پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ آبادگارن ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر روڪي ورتو

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ يوريا ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر ميرپور ماٿيلو کان شھدادپور وڃي رھيو ته ھاشم شاهھ پوليس چيڪ پوسٽ وٽ صحافين ۽ آبادگارن پوليس جي مدد سان ٽرالر روڪي ورتو، ٽرالر ۾ 6 سئو يوريا ڀاڻ جون ٻوريون پيل مليون، جنھن بعد ضلعي سانگھڙ ۽ تعلقي شھدادپور جي انتظاميا کي فون ڪري اطلاع ڪيو ويو، اختيارين نوٽيس نه ورتو، ٽرالر ٻه ڪلاڪ بيٺل رھيو، جنھن کانپوءِ ٽرالر کي ڇڏيو ويو. واضع رهي ته مقصودو رند ۽ ڀرپاسي ۾ ڀاڻ جي شديد کوٽ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button