اسلام آبادپاڪستان

افغان حڪومت جو پرڏيهي وزير اسلام آباد پهچي ويو،قريشي سان ملاقات

اسلام آباد:)عبوري افغان حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي سترهين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو. ڪالهه اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان وفد جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امير خان متقي افغانستان ۾ امن ۽ ترقي لاءِ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته هي بي مثال موقعو آهي. هن چيو ته هو پاڪستان خاص ڪري وزيراعظم عمران خان جو ٿورائتو آهي، جنهن افغانستان ۾ انساني بحران جو حل ڳولڻ لاءِ اهم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پاڪستان جي دوري تي آيل بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ ڪالهه وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button