) جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا جو ڪو به ٻار ماحولياتي تبديلين کان محفوظ ناهي رهيو. گڏيل قومن جي اداري جي نومبر جي پهرين اڌ جي آخر ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ماحولياتي تبديلين سبب سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جا اٽڪل هڪ ارب ٻار ماحولياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. يونيسيف پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو هو ته پهريون ڀيرو موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلين جا خطرا واضح طور سامهون آيا آهن ۽ ماهرن کي انهن خطرن جي شدت جو ادراڪ آهي. يونيسيف جي رپورٽ مطابق دنيا جي 33 ملڪن جا اٽڪل هڪ ارب ٻار ان خطري جي ور چڙهيل آهن، انهن ملڪن ۾ خاص طور تي آفريقا ۽ ايشيائي ملڪ شامل آهن. عالمي اداري خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ماحولياتي تبديلين تي ڌيان نه ڏنو ويو ته هر ٻار برف جي ٽڪري جيان پگهرجي ويندو.
جڏهن ته نومبر ۾ ٿيل گلاسگو ماحولياتي سمٽ ۾ به اهڙن ئي خطرن کان آگاهه ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button