پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ پ پ ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس،ارباب گروپ تي تنقيد

مٺي: پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ضلعي صدر انجنيئر گيانچند جي صدارت هيٺ ٿاهراڻي هائوس مٺي تي ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي ۾ يوسي ۽ ديهه سطح تائين تنظيم سازي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف ارباب گروپ پاران بناجواز ضلعي جي روڊن تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته ٿر ۾ هاڻ ارباب گروپ جي سياست ختم ٿي چڪي آهي ۽ تحريڪ انصاف جو ڪو وجود ناهي، تحريڪ انصاف ۽ ارباب گروپ وارا پنهنجي سياسي جياپي لا آخري ڇڙيون هڻي رهيا آهن، ٻن ڏينهن جو ڌرڻو بنا نتيجي جي ختم ڪرڻ مان ثابت ٿي ويو ته ڌرڻي هڻڻ جو مقصد سياست چمڪائڻ ۽ عوام کي تڪليف ڏيڻ کانسوا ڪجهه نه هو، ڌرڻي جي خاتمي سان ارباب گروپ جي سياست جي مڪمل خاتمي جو اعلان ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ پ پ پ پاران مهانگائي، پئٽرول، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪندي 17 ڊسمبر تي ضلعي هيڊڪوارٽر مٺي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس کي انجنيئر گياچند، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، فقير شير محمد بلالاڻي، دوست محمد راهمون، ڪامريڊ نندلال مالهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ پ پ مضبوط ۽ سگهاري آهي، ٿر ۾ پ پ کي هاڻ ڪابه طاقت شڪست ڏئي نٿي سگهي، ٿر مان پ پ مخالفن جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button