عالمي

آمريڪا جون اڌ کان وڌيڪ رياستون طوفان سبب شديد متاثر، 70 ڄڻا فوت

واشنگٽن: آمريڪا جي اڌ کان وڌيڪ رياستون طوفان ۽ تيز واچوڙن سبب شديد متاثر ٿيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر رياست ڪينٽڪي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هڪ پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪينٽڪي جي شهر مي فيلڊ ۾ طوفان سبب عمارتون شديد متاثر ٿيون آهن ۽ روڊن تي وک وک تي وڻ ۽ سرون ڪريل آهن ۽ عمارتن جا رڳو ڍانچا بچيا آهن.

گورنر اينڊي بيشر چيو ته انهن طوفانن سبب ڪينٽڪي جي مختلف ڪائونٽيز کي نقصان پهتو، منهنجو اندازو آهي ته فوتين جو انگ 70 کان وڌيڪ آهي ۽ اهو تعداد 100 تائين ٿي سگهي ٿو، هي ڪينٽڪي جي تاريخ جو سڀ کان بدترين ٽورناڊو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button