اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم تباهي جو الزام ڀٽو خاندان تي هڻي آجو نٿو ٿي سگهي:شيري رحمان

اسلام آباد :پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ٽن سالن جي تباهين جو الزام ڀٽو ۽ شريف خاندان تي لڳائي رهيو آهي، توهان ٻين تي الزام هڻي آجا نٿا ٿي سگهو. شيري رحمان پنهنجي سلسلي وار ٽوئٽز ۾ وزيراعظم جي انٽرويو تي ردعمل ڏيندي چيو ته پنهنجي نااهلي جو الزام ٻين تي هڻڻ جو بيانيو ڦاٽي پيو آهي. توهان ملڪ جي مجموعي قرضن ۾ 70 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. هن چيو ته توهان 20 ڏهائي 7 ٽريلين رپيا قرض وٺي ٻين تي الزام هڻي رهيا آهيو. هفتيوار رپورٽ ۾ مهانگائي جي شرح 19 ڏهائي 49 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته 3 سالن ۾ رڪارڊ قرض، مهانگائي جي ذميوار به موجوده حڪومت نه ته ٻيو ڪير آهي؟ شايد انهن کي اڃا تائين احساس ناهي ته اهي حڪومت ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button