اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان جي بدحالي جا ذميوار ڀٽو ۽ شريف خاندان آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي بدحالي جا ذميوار ڀٽو ۽ شريف خاندان آهن. پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ وسلين جي ڪا به کوٽ ناهي، ڀٽو ۽ شريف خاندانن وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو. هن چيو ته اسان ملڪ کي خوشحال بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جو مقابلو انهن ٻن ڪٽنبن سان آهي، جيڪي دولت سان مالا مال آهن، ڀٽو ۽ شريف ڪٽنب سياست نه پر خانداني نظام قائم ڪرڻ چاهن ٿا، پاڪستان جي بدحالي جا ذميوار به اهي ٻه ڪٽنب آهن. هن چيو ته مان بينظير ۽ نواز شريف ٻنهي کي سڃاڻيندو هيس، اهي ٻئي ڪرپٽ هئا ۽ جڏهن انهن کي اقتدار مليو ته انهن پئسا ٺاهڻ شروع ڪيو. عمران خان چيو ته مون هميشه چيو آهي ته اصل ڪرپشن وزيراعظم ۽ وزير ڪن ٿا، ۽ مون اهو ئي چيو هو ته مان 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏيندس، منهنجي حڪومت ۾ ڪو به ڪرپٽ ناهي جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته منهنجن وزيرن ڪرپشن ڪئي آهي ته سڀ کان پهريان مان انهن خلاف جاچ ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button