پاڪستانسنڌ

وفاق پنجاب ۽ پختونخوا ۾ هڪجهڙو بلدياتي نظام ڇو نٿو آڻي؟ ناصر شاهه

ڪراچي: سنڌ جي بلديات، رورل ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي اندر ميڊيا ڪارنر تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اپوزيشن جي رويي کي افسوسناڪ ۽ نهايت نامناسب قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن، وفاقي حڪومت کان وڌيڪ نا اهل ۽ نالائق آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي ميمبرن جي نالائقي جو هي حال آهي جو پنهنجي پيش ڪيل ترميمن تي اسپيڪر طرفان سڏڻ باوجود پنهنجي ئي پيش ڪيل ترميم تي ڪجهه نه ڳالهايو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ٽائيم فريم موجب بلدياتي بل پيش ڪيو ۽ ان کان اڳ آدم شماري تي خدشن جي ڪري بل پيش ڪرڻ ۾ وقت لڳو. هن چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ ۾ به ميئر کي واضح اختيار ڏنا ويا آهن. سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ۾ به ميئر کي چيئرمين بڻايو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي جي پراپرٽي ٽيڪس جمع ڪرڻ جا اختيار به يونين ڪائونسل کي ڏنا ويا آهن ۽ ان کان علاوه به ميئر ۽ بلدياتي نمائندن کي به بااختيار بڻايو ويو آهي. هن چيو ته لنڊن ۽ واشنگٽن جي ميئر جهڙن اختيارن جو مطالبو ڪندڙن کي انهن جي اختيارن بابت ڪجهه به علم نه آهي، اهڙا مطالبا ڪندڙ اهڙو نظام پهرين اتي ڇو نٿا آڻين جتي انهن جي حڪومت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اپوزيشن جي پيش ڪيل 80 سيڪڙو سفارشن تي عمل ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو پهريان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن کي انهن جا پورا اختيار منتقل ڪري ۽ انهن ٻنهي صوبن جي بلدياتي قانونن کي هڪجهڙو ڪري، اها ٻڌائي ته پنجاب ۽ پختونخوا ۾ الڳ الڳ بلدياتي نظام ڇو آهن؟

اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو آهي پر اپوزيشن ميمبرن شايد ڪڏهن به اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن کي پڙهڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. هن چيو ته اپوزيشن ميمبرن جو ٽريزري بئنچن ۽ اسپيڪر طرف ڪاغذ اڇلائڻ ۽ گاريون ڪڍڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هن چيو ته ماڻهو پنهنجي گهريلو جهيڙن جي فرسٽريشن اسيمبلي اندر نه کڻي اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button