ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وفاق جي ٻه اکيائي

Editorial

پي ٽي آءِ سرڪار جيئن ته سنڌ ۾ حڪمران جماعت ناهي، ان ڪري سنڌ حڪومت سان ان جي ڇڪتاڻ هلندي رهندي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت سان وفاق کي سهڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي پر وفاقي وزير سدائين اهڙا تڪرار بيان ڏيندا رهندا آهن، جن سان وفاق ۽ سنڌ ۾وڇوٽيون وڌي وينديون آهن. اهڙي ريت ڪيترائي معاملا آهن، جن تي وفاق سنڌ سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پاڻيءَ جي ورڇ جو معاملو هجي، ڪورونا خلاف حڪمت عملي هجي يا ملڪ ۾ صحت ڪارڊ جو مسئلو هجي، وفاقي حڪومت سنڌ کان ڌار بيٺل نظر اچي ٿي. تازو ئي سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پڻ چيو آهي ته سنڌ کانسواءِ سمورن صوبن ۾ صحت ڪارڊ جو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ڪهڙي ٻه اکيائي ڪري رهي آهي.
سڌ سماءُ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جنوري کان سنڌ کانسوا سمورن صوبن ۾ صحت بابت خرچ حڪومت برداشت ڪندي، سستي گئس جي عادي ماڻهن کي عادتون تبديل ڪرڻيون پونديون، ملڪ اندر ڪجهه سالن ۾ ۾ گئس اڻلڀ ٿي ويندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ووٽنگ مشين جو معاملو 2012ع ۾ پ پ جي حڪومت اٿاريو، 2016ع ۾ نواز شريف حڪومت ۾ به ووٽنگ مشين تي بحث ٿيو. ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، 4 هزار اي وي ايم مشينون ڪو وڏو مسئلو ناهي، جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ٽينڊر ڪرايو مشينون اچي وينديون. سندس چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه ايترو ناهن گهٽيا جو هتي به اثر پون، دعا ڪنداسين ته تيل جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿين، گڏوگڏ هن چيو ته هر سال گئس 9 سيڪڙو گهٽ ٿي رهي آهي، ڪجهه سالن ۾ گئس نه رهندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ گوادر جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وفاقي وزير اسد عمر ۽ زبيده جلال گوادر ويندا ۽ رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪندا. وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ ٽئين اهم ايجنڊا جيڪا غور هيٺ آئي اها مهانگائي جي آهي، لاڳيتو ٽئين هفتي حساس پرائيس انڊيڪس هيٺ وڃي رهي آهي ۽ قيمتن ۾ لاٿو جو عام رجحان ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته جنوري کان سنڌ کانسوا سمورن صوبن ۾ صحت بابت خرچ حڪومت برداشت ڪندي. وفاقي وزير چيو ته انڊيڪس مطابق ٽماٽن، ڪڪڙ، پٽاٽن جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن جڏهن ته کنڊ ۽ اٽي جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اسان وٽ رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جو مسئلو آهي، ڪراچيءَ ۾هن وقت 1300 رپين ۾ 20 ڪلو اٽو ملي رهيو آهي، اسان جي گوڙ ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ٿوري بهتري آندي پر هاڻي به اٽو مهانگو آهي. اهڙي ريت ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ کنڊ مهانگي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهي، ان ڪري اسان کيس درخواست ڪريون ٿا ته اها ڪنٽرول کي بهتر ڪري. هارين لا ڀاڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته گيس بحران باوجود جيترو سٺي نموني هن حڪومت فرٽيلائز جي معاملي کي حل ڪيو آهي، ان جو مثال نٿو ملي. گذريل سال اسان جا 5 بمپر فصل پيدا ٿيا جنهن سان هارين کي 400 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿي.
حڪومت جي غلط بيانين تي ڇا چئجي، اها ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي ذميوار به سنڌ حڪومت کي سمجهي ٿي ۽ ملڪ ۾ هر برائي جي ذميواري به سنڌ حڪومت مٿان وجهي ٿي. وفاق سنڌ سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ اها سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ ته ٽنگ نه اڙائي، جنهن سان اهو تاثر جڙي رهيو آهي ته وفاق سنڌ کي پنهنجو نٿو سمجهي ۽ سنڌ سان ٻه اکيائي وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button