پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ کاڌي پيتي، ثقافت ۽ راندين جو رنگا رنگ ميلو

شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر ۾ فائن فيوچر پبلڪ اسڪول طرفان مڊٽرم ۾ ٽي ڏينهن وارو اسپورٽس، فوڊ ۽ ڪلچرل فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، فيسٽيول جي پهرين ڏينهن تي راندين جا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور رانديون شامل هيون. انڊور راندين ۾ شاگردياڻين جي پرفارمنس قابل تعريف هئي. شاگردياڻين ٿرو بال، ڦوڪڻا ڦوڪڻ ۽ ميوزڪل چيئر سميت مختلف راندين ۾ حصو وٺي بهترين مقابلا ڪيا. شاگردن ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، والي بال، لانگ جمپ، رسو ڇڪڻ ۽ سائيڪل ريس سميت مختلف راندين جي مقابلن ۾ حصو ورتو. ٻئي ڏينهن تي فوڊ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين گهر مان بهترين قسم جا ديسي توڙي اسٽريٽ کاڌا ساڳ، برياني، پڪوڙا، سينڊوچز ۽ ٻيون شيون تيار ڪري اسٽالن تي لڳايون. ٽئين ڏينهن تي ثقافتي رنگا رنگ تقريب رکي وئي، شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي لوڪ گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. تقريب کي خطاب ڪندي تعليمي ماهرن عبدالحميد ڏاهري، عطاالله انڙ، پريس ڪلب جي صدر محمد الياس انجم، شاعر اديب رياض احمد ڏاهري، آفتاب ملاح، ملڪ ذاڪر علي، اياز علي ڏاهري، حاڪم ناياب جهلڻ، سگا شاهپورچاڪر جي صدر محمد رمضان سومرو ۽ ٻين چيو ته فائن فيوچر پبلڪ اسڪول ۾ تعليم صرف نصابي ڪتابن ۽ ليڪچرن تائين محدود ناهي، پر هم نصابي سرگرميون به ان جو حصو آھن، جنهن سان شاگردن جي ذھني، جسماني ۽ اخلاقي اوسر ڪري سگهجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button