بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 10 زخمي

ڪوئيٽا: بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڊي آءِ جي پوليس فدا حسن مطابق شارع اقبال تي ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو، ڌماڪي ۾ شارع اقبال تي بيٺل گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي نقصان پهتو. ريسڪيو ذريعن مطابق ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 10 زخمي ٿي پيا جڏهن ته زخمين ۾ 3 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهن. زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اختيارين ٻڌايو ته علائقي کي سيڪيورٽي فورسز ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، پوليس ۽ بي ڊي ايس جي ٽيم جاچ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button