پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بيڪري تي قبضو، مالڪ کي مبينا مارڪٽ

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ محمود آباد ٿاڻي جي حد محمود آباد چوڪ تي قائم بيڪري جي مالڪ پاران ڀتو نه ڏيڻ تان ڀتاخورن بيڪري تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهھ ڪئي ۽ فائرنگ ڪري بيڪري کي تالا هڻي قبضو ڪري ورتو. اطلاع باوجود محمود آباد پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. متاثر بيڪري مالڪ حيدر علي عباسي گهرڀاتين سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته آئون محمود آباد چوڪ تي بيڪري هلائيندو آھيان ۽ منهنجو گهر به اتي آھي، ڀتاخور گڊو ٿيٻو ڀتو گهريو، ڀتو نه ڏيڻ تان گڊو ٿيٻو ۽ ٻن ٻين هٿياربندن بيڪري تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهھ ڪري فائرنگ ڪئي، جوابدارن مون کي مارڪٽ ڪري بيڪري مان ڪڍي قبضو ڪري تالا هنيا آھن، مون گهر ۾ وڃي جان بچائي ته گهر تي به حملو ڪري جوابدارن حراسان ڪيو، واقعي جو محمود آباد پوليس کي اطلاع ڏنو، پر پوليس نه پهتي، جنهن بعد ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس سادي رجسٽر تي رپورٽ لکي اسان کي روانو ڪري ڇڏيو، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هن ايس ايس پي ميرپورخاص کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button