ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوشلزم ۽ سامراجيت کان نجات جو سوال

Editorial-Article- Yameen Jatoi

سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي کي اٽڪل ٽن ڏهاڪن جو عرصو گذرڻ باوجود سرمائيداراڻو سامراجي نيو ورلڊ آرڊر نه سياسي جمهوريت ڏئي سگهيو آهي نه ئي معاشي آزادي. حالت اها آهي جو گڏيل قومن جهڙي سامراج جي پڇ لٽڪائو اداري کي به ڪجهه وقت اڳ چوڻو پيو ته، “رڳو ايشيا کنڊ اندر 50 ڪروڙ انسان بک جو شڪار آهن.” سچ اهو آهي ته، گذريل صديءَ ۾ سوشلزم جي زوال کان پوءِ پورهيت طبقي ئي وڌ کان وڌ ڀوڳيو آهي. اڄ باقي دنيا اندر به بک، افلاس ۽ اڻبرابريءَ جو اهو ئي عالم آهي، جيڪو ايشيا اندر. سرمائيدار دنيا جا دانشور سامراجي سرمائيداراڻي نظام کي فطري ۽ ابدي نظام طور پيش ڪرڻ لاءِ ڀلي هزارين عذر پيش ڪن، پر ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته، ان “فطري” ۽ “ابدي” سماجي-معاشي نظام ٽن ڏهاڪن اندر انسانيت لاءِ جيڪي مسئلا پيدا ڪيا آهن، انهن انساني سماج ته ڇا پر هن سڄي ڌرتيءَ جي گولي جي بقاءَ لاءِ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
اولهه جي سرمائيدار ملڪن “ڪميونزم جي خطري” کان پنهنجي عوام کي جيڪي مراعتون ڏنيون هيون، سوشلسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ کان پوءِ اهي کسجڻ جو سلسلو تيز ٿيو، جيڪو اڄ به پنهنجي پوري آب و تاب سان جاري آهي. بلڪ اڄ اڃا به وڌيڪ جارحاڻن معاشي قدمن وسيلي عوام جي حقن تي حملي آور ٿي رهيا آهن. کڻي انهن قدمن جي شروعات 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ نيولبرل سرمائيداريءَ جي والار سان ٿي، پر ان عوام جي وسيلن تي قبضي جي باقائده شڪل سوشلسٽ بلاڪ جي زوال کان پوءِ ئي اختيار ڪئي. اڄوڪي سرمائيداري محنت ڪش عوام لاءِ جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. يورپ ۾ وقتن به وقتن اٿندڙ خودرو عوامي احتجاجن جي لهر پاڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته، نيولبرل سرمائيداريءَ خلاف هاڻي ان جي مرڪزي ملڪن ۾ به وڏي پئماني تي عوامي تحريڪن جي جنم وٺڻ جو مسالو موجود آهي. سڄي اولهه اندر، يورپ کان امريڪا تائين، عوامي بئچيني پنهنجو اظهار ڪري رهي آهي. ان مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته، سوشلزم جي زوال کان پوءِ خوشحاليءَ سميت جيڪي به دعوائون ڪيون ويون هيون، اهي عملي شڪل نه وٺي سگهيون آهن، اٽلندو عوام کان حق کسيا پيا وڃن. اها سڄي دنيا ۾ صورتحال آهي ۽ سڄي دنيا جيان اولهه جي به صورتحال آهي، جو اولهه جي سامراجي جمهوريت وٽ اڻ اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ته جنگيون، علائقائي ٽڪراءُ ۽ معاشي بيٺڪيت ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي پر ان وٽ پنهنجي عوام کي ڏيڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي، سواءِ عاوم جي بيرحم استحصال جي!
اڄ امريڪا، جيڪو سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا جو لٺ سردار بڻجي ويو، اندر بي گهر ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي، جيڪو نه سون ۾ آهي، نه هزارن ۾ پر لکن ۾ آهي. مطلب ته، سرد جنگ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي بعد هڪ قطبي دنيا جي شڪل وٺندڙ هيءَ نئون عالمي سامراجي نظام يا نيو ورلڊ آرڊر پاڻ انسانيت لاءِ وڏي ۾ وڏو مئسلو بڻجي چڪو آهي. وٽس دنيا جي محنت ڪش عوام کي سواءِ جنگين، فوجي ٽڪرائن، بک، افلاس، بيمارين ۽ غربت جي ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو، اڄ سڄي دنيا اندر سوشلزم جي هڪ ڀيرو ٻيهر گهر وڌي رهي آهي. سوشلزم جي وڌندڙ مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، اسان وٽ هتي پاڪستان ۾ پ پ جهڙي عوام دشمن پارٽيءَ کي به هڪ ڀيرو “سوشلزم اسان جي معيشت” جو نعرو هڻڻو پئجي رهيو آهي.
ٿلهي ليکي، اڄ سرمائيداريءَ خلاف عوام منجهه نفرت وڌي رهي آهي ۽ ان جي متبادل جا سوال ٿي رهيا آهن. نتيجي طور سوشلزم هڪ ڀيرو ٻيهر پاپولر نعرو بڻجي رهيو آهي. آمريڪا ۾ سوشلزم جي وڌندڙ مقبوليت جو ان مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، اڄ آمريڪا جي دانشورن کي ان ڳالهه تي بيحد ڳڻتي آهي ته، آمريڪي تهذيب ۽ قدرن کي “سوشلزم جي وڌندڙ خطري” کان ڪيئن بچائجي؟!
هاڻي اچجي دنيا جي پهرين سوشلسٽ انقلاب جي سرزمين روس ڏانهن، جتي ستن ڏهاڪن تائين سوشلزم رهيو. پر اڄ اتان جي صورتحال به باقي دنيا کان ڪا مختلف ڪونهي. اڄ پيوٽن جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري، روس اندر به سوشلزم جي پاپولرٽيءَ ۾ واڌ اچي رهي آهي. ايتري حد تائين جو اڄ روس جو 66 سيڪڙو عوام سوويت يونين ڏانهن موٽڻ چاهي ٿو. اها صورتحال ڪجهه عرصو اڳ ئي سامهون آئي، جڏهن هڪ اداري لوادا پنهنجي سروي ڪئي ته، 66 سيڪڙو عوام سوويت يونين ڏانهن موٽڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پر اهو به سچ آهي ته، سوويت يونين ان ڪري نه ٽٽو هو ته، اها عوام جي خواهش هئي، پر سوويت حڪمرانن جا سرمائيداريءَ جي بحاليءَ لاءِ کڄندڙ اهي قدم هئا، جن سوويت يونين ۾ رد-انقلاب جي راهه هموار ڪئي. جنهن جي شروعات ڪامريڊ اسٽالن جي لاڏاڻي کان پوءِ ٿي هئي. اسٽالن جي موجودگيءَ تائين سوويت يونين نه رڳو پنهنجي عوام پر سڄي دنيا جي مزدور تحريڪن لاءِ وڏو ڏڍ هئي، اهو عالمي انقلاب جي سرواڻ ڪامريڊ اسٽالن جي حڪمت عملين جو ئي نتيجو هو جو سوويت يونين عالمي سوشلسٽ قوت طور اڀري، جنهن سڄي دنيا اندر قومي، عوامي ۽ جمهوري انقلابن جي هڪ لهر اٿارڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو ۽ ان سامراج جي بيٺڪيتي نظام کي اونڌو ڪري ڇڏيو. پر جيئن ته رد-انقلاب انقلاب سان گڏ گڏ هلندا آهن، انهن جي فتحياب ٿيڻ جا سگهارا امڪان هوندا آهن، تنهنڪري، پورهيت انقلاب جي عظيم رهنما اسٽالن جي لاڏاڻي کان پوءِ خرشچيفي ٽولي جي سوويت اقتدار تي قبضي کان پوءِ رد-انقلابي قدمن جي شروعات ٿي، جيڪا گورباچيف جي گلاسنوسٽ ۽ پرستروئيڪا تي منتج ٿي. ان جي باوجود به جڏهن مارچ 1991ع ۾ سوويت يونين کي قائم رکڻ نه رکڻ بابت ريفرنڊم ٿيو ته، 75 سيڪڙو کان وڌيڪ سوويت عوام سوويت يونين جي بقاءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، پر جيئن ته ڪامريڊ اسٽالن جي لاڏاڻي کان پوءِ سوويت يونين جي ترميم پسند قيادت رد-انقلاب جا بنياد رکي ڇڏيا هئا، تنهنڪري 25 ڊسمبر 1991ع تي سوويت يونين ختم ٿي ۽ رد-انقلاب عارضي طور ڪامياب ٿي ويو.
هاڻي سوال وري به اهو آهي ته، سوويت يونين جي ڊهڻ کان پوءِ جنهن دنيا جو واعدو ڪيو ويو هو، ڇا سامراجي درندن اهو واعدو پورو ڪيو؟ جواب بلڪل نفي ۾ آهي. اڄ دنيا عالمي سامراجي بگهڙن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي. هو جيئن چاهين ٿا، دنيا جي پرامن ملڪن کي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا. جمهوريت ۽ انساني حقن جي نالي تي دنيا جي آزاد رياستن تي چڙهايون ڪري اتان جي لکين مظلوم عوام کي ڪچلين ٿا.
بهرحال اهو به آهي ته هڪ ٻن ڏهاڪن کان دنيا بدلجڻ شروع ٿي آهي، پر دنيا جو اهو بدلاءُ وري به رجعت پرست عالمي طاقتن جي حق ۾ وڃي رهيو آهي. اڄ روايتي سامراجي ملڪن، جن جي اڳواڻي امريڪي سامراج ڪري رهيو آهي، جي هجيمني ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، اهڙي ريت هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا اندر طاقت جو توازن تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، پر هن ڀيري فرق اهو آهي ته اهو طاقت جو توازن سوشلزم بجا نين سامراجي طاقتن جي حق ۾ وڃي رهيو آهي. گذريل صدي ۾ آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿيو، جنهن سان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظلوم طبقا ۽ محڪوم قومون بالادست قوت بڻجي ويا، اهڙي نموني سڄي دنيا اندر عالمي سامراج جو بيٺڪيتي سرشتو ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي ويو. پر هن ڀيري ايئن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته هن ڀيري روايتي عالمي سامراج جي هڪ هٽي ٽٽي ته رهي آهي پر ان جي جا تي جيڪي نيون قوتون اڀري رهيون آهن، انهن جون به دنيا جي سڻڀن وطنن تي نظرون آهن. ان جو جيئرو جاڳندو مثال چين آهي، جيڪو سنڌ سميت بلوچستان ۽ پاڪستان جي ٻين محڪوم قومن جي قومي غلامي ۾ هن رياست جو ساٿاري بڻيل آهي، اهو ان ڪري جو هي رياست مظلوم قومن جا وسيلا چين حوالي ڪري رهي آهي. تنهنڪري، هڪڙين سامراجي رياستن جي جا ٻيون سامراجي رياستون والارڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. دنيا جي وسيلن سان مالامال خطن تي نئين والار جون تياريون ٿي رهيون آهن. مطلب ته هڪ ڀيرو ٻيهر انسانيت هڪ نئين سامراجي ظلم ۽ بربريت جو شڪار ٿي رهي آهي. تنهنڪري، چين ۽ روس جي شڪل ۾ روايتي سامراجي طاقتن جو ٽوڙ ته ٿي رهيو آهي، دنيا يوني پولر مان ملٽي پولر يا گهڻ قطبي نظام ۾ ته تبديل ٿي رهي آهي پر اهو گهڻ قطبي نظام دنيا جي مظلوم طبقن ۽ محڪوم قومن لا ظلم ۽ استحصال جو هڪ نئون ڄار اڻي رهيو آهي. کاٻي ڌر جا هڪڙا پرت ان کي ترقي پسند قرار ڏئي رهيا آهن، سندن نظر ۾ چين ۽ روس جي شڪل ۾ جيڪي نيون طاقتون اڀري رهيون آهن اهي دنيا کي روايتي سامراجي پنجوڙ کان آزاد ڪندي، ترقي جي نين راهن ڏانهن وٺي وينديون. پر انهن کي چين جي والار نظر نٿي اچي. دنيا ۾ چين نئين سري سان پنهنجي سامراجيت جا بنياد وجهي رهيو آهي، خاص ڪري اسان لا ته هو ڪنهن به صورت ۾ ترقي پسند ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي. هو هن رجعت پرست رياست ۽ ان جي حڪمران طبقي جو ٻانهن ٻيلي بڻيل آهي. ٻئي طرف ان ساڳي ئي چين ۾ هر سال ارب پتين ۾ واڌارو به ايندو رهي ٿو. تنهنڪري، انهن کي هر حال ۾ ترقي پسند ثابت ڪرڻ بدران اصل سوال ان نئين ۽ گڏوگڏ روايتي سامراجي ظلم کان نجات جو سوال آهي. تنهنڪري، اڄ وري اسان سميت دنيا جي محڪوم قومن (جيڪي دنيا جي وڏي اڪثريت تي ٻڌل آهن) جو سامراجيت سان تضاد وڌندي نظر اچي رهيو آهي. ان سوال جو نبيرو ئي انقلاب جي ٻئي مرحلي يعني سوشلزم لا رستو سڌو ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري، دنيا سان گڏ سنڌ جي ڪميونسٽن جو به اهو ئي بنيادي فريضو آهي ته اهي مظلوم قومن جي آزادي جي تحريڪن ۾ حصو وٺي، سامراجيت سان ويڙهه ڪن. خاص ڪري هتان جي مظلوم قومن جون آزادي جون تحريڪون نه رڳو هن رجعت پرست ۽ عوام دشمن رياست سان وڙهي رهيون آهن، پر اهي ساڳي وقت چيني سرمائي ۽ والار خلاف به وڙهي رهيون آهن. ان لحاظ کان اهي انقلابي ۽ ترقي پسند آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button