اسلام آبادپاڪستان

ڀنگ بيمارين جو علاج ۽ انساني اعصاب لاءِ قوت بخش آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ڀنگ ۽ هيروئن جي سزا الڳ الڳ ڪرڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀنگ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ۽ انساني اعصاب لاءِ قوت بخش آهي. سپريم ڪورٽ عدالتي مددگارن کي تحريري درخواستون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته سينيٽ جي هڪ ڪميٽي منشيات جي جوابدارن بابت قانون سازي ڪري رهي آهي. سينيٽ جي ڪميٽي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو وڃي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ منشيات جي جوابدارن جي سزائن بابت ڪيس جي شنوائي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بئنچ ڪئي. ان دوران جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته اڳ ۾ ڀنگ ۽ هيروئن جي سزا برابر هئي. جيڪڏهن ڀنگ ۽ هيروئن جي سزا الڳ الڳ ڪئي پئي وڃي ته اهو سٺو سنئوڻ آهي. ڀنگ هيروئن کان گهٽ خطرناڪ آهي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ريمارڪس ڏنا ڀنگ ته ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ۽ انساني اعصاب لاءِ قوت بخش آهي. مختلف ملڪن ۾ ڀنگ کي دوا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو هاڻ ته حڪومت به ڀنگ پاليسي ٺاهي چڪي آهي. عدالتي مددگار اعتزاز احسن چيو ته عدالت کي هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائڻ چاهيان ٿو. 1988 ۾ نواز شريف هزارين ماڻهن سان ضياءُ الحق جي ورسي لاءِ اسلام آباد آيو. اطلاع مليو ته زيرو پوائنٽ تي بسون روڪيون ويون آهن، سيڪيورٽي خدشن تي ڳڻتي ٿي ته آءِ جي ٻڌايو بسن ۾ ڀنگ ڀَري پئي وڃي. اعتزاز احسن جي ٻڌايل واقعي تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. سپريم ڪورٽ منشيات جي جوابدارن جي سزائن بابت ڪيس جي شنوائي جنوري جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button