ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اسد عمر جو غيرذميواراڻو بيان

Editorial

ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ جيڪي ڪلور ٿيا آهن، انهن ڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن پر سنڌ ۾ جيئن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي ان ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کين هڪ اک نٿي ڀانئين. تازو ئي سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن جو بل پاس ڪيو آهي. ڪنهن به صوبائي اسيمبليءَ کي پنهنجي صوبي جي ڀلائي لاءِ ڪوبه بل پاس ڪرڻ جو اختيار آهي پر تنهن هوندي به وفاق ان ۾ مداخلت بند نٿو ڪري. ملڪ جي ٻين صوبائي اسيمبلين مان قانون پاس ٿيا آهن، انهن تي پي ٽي آءِ کي ڪو اعتراض ڪونهي پر سنڌ حڪومت جڏهن مڪاني ادارن جو قانون پاس ڪري ٿي ته ان تي پي ٽي آءِ اعتراض وارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان کي آئين سان ٽڪراءُ ۾ قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار پاڻ ڪيترائي ۽ غيرآئيني ڪم ڪندي رهي آهي. وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته سنڌ لاءِ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي. ڪراچي پنهنجي حق جو انتظار نه ڪندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وڏي وزير اختيارن جي منتقلي جو وعدو پورو نه ڪيو آهي، نظام جو مسئلو ڪنهن سياسي پارِٽيءَ جو نه پر سڄي سنڌ جو آهي.
وفاقي وزير اسد عمر کي اهو سمجهڻ گهرجي ته وفاقي سرڪار سنڌ جي معاملن ۾ سڌي ريت مداخلت نٿي ڪري سگهي. جيڪڏهن وفاقي سرڪار کي سنڌ جي مڪاني ادارن واري بل تي اعتراض آهي ته پوءِ ٻين صوبن ۾ انهن پنهنجي مرضيءَ جو مڪاني نظام ڇو آندو آهي، انهن صوبن ۾ به هڪجهڙو مڪاني نظام لاڳو ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جي ارهه زورائي جي ڪري نه رڳو سنڌ جا انتظامي معاملا بگاڙ جو شڪار ٿي رهيا آهن پر ان سان اهو به تاثر اڀري رهيو آهي ته وفاق سنڌ کي پنهنجو سمجهي ئي نٿو، جنهن جي ڪري اهو هر ڀري سنڌ مٿان چڙهائي ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار لڳو پيو هوندو آهي. ان قسم جي رويي جي ڪري ئي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اهو چوڻ پيو ته اسان کي پاڪستان جو حصو سمجهو، اسان کي ڪجهه ٻيو سوچڻ جتي مجبور نه ڪريو. جيڪڏهن وفاقي حڪومت واقعي به سنڌ کي پاڪستان جو حصو سمجهي ٿي ته ان کي سنڌ سان رويو به اهڙو ئي اختيار ڪرڻ گهرجي. پر هتي پي ٽي آءِ ماٽيلي ماءُ وارو رويو رکندي پئي اچي، جنهن ۾ سنڌ لاءِ رڳو ڌڪار آهي.
اسين سمجهون ٿا ته وفاقي وزير اسد عمر جو هاڻوڪو بيان نه رڳو غيرذميواراڻو آهي پر غير جمهوري به آهي. ان ڪري کيس پنهنجو بيان واپس وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ جي چونڊيل نمائندن وسيلي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي.
اوور ٽاپ سبب ٻڏل ڳوٺ
سنڌ ۾ گهارا لڳڻ سبب ڳوٺ توڙي فصل ٻڏڻ جا واقعا ٿيندا رهندا آهن، جنهن جي ڪري ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جو گهڻو نقصان ٿيندو آهي. پاڻي جو ٻينن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهي پوڻ اصل ۾ لاپرواهيءَ سبب ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان پاسي ڌيان نه ڏنو ويندو آهي يا وري ڪڏهن ڪڏهن زوري پاڻي به وهايو ويندو آهي. هونئن ته ان جي ذميواري آبپاشي کاتي جي هوندي آهي ته اهو اهڙا واقعا نه ٿيڻ ڏي پر تنهن هوندي به اهو سلسلو هلندڙ آهي. پر ڪالهه جيڪا خبر آهي، ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سم نالي مان پاڻي اوور ٽاپ ڪري ويو، جنهن جي ڪري پنج کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ ان کانسواءِ ڪيترائي فصل پڻ پاڻي هيٺ آهن.

ڪالهوڪي آيل خبر موجب ٽنڊومستي ڀرسان ڳوٺ ننگرخان چانڍيو ۾ پيرسن غلام اصغر چانڊيو فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه ڳوٺاڻن سم نالي جي گندي پاڻيءَ مان گذاري قبرستان پهچايو. ڳوٺ کان قبرستان ڏانهن وڃڻ واري رستي تي سم نالي جي هوندي پاڻي جا تلاءَ لڳل آهن، سم نالي جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري 5 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام قادر چانڊيو، نعمت الله چانڊيو، نزاڪت چانڊيو، ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ علائقي واسين سم نالي جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو هو پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، سم نالي جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري 5 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، هنن چيو ته ڳوٺ ۾ فوتگي ٿي ته لاش دفنائڻ جي لاءِ سم نالي جي گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آھيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺن مان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. جڏهن ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاهي پوي ٿو ته ان سان روزمره جي زندگي متاثر ٿئي ٿي ۽ ماڻهو پريشان کي منهن ڏيڻ لڳن ٿا. جڏهن ته اها ذميواري اتان جي مقامي انتظاميه جي آهي ته اها سم نالي مان پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ جن جن ڳوٺن ۾ پاڻي ويو آهي، اتان به انهيءَ کي نيڪال ڪرائي.
اسين سمجهون ٿا ته ڳوٺن جو پاڻي هيٺ اچڻ ڳوٺاڻن جي پريشانين کي وڌائي رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ترت ٽنڊومستيءَ جي انتظاميه سم نالي کي بهتر ڪري ۽ جيڪو پاڻي اوور ٽاپ ٿي رهيو آهي، ان کي نيڪال ڪري ته جيئن وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button