پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ حددخلين جي آڙ ۾ گهر ۽ دڪان ڊاهڻ خلاف متاثرن جي ريلي

سامارو: سامارو لڳ صالح ڀنڀرو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ سرڪاري زمينن تان تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا طرفان قبضا ھٽائڻ واري ڏنل نوٽيس تي پاڻمرادو دڪان، ڇپرا ۽ گھر ڊاھڻ وارو عمل جاري آهي. حددخلين جي آڙ ۾ بيروزگار ۽ بي گھر ٿيل متاثرن سميت شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پير حمادالرحمان جان سرهندي، پير انور جان سرهندي، وقار، ذوالفقار خاصخيلي، نصير خان ڌونڪاني، بابر خاصخيلي، غلام مصطفى شر، فتح ڪپري، اسلم شاھاڻي، امداد راهو، بارات خان پٺاڻ، محرم کوسو، غلام حسين ڪالو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي، جيڪار سامارو شھر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پھتي، جتي مين روڊ ميرپورخاص تي ريلي ۾شامل متاثرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پير حمادالرحمان جان سرھندي، غلام مصطفى شر، بابر خاصخيلي، پير انور جان ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ قدرتي آفتن، ٻوڏن، ڪرونا، مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب غريب ماڻھو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي ۽ اجھي لا سخت پريشان آھن، حڪومتن عوام کي روزگار ۽ اجھو ته نه ڏنو، ھاڻي حددخلين جي آڙ ۾ سامارو تعلقي جي ننڍن شھرن راھو آباد بعد صالح ڀنڀرو شھر کي سرڪاري ريلوي ۽ ٻين کاتن جي زمينن جون حدون ڄاڻائي دڪان، ڇپرا ۽ ڪاروبار گھر ڊھرائي پٽ ڪري مسڪين ماڻھن کي بيروزگار ۽ بي گھر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم آهي. عدالتن کي گھرجي ته ان معاملي تي نوٽيس وٺي پراڻي دور جو ريلوي نظام بحال ڪرايو وڃي ۽ حددخلين جي آڙ ۾ غريب ماڻھن جو روزگار ۽ اجھو نه کسيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button