پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ٽئي ڏينهن به 250 پاور لومر فئڪٽريون بند، سوين پورهيت بيروزگار

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ پاور لومز فئڪٽرين جي مالڪن بجلي ۽ آٽو پارٽس شين جا اگھه چوٽ چڙهي وڃڻ ۽ ايڪسپورٽرن پاران اجرت نه وڌائڻ سبب 250 پاور لومز فئڪٽرين کي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪرڻ جي فيصلي بعد فئڪٽريون ٽئي ڏينهن به بند رهيون، جنهن سبب ڪم ڪندڙ سوين پورهيت بيروزگار آهن ۽ روزگار لا سخت پريشان آهن. ان سلسلي رابطو ڪرڻ تي پاور لومز فئڪٽرين جي مالڪن جي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ارشاد انصاري، شرف الدين انصاري، سهيل ستار ۽ عمران باوجوه ٻڌايو ته بجلي ۽ پاور لومز جي فئڪٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ آٽو پارٽس ۽ مشينري جا اگهھ تمام گهڻو وڌي ويا آهن، ڪراچي جا ايڪسپورٽر اسان جي ڪم جي اجرت نٿا وڌائين، جيڪو ڌاڳو آڻيون ٿا، اسان جيڪو ڪپڙو تيار ڪري ڪراچي ۾ ايڪسپورٽرن کي ڏيون ٿا، ان جو اگهه گهٽ ملي رهيو آهي، جنهن سبب اسان تمام گهڻين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، بجلي جا اگھه وڌڻ سبب بل به ادا نه ڪرڻ سميت فئڪٽريون هلائڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون. اسان جون 3 ڏينهن کان فئڪٽريون بند آھن، ايڪسپورٽرن کي اجرت وڌائڻ جو چيو آھي، پر اڃان تائين مسئلو حل ناهي ٿيو. هنن لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي اجرت 15 سيڪڙو وڌائي وڃي ته جيئن اسان فئڪٽريون هلائي پاڻ ۽ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي فاقاڪشي کان بچائي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button