پاڪستانسنڌ

اطلاعات کاتي پاران شادي لارج جي بيمار صحافي جي مدد

ڪلوئي: اطلاعات کاتي حيدرآباد جو ڊويزنل ڊائريڪٽر سوائي ڇلگري ڪافي وقت کان بيمار شادي لارج پريس ڪلب جي سرپرست اعلى ۽ سينيئر صحافي غلام رسول بروھي وٽ ڳوٺ قبائلي چڪ پھتو ۽ عيادت ڪئي. هن اطلاعات کاتي جي وزير سعيد اويس غني طرفان صحافي کي گلدستو پيش ڪيو. بلاول ڀٽو ھائوس ڪراچي جي ترجمان ايم پي اي سريندر ولاسائي جو به خاص پيغام پھچايو. سيڪريٽري اطلاعات سنڌ عبدالرشيد سولنگي فون تي صحافي غلام رسول بروھي سان ڳالھائي عيادت ڪري ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سوائي خان ڇلگري سيڪريٽري اطلاعات پاران صحافي ۽ سندس بيمار نياڻي جي علاج لا موڪليل 50 ھزار روڪ ڏنا. سوائي خان صحافي جي لکيل پڙھيل بيروزگار پٽن سان مليو. صحافي غلام رسول بروھي صوبائي وزير سعيد غني، ايم پي اي سريندر ولاسائي، سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي ۽ سوائي خان ڇلگري جا ٿورا مڃيا. ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سان گڏ صدارتي ايوارڊ يافتا عظيم فنڪار فقير ذالفقار علي لنڊ، شادي لارج پريس ڪلب جو صدر لالا تجمل حسين خٽڪ، صحافي فقير غلام محمد لنڊ، ملڪ محمد امجد، سماجي اڳواڻ ممتاز علي لنڊ، فوٽوگرافر مقبول ڀائي، سوائي خان ڇلگري جو نوجوان فرزند اسد جان بلوچ ۽ ٻيا موجود هئا.ڍ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button