پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٻارڙو فوت، لاش رکي ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: ڪراچي پنجاب سميت ملڪ جي ٻين علائقن کان ايندڙ هيوي ٽرالر ماڻهن لا خطرو بڻجي ويا. گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ-ننگرپارڪر ۽ ٿرڪول جي با پاس روڊ تي تيز رفتار ٽرالر روڊ ڪراس ڪندڙ ڳوٺ ماناڻي واسي 9 ورهين جي معصوم نينگر رميش ولد ڏيسر ڀيل کي ٽڪر هڻي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. واقعي بعد نينگر جي وارثن ۽ ڀيل برادري جي سوين ماڻهن نينگر جو لاش با پاس روڊ تي رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن دوران پ پ اڳواڻ وڪيل مهيش ڀيل، تحريڪ انصاف اڳواڻ وڪيل لڄپت سوراڻي، ڏيوجي ڀيل ۽ ن ليگ اڳواڻ وڪيل هيمراج ڀيل احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. مڇريل ماڻهن ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو، جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون، مڇريل نوجوانن ٽرالر جا پٿر هڻي شيشا ٽوڙي ڇڏيا، پوليس پهچي مظاهرين سان روڊ کولڻ لا ڳالهيون ڪيون ۽ ٽرالر کي ٿاڻي تي ڪاهي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مظاهرين سخت احتجاج ڪيو ۽ گاڏي آڏو بيهي رهيا. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته جيستائين فرار ٿيل ڊرائيور کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، ٿرڪول منصوبي بعد ٽرالرن جي تيز رفتاري سبب ڪيترائي حادثا پيش اچي چڪا آهن، جنهن ۾ انساني جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پر انتظاميا ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته فرار ٿيل ڊرائيور يا ٽرالر مالڪ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. بعد ۾ پوليس جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس نينگر جو لاش اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته فوتي نينگر برادري جي ماڻهو پاران با پاس تي گيسٽ هائوس تي رکيل دعوت ۾ مائٽن سان گڏ پهتو هو، روڊ ڪراس ڪندي حادثي جو شڪار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button