ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اوميڪرون: خدشا ۽ تياريون

Editorial

ڪورونا وائرس اچڻ کان پوءِ جيڪا تباهي دنيا ۽ پاڪستان ۾ آئي آهي، ان جي اثرن کي اڃا به محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي معيشت جي تباهه حالي آهي ته ٻئي پاسي بيروزگاري پڻ وڌي وئي آهي. پر دنيا اڃا ڪورونا کان آجي ڪانه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو وائرس مختلف صورتن ۾ ماڻهن تائين پهچي رهيو آهي ۽ انهن کي پريشان پڻ ڪري رهيو آهي. ڪورونا جي ويريئنٽ ڊيلٽا کان پوءِ هاڻي اوميڪرون ڪاهي پيو آهي، جنهن جا ڪيس به هاڻ نروار ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪورونا وارن ڏينهن ۾ جهڙي ريت وفاقي حڪومت لاپرواهي ڪئي هئي، ان جي ڪري اهو وائرس بنهه گهڻو پکڙي ويو هو، جنهن کان پوءِ پاڪستان نه رڳو ماڻهن جي مرڻ جو انگ تيزيءَ سان وڌڻ لڳو پر نفسياتي طور به اهي پريشان رهيا. ان وقت ملڪ جي وزير اعظم ان وائرس کي هلڪو زڪام سڏيو پر ڏسندي ئي ڏسندي اهو وائرس سڄي ملڪ ۾ پکڙي ويو ۽ ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻو پيو.
هاڻ جڏهن ڪورونا جو نئون قسم اوميڪرون آيو آهي ته ان سان اڳيان هلي جيڪي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڇا وفاقي حڪومت انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته اوميڪرون جي تصديق به ٿي چڪي آهي. ڪالهوڪي آيل خبر موجب آغا خان يونيورسٽي اسپتال تصديق ڪئي آهي ته ڪراچيءَ ۾ هڪ عورت ۾ ڪورونا وائرس جي نئين ويريئنٽ “اوميڪرون” جي سڃاڻپ ٿي آهي. پنهنجي بيان ۾ اسپتال انتظاميا چيو آهي ته عورت گهر ۾ آئيسوليٽ آهي ۽ ان جي صحت بهتر ٿي رهي آهي. جڏهن ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر به اوميڪرون ويريئنٽ جي تصديق ڪندي چيو ته صحت جي قومي اداري تصديق ڪئي آهي ته ڪراچيءَ سان واسطو رکندڙ عورت جو شڪي نمونو اوميڪرون ويريئنٽ جو آهي. اين سي او سي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اهو پهريون تصديق ٿيل ڪيس آهي پر رجحانن جي نشاندهي لاءِ سڃاڻپ ٿيل نمونن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي صحت کاتي وڏو قدم کڻندي متاثر عورت جي رهائشي علائقي ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مائڪرو لاڪ ڊائون جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اوڀر، ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي. فيصلي تحت مائڪرو لاڪ ڊائون رحيم يار اپارٽمينٽ ۽ سولجر بازار جي ڀرپاسي لڳايو ويندو. ٻئي طرف متاثر عورت سان ملندڙ 51 ڄڻن جا سيمپل ڊائو يونيورسٽي موڪليا ويا آهن ۽ نجي اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت اوميڪرون ويريئنٽ جو وڌيڪ ڪو شڪي سيپمل موجود ناهي. واضح رهي ته 8 ڊسمبر تي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ ويريئنٽ اوميڪرون جي پهرئين شڪي ڪيس جي سڃاڻپ ڪراچي ۾ ٿي هئي. جيتوڻيڪ اهو پاڪستان ۾ پهريون ڪيس آهي پر ان ڳالهه جي پڪ نٿي ڏئي سگهجي ته ان کانسواءِ ٻيا ڪيس نه ٿيا هوندا، ڇاڪاڻ ته اها عورت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ آئي آهي ۽ ان کان پوءِ اهي ماڻهو پڻ ڪٿي ويا هوندا ۽ ماڻهن سان مليا هوندا، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي به اهو وائرس هوندو ته اهي ضرور ان جي منتقلي جو سبب ٿيا هوندا. کڻي جو مريضه جي علائقي ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي پر ملڪ جي ٻين شهرن جي به جاچ لهڻ گهرجي، جتي اهو وائرس هجڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا.
گذريل سال ۽ هاڻوڪي سال جو اڌ لڳ ڀڳ ڪوورنا کي منهن ڏيندي گذريو ۽ ان کان پوءِ حڪومت ان پاسي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو. اڄ پي ٽي آءِ حڪومت چوي ٿي ته ان دنيا جي سڀني ملڪن مان ڪورونا کي بهتر نموني منهن ڏنو. پر اها انهن ڪوتاهين جو ذڪر نٿي ڪري، جيڪي حڪومت کان ٿيون آهن ۽ جن جي ڪري عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اوميڪرون ڪورونا کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن ڪري ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ وائرس گهڻي تيزيءَ سان پکڙي ٿو ۽ ماڻهن کي مرض ۾ وڪوڙي ٿو. اهم ڳالهه اها آهي ته حڪومت پاران ان وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي وئي آهي. جيڪا حڪومت ڪورونا جي عروج واري دور ۾ به لاڪ ڊائون کان انڪار ڪندي رهي، سا ان وائرس جي اچڻ کان پوءِ ڪهڙا منطق پيش ڪري سگهي ٿي.
ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اوميڪرن جي وڌيڪ ڦهلاءُ کان بچڻ لاءِ اهي سڀ احتياطي اپاءُ ورتا وڃن، جن وسيلي ان کي محدود ڪري سگهجي يا جيڪي ماڻهو هيستائين ان جو شڪار ٿيا آهن، انهن کي ترت ڪورنٽائن ڪيو وڃي ته جيئن وڏي امڪاني تباهيءَ کان بچي سگهجي ۽ بهتر نموني وبا کي منهن ڏئي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button