هن هفتي جي آخر ۾ اسلام آباد او آءِ سي جي هڪ اهم اجلاس جي ميزباني ڪندو، اسلامي تعاون جي تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو هي سترهون غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران تي غور ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، ان ميمبر اسلامي ملڪن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جن ادارن، بين الاقوامي ۽ علائقائي تنظمين ۽ عالمي اقتصادي ادارن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
افغانستان ۾ ڏينهون ڏينهن بگڙجندڙ صورتحال ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته دنيا افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچي ۽ انهن کي ان انساني الميي کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري، خوراڪ جي عالمي اداري موجب افغانستان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي، لاڳيتو جنگ، بحران ۽ غربت جي ڪري افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي يعني ڪي ٻه ڪروڙ 30 لک ماڻهو غذائي ڏکيائين ۽ صحت جي مسئلن جو شڪار آهن، انهن ۾ 87 لک ماڻهو ۽ 2 لک جي لڳ ڀڳ معصوم ٻارڙا اهڙا به آهن جيڪي شديد غذائي کوٽ جي ڪري موت جي منهن ۾ آهن.
افغانستان ۾ پرڏيهي فوجن جي واپسي کان پوءِ اتي معيشت شديد مشڪلات جي ور چڙهيل آهي، ان جو سبب اهو آهي ته گذريل ويهن سالن دوران افغانستان جي اڌ بجيٽ قابض ملڪ مهيا ڪري رهيا هئا ۽ اتي سالياني قومي پيداوار جو 45 سيڪڙو معيشت جنگ يعني War Economy موجب هئي، ان کان علاوه آمريڪا پنهنجي بئنڪن ۾ موجود 10 ارب ڊالر جا افغان اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا، عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف به مدد ڪري ڇڏي آهي، پر گڏيل قومن، آمريڪا ۽ ان جا ٻيا ملڪ ڪجهه طالبان اڳواڻن تي لڳايل پابندي جي سزا پوري افغان قوم کي ڏئي رهيا آهن.
هن وقت معاشي صورتحال ايتري ابتر آهي جو افغان سرڪار ملازمن کي اپريل کان هن وقت تائين پگهارون نه ڏئي سگهي آهي، اولهه جا ملڪ هڪ طرف افغان حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڇوڪرين جا ڪاليج جلد کوليا وڃن ۽ ٻئي پاسي جڏهن طالبان استادن جون پگهارون ادا ڪرڻ لاءِ افغانستان جا اثاثا غير منجمد ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ان کي اهم نٿو سمجهيو وڃي.
ان صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دنيا ۽ خاص طور تي مسلمان ملڪ پنهنجي افغان ڀائرن جي مدد ڪن، ان ڳالهه کان قطع نظر ڪرڻ جي ته اتي ڪنهن جي حڪومت آهي، ان حڪومت جا نظريا ڪهڙا آهن، اهي اسان جي خيالن سان ڪيترو اتفاق ڪن ٿا، اسان لاءِ اهو اهم هجڻ گهرجي ته اتان جي عوام کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، خود اولهه جي ملڪن کي به اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي افغانين کي اڪيلو ڇڏي اهي پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهندا، بلڪه انهن کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش خود آمريڪا ۽ ان جي ساٿين لاءِ نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
پاڪستان پنهنجي طور تي افغان عوام جي مدد جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، اسان جي پرڏيهي وزير ڪجهه عرصو اڳ ڪابل جي دوري جي موقعي تي پنج ارب روپين جي امداد جو اعلان ڪيو، خوراڪ، دوائن، ڪپڙن جي صورت ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظميون پنهنجي مصيبت سٽيل افغان ڀائرن جي مدد جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، پر افغان انساني بحران تمام وڏو آهي ۽ ايتري ئي وڏي مدد جي گهرج آهي.
اسلامي تعاون جي تنظيم امت ملسمه جو اجتماعي آواز آهي. ملسمان ته هڪ ٻئي لاءِ ايئن ئي آهن جيئن جسم جا مختلف عضووا، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ مسلمان کي تڪليف پهچي ۽ ٻئي کي احساس تائين نه ٿئي ان لاءِ اميد آهي ته اسلامي تعاون جي تنظيم ان مشڪل صورتحال جي گهرجن تي پورو لهندي ۽ مظلوم مجبور افغان ڀائرن جي آواز تي لبيڪ چوندي نه رڳو پاڻ ان جي مدد لاءِ اڳتي وڌندي بلڪه ٻي دنيا کي به ان جي مدد تي آماده ڪرڻ ۾ اڳتي اڳتي هوندي.