پاڪستانسنڌ

اسان کي روزگار لاءِ تربيت ورتل ماڻهو نه پيا ملن: فواد چوڌري

ڪراچي: سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ گرين لائن منصوبو صرف ڪاغذن تائين محدود هو، اسان نه صرف ان کي عملي شڪل ڏني پر ان کي مڪمل به ڪيو. آرٽس ڪائونسل ۾ جاري عالمي اردو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته نوجوانن کي شدت پسندي کان بچائڻ جي لاءِ متبادل بيان ضروري آهي. هن چيو ته اردو دنيا جي سمورين ٻولين مان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙن مان هڪ آهي. ڊراما، فلم ۽ شاعري کي بيان ڪرڻ ۾ اردو وڏي مددگار ثابت ٿيندي آهي.

اسان چاهيون ٿا ته اسان جا شاعر اڀري سامهون اچن. سياسي مخالفن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي ڪيتري پاڻي ۾ آهن، اها ڪراچي وارن کان وڌيڪ ڪنهن کي خبر آهي، صرف چوڻ سان نه، گرين لائن وفاق جي پئسن سان ٺهي، گرين لائن پراجيڪٽ 35 ارب روپيا خرچ ڪرڻ سان ٺهيو آهي. فواد چوڌري چيو ته (ن) جي دور ۾ اهو منصوبو ڪاغذن تائين محدود هو هن کي عملي شڪل اسان ڏني، گرين لائن منصوبو اسان جي دور ۾ مڪمل ٿيو آهي. فواد چوڌري چيو ته هڪ طرف اسان چئون ٿا ته روزگار نه آهي، ٻئي طرف اسان کي تربيت يافته ماڻهو نه پيا ملن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button