پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ سورهيه بادشاهه اسٽيڊيم ۾ ٽي 20 ٽورنامينٽ جاري

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ آل سنڌ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سورھيه بادشاهھ پي سي بي اسٽيڊيم ۾ جاري آھي. ٽورنامينٽ جي ستين ميچ ۾ ٽنڊو جان محمد جي سخي جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊو الله يار جي يوسف حسن شھيد ڪرڪيٽ ڪلب کي شڪست ڏئي ڇڏي. پھرين بيٽنگ ڪندي يوسف حسن شھيد ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 13 اورن ۾93 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جواب ۾ ٽنڊو جان محمد جي سخي جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب 14 اورن ۾ ٽارگيٽ مڪمل ڪيو. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر عبدالرحمان خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سانگھڙ جي شھرين کي بھترين ميچ ڏسڻ لا ملي رھيا آھن، ٽورنامينٽ سان سانگھڙ ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button