پاڪستانسنڌ

اسان کي پاڪستان جو حصو سمجهو، اسان کي ڪجهه ٻيو سوچڻ تي مجبور نه ڪريو: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي پاڪستان جو حصو سمجهو، اسان کي ڪجهه ٻيو سوچڻ تي مجبور نه ڪريو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ بلدياتي بل جي منظوري کان پوءِ ايوان ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ منهنجو واسطو هڪ اڻپڙهيل اپوزيشن سان پيو آهي، جنهن کي آئين ۽ قانون سميت ڪنهن شئي جي ڪا خبر ناهي،اها صرف گوڙ ۽ هنگامو ڪرڻ ڄاڻي ٿي، جيڪو ان ترميمي بل جي منظوري وقت پڻ ڪيو.

هن چيو ته هي بل سنڌ جي عوام جي خواهشن جي مطابق آهي، اسان سنڌ جي عوام جي مفاد وٽان فيصلا ڪندا رهنداسين. هن چيو ته هي بل 10 ڏينهن ۾ سنڌ ۾ عمل هيٺ اچي ويندو. هن چيو ته گهڻو ڏک آهي ته اڄ هتي اجايو گوڙ ڪيو ويو، ايوان ۾ جهڙي ريت لسانيت شروع ڪئي وئي آهي، اها افسوسناڪ آهي، ڪجهه ماڻهو صوبائي اسيمبلي تي قبضي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اسان جي لاءِ اها ڳالهه ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي اڪثريت آهي، ان کي ڪهڙي ريت قبضو چئي سگهجي ٿو.

هن چيو ته ڇا توهان اسلام آباد کان اچي قبضو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ اسان کي پاڪستان جو حصو سمجهو، اسان کي ڪجهه ٻيو سوچڻ تي مجبور نه ڪريو. هن چيو ته سنڌ لاءِ سنڌ جي اقليت نه پر اڪثريت فيصلو ڪندي، توهان ماڻهو اقليت ۾ آهيو ۽ آئنده به اقليت ۾ ئي رهندا. هن چيو ته پيپلزپارتي جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي سنڌ جو عوام ان کي مينڊيٽ ڏيندو آيو آهي ۽ هن وقت تائين ٿيندڙ هر اليڪشن ۾ ان سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. هن ايم ڪيو ايم جو نالو کڻڻ بنا چيو ته لسانيت نه پکيڙيو، لسانيت پکيڙيندڙ لنڊن ويٺو آهي، توهان ان کان لاتعلقي جو اظهار ته ڪري ڇڏيو پر ان جي سوچ پنهنجي اندر مان نه ڪڍي سگهيا آهيو، توهان جي دل ۾ سنڌ ۽ ان جي عوام سان محبت ناهي، تنهن ڪري هر دفعي رد ٿي ويندا آهيو. هن چيو ته سنڌ سان محبت ڪريو، پاڪستان جا ٿيو، سنڌ سان پيار ڪريو، جيستائين سنڌ سان محبت نه ڪندا، سنڌ وارا رد ڪندا رهندا.

مراد علي شاهه چيو ته اهو چيو ويو ته ناصر شاهه ٻي جڳهه جو آهي ۽ هو هتي جا فيصلا ڪري رهيو آهي، ناصر شاهه سنڌ جو آهي ۽ صوبي جا ئي فيصلا ڪندو. هن چيو ته بلدياتي بل ۾ اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، شهرن ۾ ٽائون سسٽم کي بحال ڪيو ويو آهي، ايني پرسن تي اعتراض هو، ٻڌايو ته نعمت الله ۽ نويد جميل ڪير هئا؟ گورنر جي ڪنڊڪٽ کي ڏسو، گورنر بل پاس ڪندڙ اڪثريت تي هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائي رهيو هو، جيڪو مناسب ناهي. هن چيو ته سڄي سنڌ جي اسپتالن جي مانيٽرنگ لوڪل ڪائونسلن کي ڏئي ڇڏي آهي، هنن بل پرهيو ئي ناهي، ٻاهر وڃي چوندا ته اسان کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته سنڌ جي بدقسمتي آهي جو اڻ پڙهيل اپوزيشن اچي وئي آهي، وفاق ۾ به هڪ اڻ پڙهيل جاهل جي حڪومت آهي، مهانگائي جو طوفان آهي، گهرن جون چلهون بند ٿي ويون آهن، هي جيڪو مٿي سليڪٽيڊ جاهل ويٺو آهي، اهو هٿ ٻڌي ۽ ملڪ جي جان ڇڏي. هن چيو ته بل ۾ اڃا به ترميمن جي گنجائش ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪو ترميم آڻڻ چاهي ته پرائيويٽ بل آڻي سگهي ٿو، جيڪڏهن حڪومت کي ضرورت پئي ته اها به ترميم آڻيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button