پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ ڪارنهن الزام ۾ نوجوان قتل، لاش گهر ۾ پوريو ويو

شهدادپور: شهدادپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن نوجوان کي قتل ڪري لاش گهر ۾ دفنائي ڇڏيو، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاش هٿ ڪري ورتو. خبر موجب شھدادپور جي نسيم نگر ڪالوني ۾ ڪارنهن جو الزام هڻي 35 ورهين جي احسان علي چانڊيو کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد جوابدارن لاش کي گهر اندر دفنائي ڇڏيو. قتل جو اطلاع ملڻ بعد پوليس گهر تي ڇاپو ھڻي گهر اندر پوريل نوجوان جو لاش ھٿ ڪري مبينا جوابدار آصف چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس نوجوان جو لاش سمس اسپتال آندو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او شهدادپور جاويد احمد جلباڻي جو چوڻ هو ته ڌرين ۾ پراڻو ڪارنهن تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان احسان چانڊيو کي قتل ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪرڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفت ۾ آڻينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button