پاڪستانپنجاب

ڪرپٽ ماڻهن کانسواءِ سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

ميانوالي: زيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۽ وزيرستان سميت سڀني ماڻهن سان ڳالهين لا تيار آهيون پر ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪا مفاهمت نه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان ميانوالي جي دوري دوران جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سمورن ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي گروپن، بلوچستان ۽ وزيرستان جي ماڻهن سان مفاهمت ڪرڻ لا تيار آهيون ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪنداسين، پر ڪرپشن ڪندڙن سان مفاهمت نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪرونا ۽ لاڪ ڊائون سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو ان جي باوجود پاڪستان هن وقت به دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي. هن چيو ته هن وقت مشڪل صورتحال آهي پر 3 کان 4 مهينن ۾ مهانگائي ختم ٿيندي. گهٽ آمدني وارن کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button