ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اوميڪرون بابت غيرسنجيدگي!

Editorial

ڊبليو ايڇ او سڄي ديا کي ڪرونا وائرس جي نئين قسم اوميڪرون بابت خبردار ڪري رهيو آهي پر هتان جي حڪومت سميت دنيا ۾ ان بابت ڪا به سنجيدگي نظر نه پئي اچي. هڪ ڀيرو ٻيهر صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا کان شروع ٿيندڙ ڪرونا وائرس جو نئون قسم “اوميڪرون” تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جڏهن ته مختلف ملڪن حفاظتي قدمن کي نظر ۾ رکندي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ٻڌايو آهي ته “اوميڪرون” 13 ڊسمبر تائين دنيا جي 77 ملڪن تائين پکڙجي چڪو هو. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه جو چوڻ هو ته “اوميڪرون” غير معمولي انداز ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي خلاف کنيل حفاظتي قدم اطمينان جوڳا نه آهن. هن چيو ته جيتوڻيڪ هيل تائين ان ڳالهه جون شاهديون ناهن مليون ته “اوميڪرون” تيزي سان بيمار ڪري ٿو، پر اهو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ ڪرونا ۾ مبتلا ٿيندڙ نون مريضن ۾ نئين قسم جي سڃاڻپ ٿيڻ ضروري آهي. صحت جي عالمي اداري جي سربراهه جو چوڻ هو ته ظاهري طور سڄي دنيا جون حڪومتون “اوميڪرون” کي نظرانداز ڪري رهيون آهن ۽ ائين ئي رهيو ته دنيا جي صحت جو نظام ويهجي ويندو. ٻي پاسي هڪ ٻئي پرڏيهي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته “اوميڪرون” تيزي سان پکڙجڻ کان پوءِ مختلف يورپي ملڪن نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جرمني، آئرلينڊ ۽ ڊينمارڪ به فرانس جي نقش قدم تي هلندي ڪرسمس کان اڳ ئي نئين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل ملڪن کان اڳ فرانس “اوميڪرون” کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون سميت سفري پابنديون لاڳو ڪيون هيون. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪجهه ملڪن اندر اوميڪرون بابت سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي پابندين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي پر اڃا تائين اڪثر ملڪ ان بابت ڪنهن خاص سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهيا آهن. اسان جي حالت اها آهي جو ڪراچي ۾ اوميڪرون جي هڪ مريض کي قرنطينا ڪيو ويو پر هو فرار ٿي ويو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومتي ۽ عوامي سطح تي اوميڪرون بابت ڪيتري غيرسنجيدگي موجود آهي.
ٻئي طرف پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتگيون اوچتو وڌي ويون آهن، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 14 ماڻهو فوت 277 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 277 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 14 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 243 مريض صحتياب ٿي ويا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 66 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 863 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 12 لک 90 هزار 491 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 471 مريض علاج هيٺ آهن جن ۾ 718 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 12 لک 52 هزار 157 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 41 هزار 927 ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 27 لک 30 هزار 952 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن، پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 لک 39 هزار 561 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. هن وقت تائين ڪل 13 ڪروڙ 71 لک 20 هزار 270 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته 5 ڪروڙ 86 لک 85 هزار 427 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ڊبليو ايڇ او جي تنبيهه تي ڌيان ڏئي اوميڪرون جي ڦهلا کي روڪڻ لا تڪڙا اپا ورتا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button