پاڪستانسنڌ

سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن جو ترميمي بل منظور ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن جو ترميمي بل منظور ڪري ورتو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني رولنگ ۾ مڪاني بل گڏيل طور تي منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ترميمي بل جي شقن موجب ڪراچي سميت سنڌ جي 6 ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ٽائون ٺاهيا ويندا. ٽائونز ۽ ميونسپل ڪميٽين جي چيئرمين جي چونڊ شو آف هينڊ ذريعي ٿيندي، مڪاني ڪائونسلن جي چيئرمين جي چونڊ سيڪريٽ بيلٽ سان ڪرائڻ جي شق واپس ورتي وئي.

ترميمي بل ۾ بلدياتي ڪائونسلن کي 9 صوبائي کاتن جي معاملن ۾ اختيار ڏنو ويو. سنڌ پوليس جي معاملن ۾ چونڊيل بلدياتي ڪائونسلن کي شامل ڪيو ويو. بل موجب، ايس ايس پي لاڳاپيل بلدياتي چيئرمين سان رابطي جو پابند هوندو، پوليس جي معاملن ۽ امن امان بابت پوليس آفيسر رپورٽ بلدياتي ڪائونسل کي ڏيندا، پراسيڪيوشن، پوليس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪرمنل ڪيسن ۾ بلدياتي نمائندن جو اختيار نه هوندو.

ترميمي بل موجب خواجا سرا (کدڙن فقيرن) کي هڪ سيٽ هر بلدياتي اداري ۾ هوندي ۽ ان سان گڏوگڏ اسپيشل پرسن لاءِ به هڪ سيٽ لازمي هوندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير بلديات ناصر شاهه چيو ته اسان مخالف ڌر جون سڀ تجويزون مڃيون آهن، ميئر کي بااختيار بڻايو آهي، ميئر واٽر بورڊ جو وائيس چيئرمين ۽ سالڊ ويسٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button