اڄ سورهن ڊسمبر آهي. اڄ کان پوري اڌ صدي اڳ اڄوڪي ڏينهن يعني 16 ڊسمبر 1971ع تي تڏهوڪو اوڀر پاڪستان پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪري بنگلاديش بڻيو هو. هيءُ سال بنگلاديش لاءِ گولڊن جوبلي يعني پنجاهين سالگره ملهائڻ جو سال آهي. جيتوڻيڪ حتمي ۽ سرڪاري طور تي بنگلاديش جي آزاديءَ کي 16 ڊسمبر 1971ع تي قبوليو ويو هو پر بنگلاديش جي باباءِ قوم 25 مارچ 1971ع تي پاڪستان کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪيو هو. ان ڪري پاڻ بنگلاديش ۾ سرڪاري سطح تي آزاديءَ جو ڏينهن 25 مارچ کي سمجهيو ۽ ملهايو ويندو آهي. هن سال ملهائجندڙ گولڊن جوبلي سالگره تقريبن کي 10 ڏينهن ڊگهو ڪري ملهايو ويو هو جن ۾ پاڪستان کي ڇڏي باقي سمورن پاڙيسري ملڪن جي سربراهن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي ۽ نيپال، ڀوٽان، مالديپ، سريلنڪا ۽ هندوستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن جي سربراهن اها دعوت نه رڳو قبول ڪئي پر انهن تقريبن ۾ شرڪت به ڪيائون. هن سال رڳو بنگلاديش جي آزاديءَ جي پنجاهين سالگره ئي نه پئي ملهائي وڃي پر هيءُ سال بنگالين جي باباءِ قوم شيخ مجيب الرحمان جي 100 هين سالگره ملهائڻ جو سال به آهي.
بنگال سياسي سمجهه جي لحاظ کان گھڻو اڳتي ۽ سجاڳ هو. تاريخ جي شاگردن کي خبر آهي ته پاڪستان ٺاهڻ جي ڳڻتي سڀ کان پهرين بنگالين ۽ سنڌين جي ننڊ حرام ڪئي هئي. ستم ظريفي ڏسو، سڀ کان ستت پاڪستان کان مايوس به اهي ٻئي قومون ٿي ويون. بنگالين جو سياسي شعور انگريزن کي ايترو ڳچيءَ ۾ پيل هو جو انهن سندن طاقت کي تقسيم ڪرڻ لاءِ بنگال کي اوڀر ۽ اولهه جي نالي سان ٻن حصن ۾ ورهايو هو. انگريزن جي زماني ۾ جيڪو اوڀر بنگال هو اهو 1947ع ۾ انگريزن کان آزادي وٺڻ کانپوءِ اوڀر پاڪستان جي سڃاڻپ سان سامهون آيو. ان اوڀر پاڪستان بڻيل بنگال کي 1971ع ۾ ٻيهر آزادي وٺڻي پئي. پاڪستان وجود ۾ آيو ته سندس اوڀر وارو حصو اولهه واري حصي کان 1240 ميل پري هو پر الائي ڇا سوچي اهڙي ورڇ کي قبوليو ويو هو. ملڪ جي ٻنهي ڀاڱن وچ ۾ هڪجهڙائي رڳو مذهب جي ئي هئي باقي سڀ سڀ ڪجهه مختلف هو. ٻولي، ثقافت، کائڻ پيئڻ جا طريقا ۽ عادتون، جاگرافي مطلب ته اسلام کانسواءِ ڪجهه به هڪجهڙو ڪونه هو. مٿان وري اسان جي اولهه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جيڪا منڍ کان وٺي سموري ملڪ تي قابض هئي تنهن اوڀر پاڪستان جي ڪنهن به جمهوري حق کي تسليم نه ڪيو. هن ملڪ جي اڪثريتي عوام جي ٻولين کي ڇڏي اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ تان سڀ کان پهرين اختلاف پيدا ٿيو جيڪو جلد ئي نفرت ۾ بدلجي ويو. پاڪستان ناقابلِ شڪست ۽ ناقابلِ تسخير آهي. پاڪستان اموي خليفن جي حڪمرانيءَ جي زماني کان وٺي قائم آهي ۽ ڏينهن قيامت تائين قائم رهندو. ان قسم جا بيان درسي ڪتابن توڙي سرڪاري تقريبن ۾ ٿيندڙ تقريرن ۾ ڀل جاءِ والارين پر بنگلاديش جي آزاديءَ اهڙين سڀني دعوائن کي عملي طور تي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. اوڀر پاڪستان ۾ جڏهن به بحران آيو، اولهه پاڪستان ان جي واهر نه ڪئي. بنگال منجهان ايندڙ وزيرِ اعظم کي هلڻ نه ڏنو ويو. مطلب ته اختلافن ۽ رنجشن کي نفرت ۽ دشمنيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اولاهين حصي جي اسٽيبلشمينٽ وسان ڪين گھٽايو هو. جهرندڙ ديوار کي آخري ڌڪو 1970ع جي عام چونڊن ڏنو. انهن چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ اڪثريت رکندڙ پارٽي عوامي ليگ واضح اڪثريت سان کٽي آئي هئي، جڏهن ته اولهه ۾ ويٺل جنرل يحى خان ۽ سندس ٽيم ڪنهن به صورت ۾ شيخ مجيب الرحمان کي ملڪ جو وزيرِ اعظم بڻائڻ جي حق ۾ نه هئي. هميشه وانگر يونيفارم پهريل مجاهدن جي نظر ۾ عوام جي چونڊيل نمائندي جي ملڪي وفاداري ۽ حب الوطني مشڪوڪ هئي. ان ڪري اقتدار جي منتقليءَ ۾ ڪن لاٽار کان ڪم ورتو ويو ۽ آخر ۾ مارچ 1971ع ۾ عوامي ليگ جي سربراه شيخ مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو جنهن پنهنجي گرفتاريءَ کان ٿورو اڳ اعلان ڪيو هو ته اڄ کان پوءِ اسين پاڪستان جو حصو نه آهيون. اسين اوڀر پاڪستان نه پر بنگلاديش آهيون. هر بنگاليءَ جو فرض آهي ته پاڪستان خلاف جنگ جو حصو بڻجي. ان ڪري بنگلاديش ۾ ان اعلان واري ڏهاڙي يعني 26 مارچ کي آزاديءَ جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي، 16 ڊسمبر کي نه. مارچ 1971ع کان شروع ٿيل اهو قتلِ عام 16 ڊسمبر 1971ع تي پورو ٿيو هو جيڪو گھٽ ۾ گھٽ 3 ۽ وڌ ۾ وڌ 30 لک بنگالين جي خون سان مڪمل ٿيو جنهن کي لکين بنگالي عورتن جي عزت ۽ گھٽ ۾ گھٽ 43 لک گهرن جي تباهي توڙي قومي ملڪيتن کي نقصان جي ڀيٽا به ڏني وئي هئي. ان هوندي به اهو ڏاڍو ڏکيو هو ته بنگلاديش آزاد ٿي سگهي ها ڇاڪاڻ ته شيخ مجيب الرحمان جي سربراهيءَ ۾ ٺاهيل مڪتي باهني نالي ويڙهاڪ تنظيم ائين ئي هئي جيئن اسان وٽ مختلف لشڪر ۽ آرميون ٺهيل آهن، جن جي سموري قوت به ڪنهن ملڪ جي ريگيولر آرميءَ کي منهن ڏيڻ جهڙي نه هوندي آهي. بهرحال اسلام جي نالي تي مسلمانن لاءِ ٺاهيل هن ملڪ جي لکين مسلمانن کي مسلمان ڪٺو پئي ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙو وڏو انساني بحران سامهون آيو، جنهن ڪري پاڙيسري ملڪ به پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا. خاص ڪري هندوستان جي ڳڻتي نوٽ ڪرڻ جهڙي هئي جنهن ڏانهن بنگلاديش جي ماڻهن جي لڏپلاڻ تمام گھڻي وڌي وئي هئي جو بنگلاديش جي ماڻهن جا مٽ مائٽ ۽ قوم وارا ماڻهو اولهه بنگال ۾ ترسيل هئا، جيڪو غير فطري نموني هندوستان جي رياست بڻيل هو. ان ڪري هندوستان جي حڪمرانن هڪڙي پاسي پاڪستان دشمني ته ٻئي پاسي وري بنگالين کان پنهنجو سر بچائڻ لاءِ آخري ٻن هفتن دوران ان جنگ ۾ سڌو سنئون حصو ورتو ۽ بنگالين جو پاسو کڻندي پاڪستاني فوج کي شڪست ڏئي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو. عالمي طور تي تڏهوڪي سوويت يونين جو سهڪار هندوستان ۽ بنگلاديش لاءِ هو. جڏهن ته آمريڪا پاڪستاني فوج جو مددگار بڻيل هو. 1975ع ۾ بنگلاديش ۾ فوجي بغاوت جي نتيجي ۾ باباءِ قوم شيخ مجيب الرحمان سميت سندس خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. فوج 15 سالن تائين اقتدار تي قابض رهي. پر 1990ع ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي سندس نياڻي شيخ حسينه واجد جي سربراهيءَ ۾ چونڊون کٽيون ۽ اقتدار پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. جنهن کانپوءِ ملڪ لڳاتار ترقي ۽ استحڪام جي رستي تي هلي رهيو آهي.
اسان وٽ اها پروپيگنڊا تمام گھڻي آهي ته بنگالي ڀليل هئا، دشمن جا ايجنٽ هئا، هندن جا غلام بڻجي ويا وغيره وغيره پر گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائي رهي آهي. مثال طور معاشي حوالي سان ملڪ ايتري حد تائين پاڻڀرو ٿيو آهي جو هڪ عام بنگاليءَ جي معاشي حالت ڪنهن عام پاڪستاني ته ٺهيو هندوستاني شهريءَ کان به بهتر ٿي وئي آهي. بنگلاديش صنعتن کي بهتر بڻايو ۽ زراعت کي پاڻڀرو ڪيو. خدمتن جي شعبي کي ٺيڪ ڪيو، جنهن ڪري 1972ع ۾ فقط 6 ارب ڊالرن جي آس پاس جي ڊي پي رکندڙ ملڪ 2019ع تائين 305 ارب ڊالر جي ڊي پي رکندڙ ملڪ بڻجي ويو. برآمدي واپار منجهان بنگلاديش کي ملندڙ نفعو 35 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. 1972ع ۾ بنگلاديشي صنعت جو ملڪي جي ڊي پيءَ ۾ حصو فقط 4 سيڪڙو هو، جيڪو 2019ع ۾ وڌي وڃي 18 سيڪڙو کي پهتو. خدمتن واري شعبي جو جي ڊي پيءَ ۾ حصو 56 سيڪڙو تائين پهتل آهي. بنگلاديش ۾ هن وقت 100 اڪانامڪ زون آهن. 2020ع ۾ بنگلاديش جي جي ڊي پي پاڪستاني جي ڊي پيءَ جي 83 سيڪڙو جڏهن ته هندوستاني جي ڊي پيءَ جي 11 سيڪڙو برابر هئي. گارمينٽ جي صنعت ۾ بنگلاديش هندوستان ۽ پاڪستان کي پوئتي ڇڏي چين ۽ تائيوان سان ڪلهو ملائي رهيو آهي. سترنهن ڪروڙ ماڻهن جي آباديءَ وارو ملڪ بنگلاديش جيڪو اڳ پنهنجي شهرين کي خوراڪ مهيا ڪرڻ کان به لاچار هو سو هاڻي نه رڳو پنهنجي شهرين جو پيٽ ڀرڻ ۾ ڪامياب آهي بلڪه لڳ ڀڳ 10 لک روهنگيا مسلمانن کي به پالي رهيو آهي، جيڪي ميانمار کان ڀڄي اچي وٽس پناهگير بڻيا آهن. اسان پنهنجي اسٽيٽ بينڪ ۾ غير ملڪي ناڻي جا ذخيرا رکڻ لاءِ سعودي عرب کي ايلاز منٿ ڪري ڳري وياج تي ڪجهه پيسا اڌارا وٺي آيا آهيون. جڏهن ته بنگلاديش وٽ 2020ع ۾ 43 ارب ڊالرن تائين پرڏيهي ڪرنسيءَ جا ذخيرا موجود هئا. 1972ع ۾ بنگلاديش ۾ 90 هزار ڊالرن جي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 2019ع ۾ اها سيڙپڪاري لڳ ڀڳ 4 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي. اناج جي پيداوار کي ڏسنداسين ته 1972ع جو بنگلاديش 9.9 ملين ميٽرڪ ٽن اناج پيدا ڪري رهيو هو. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ 2020ع جو بنگلاديش 45 ڏهائي 5 ملين ميٽرڪ ٽن اناج پيدا ڪري رهيو آهي. هيڏانهن اسان جي حالت اها آهي ته پنهنجي خراب حڪمرانيءَ جي ڪري پاڪستان زرعي ملڪ هئڻ جون دعوائون به ڪندو رهي ۽ کنڊ، ڪڻڪ توڙي ٻيا زرعي اسم درآمد به ڪندو رهيو آهي. بنگلاديش چانورن جي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جو چوٿون نمبر ملڪ بڻجي ويو ۽ تازي پاڻيءَ جي مڇي پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ سندس نمبر ٽيون آهي. 1991ع تائين بنگلاديش جي رڳو 14 سيڪڙو آباديءَ کي بجليءَ جي سهولت مليل هئي، جڏهن ته 2021 ۾ اها سهولت ملڪ جي 99 سيڪڙو آباديءَ کي ميسر آهي. 1974ع ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تناسب رڳو 26 ڏهائي 8 سيڪڙو هو جيڪو 2019 جي رپورٽ موجب 74 ڏهائي 7 سيڪڙو تائين پهتو آهي. 98 سيڪڙو بنگالي ٻارڙن پرائمري تعليم مڪمل ڪئي آهي. سيڪنڊري اسڪولن ۾ ڇوڪرين جو انگ ڇوڪرن کان به وڌيڪ آهي. بنگلاديش 2006ع کان وٺي پوليو فري ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. 12 مئي 2018ع تي خلا ۾ سيٽيلائيٽ موڪلي بنگلاديش دنيا جو 57 هون اهڙو ملڪ بڻجي ويو جنهن جو پنهنجو سيٽيلائيٽ خلا ۾ ڇڏيل آهي.
پاڪستان ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جي طبعي عمر 67 جڏهن ته بنگلاديش ۾ 73 سال آهي.
2006ع ۾ جنسي فرق جي معاملي ۾ بنگلاديش دنيا جي 156 ملڪن جي فهرست ۾ 91 هين نمبر تي هو جيڪو هاڻي 65 هين نمبر تي اچي ويو آهي يعني مرد ۽ عورت وچ ۾ جنس جي بنياد تي جيڪو فرق هو، اهو بنگلاديش وارا تيزيءَ سان گھٽائي رهيا آهن. ليبر فورس ۾ عورتن جي حصيداري 40 سيڪڙو تائين آهي، جڏهن ته اهو ساڳيو تناسب هندوستان ۾ 22 سيڪڙو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بک جو حساب ڪتاب پڻ ڪيو ويندو آهي. ان موجب هندوستان 101 ۽ پاڪستان 92 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ بنگلاديش جو نمبر 76 آهي. يعني هندوستان ۽ پاڪستان جي مقابلي ۾ بنگلاديش جا ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار گھٽ آهن.
ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ جي انگن اکرن موجب بنگلاديش اڃان به غربت کان جان آجي نه ڪرائي سگهيو آهي. سندس 20 سيڪڙو آبادي اڃان به غربت جي زندگي گھاري رهي آهي. معاشي اڻبرابري به حقيقت آهي. امير ترين 10 سيڪڙو آباديءَ وٽ ملڪ جي ڪل ملڪيت جو 43 سيڪڙو جڏهن ته انتهائي غريب 50 سيڪڙو آباديءَ وٽ ملڪي دولت جو رڳو 17 سيڪڙو آهي. اهڙيءَ ريت ڪرپشن جي معاملي ۾ به بنگلاديش جي حالت فخر جوڳي ڪانهي. ويجهڙ ۾ مذهبي انتهاپسندي به ڪرُ کڻندي نظر آئي پر رياستي مشينري ۽ حڪومت جي انتظامڪاري ايتري بهتر آهي جو اميد ڪري سگهجي ٿي ته وقت گذرڻ سان گڏ بنگلاديش انهن سمورن مسئلن کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏئي ويندو.