پاڪستانسنڌ

هيلٿ ڪارڊ جو فائدو پرائيويٽ اسپتالن کي ٿيندو:سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ منصوبا اڳوڻي حڪومت شروع ڪيا، اهو درست آهي ته وفاقي سرڪار انهن کي مڪمل ڪيو پر تحريڪ انصاف گادي واري شهر ۾ هڪ به منصوبو شروع ناهي ڪيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي اصل ۾ پ پ پاڪ – چين اقتصادي راهداري منصوبن ۾ شامل ڪيو هو، حڪمران جماعت 3 ڀيرا ڪراچي ۾ ترقي جي لاءِ مختلف اعلان ڪيا، ڪراچي پيڪيج ۾ ڪيترا خرچ ٿيا ان جي ڪا به وضاحت ناهي. هن چيو ته وفاق طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪنهن به منصوبي جو بنياد ناهي رکيو ويو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهن، راشن بابت وفاقي سرڪار صوبائي حڪومت کي چيو ته هڪ هزار رپين تي ٻڌل راشن ڪارڊ ۾ 80 سيڪڙو سنڌ سرڪار پنهنجو حصو شامل ڪندي ۽ راشن ان کي ملندو، جنهن وٽ پنهنجو موبائل هجي، جيڪڏهن اسان کي پئسا ڏيڻا آهن ته اعلان وفاقي سرڪار ڇو ٿي ڪري؟

هن چيو ته اسان وفاق کي چيو آهي ته بينطير ڪارد جي ڊيٽا انهن وٽ موجود آهي، راشن ڪارڊ وارا هڪ هزار روپيا ان ۾ شامل ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير چيو ته هيلٿ ڪارڊ جو فائدو پرائيويٽ اسپتالن کي ٿيندو، اسان کي ان بدران سرڪاري اسپتالن کي مضبوط ڪرڻو آهي، سنڌ سرڪار صحت جي شعبي ۾ جيترو ڪم ڪيو آهي، ان جو مثال سڄي پاڪستان ۾ نٿو ملي، ٻين صوبن کان به ماڻهو هتي اچي علاج ڪرائيندا آهن، صوبائي حڪومت پاران 57 ارب رپيا سرڪاري اسپتالن کي فراهم ڪيا پيا وڃن جيئن هو طبي شعبي ۾ پاڻ کي اپ گريڊ ڪري سگهن.

سندس موجب وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي ۾ چيو ته پيٽرول 45 رپيا في ليٽر ٿيڻ گهرجي پر هاڻي هو ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪوڙي دعويٰ ۽ اعلان ڪري رهيو آهي، پ پ پنهنجي ماڻهن کي جوابده آهي. سعيد غني چيو ته پ پ کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ سليڪٽڊ ماڻهن کي آندو ويو ۽ مختلف سازشون ڪيون پيون وڃن پر پ پ جي مقبوليت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن خط اماڻيو، جنهن ۾ مون مٿان 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، حيرت جي ڳالهه آهي ته مون کان هڪ ڀيرو به ان بابت وضاحت طلب نه ڪئي وئي، ان ريت نثار کهڙو تي به ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جنهن وٽ ڪو به عوامي عهدو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button