پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ سنڌڙي پوليس خلاف متاثر ڪٽنب جو احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ بااثرن ۽ سنڌڙي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف سنڌڙي جي ڳوٺ غلام محمد نظاماڻي واسي ڳوٺاڻي غلام نبي شيخ گھرڀاتين سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي غلام نبي شيخ صحافين اڳيان دانھيندي چيو تھ ڪجهه ڏينھن پھرين زمين جي مالڪي تان شھباز شيخ، پرويز، سجاد، اعجاز ۽ ٻين ڪھاڙين سان حملو ڪري ڀا ابراھيم کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن بعد اسان بااثرن خلاف سنڌڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، جوابدار ڪورٽ مان ضمانت ملڻ بعد اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا مختلف طريقن سان ڌمڪائي ۽ حراسان ڪري رھيا آھن، اھڙي شڪايت ايس ايس پي ميرپورخاص سميت حد جي پوليس کي ڏني آھي، پر پوليس رشوت عيوض بااثرن جي ساٿاري بڻيل آھي، اسان انصاف لا در در ڌڪا کائڻ تي مجبور بڻيل آھيون. ڳوٺاڻي ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو تھ بااثرن جي زيادتين مان نجات ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button