ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جڏهن بهارن جا هٿ خالي آهن

Editorial-Article-Ali Akber Nohri

ڊسمبر وري موٽي آيو آهي، اهو مهينو جڏهن زندگيءَ جون گهڻيون خوشيون رسي ويون هيون ۽ جيئڻ هڪ غم بڻجي رهجي ويو هو. ڊسمبر جي مهيني کي وڇوڙي جي نالي سان منسوب ته ٻڌو هو پر انهيءَ جو صحيح اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن آئون پاڻ وڇوڙي جي انهي تجربي مان گذريس. اهو وڇوڙو جيڪو زندگيءَ جي سڀني ميلاپن کان مٿي هو، اهو وڇوڙو جيڪو زندگيءَ جون ڪيئي رونقون اجاڙي ويو. مون وڇوڙي جي درد بابت ڪتابن ۾ ته گهڻو پڙهيو پر انهي درد جو صحيح احساس تڏهن ٿيو، جڏهن اسان جي گهر جو اهم ڀاتي منهنجو مامو ڊاڪٽر علي نواز نهڙي اسان کان وڇڙي ويو. اڄوڪي تاريخ تي بلڪل هڪ سال اڳ فجر مهل مامو ڪينسر جي مرض سبب اسان کان جدا ٿي ويو.
اهو درد ڀلا گهٽ آهي هڪ ماڻهو جنهن کي توهان مسلسل سندس مرض جي وڏي تڪليف سهندي ڏسو ۽ وري انهي تڪليف دوران ئي هو اوچتو اوهان کان وڇڙي وڃي، انهي درد کي ڪهڙو نالو ڏئي سگهجي ٿو. وڇڙڻ وارا اسان جي اکين آڏو ايئن اوچتا هليا ويندا آهن ۽ اسين سواءِ روئڻ جي ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون. ايئن ئي رئوف ڪلاسرا پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته “انسان جي بيوسي هن جي سامهون پنهنجن پيارن کي کسي ويندي آهي ۽ انسان رڳو ڪنهن معجزي ڏانهن پيو نهاريندو آهي.”

امرتا پريتم پنهنجي آتم ڪٿا “رسيدي ٽڪٽ” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته جڏهن امرتا جي ماءُ سخت بيمار هئي ته هن پنهنجي ماءُ جي تڙپندڙ حالت ڏسي خدا کان دعا ڪئي ته خدا منهنجي ماءُ کي مارجان نه، پر ٿي ڪجهه نه سگهيو ۽ سندس ماءُ جلد مري وئي. اتي هو خدا کان ڪاوڙ جو به اظهار ڪري ٿي. ايئن وڇڙڻ وارا اسان جي اڳيان ئي اوچتا هليا وڃن ۽ اسين ڪجهه پلن لاءِ به هنن کي روڪڻ جي طاقت نه رکندا آهيون.
موت هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪو اسان جي زندگيءَ تي ڪنهن وقت به حاوي ٿي سگهي ٿي. بقول اختر حفيظ موت اهو چور آهي، جيڪو زندگيءَ کي ڪٿي به کاٽ هڻي سگهي ٿو. واقعي موت جو جڏهن مدو اچي ٿو ته اهو زندگيءَ مٿان ڪاهه ڪرڻ ۾ ڪوئي بخشش ناهي ڪندو. اتي مون کي ڪافڪا جي هڪ ڪهاڻي ياد اچي وئي جيڪا مون گهڻو وقت اڳ رئوف ڪلاسرا جي ڪتاب “گمنام گائون ڪا آخري مزار” ۾ پڙهي هئي. جنهن ۾ بغداد جو هڪ واپاري پنهنجي نوڪر کي ڪنهن شيءِ لاءِ شهر موڪليندو آهي. پوءِ ڪجهه دير ۾ هن جو نوڪر ڊڄندو ڏڪندو جلد واپس ايندو آهي، جڏهن سندس مالڪ سبب پڇندو آهي ته ٻڌائيندو آهي ته شهر ۾ سندس ملاقات هڪ عورت سان ٿي جنهن انتهائي خوفناڪ نظرن سان هن ڏانهن ڏٺو ۽ اتي هو سمجهي ويو هو سندس موت هئي ۽ پوءِ هو موت کان بچڻ لاءِ پنهنجي مالڪ کان گهوڙو وٺي ٻئي شهر سامرا ڏانهن ڀڄي ٿو وڃي. هن جي وڃڻ کانپوءِ جڏهن اهو واپاري پاڻ شهر وڃي هن موت سان ملندو آهي ته پڇندو آهي ته هن سندس نوڪر کي ڊڄاريندڙ نظرن سان ڇو ڏٺو، انهيءَ تي موت جو جواب هوندو آهي ته هن کيس خوفناڪ نظرن سان نه ڏٺو پر نوڪر کي ڏسي موت کي حيراني ٿي ته هي هتي بغداد جي بازار ۾ ڇا پيو ڪري، جڏهن ته رات جو هن سان سندس ملاقات ته سامرا ۾ هئي!
پر وري به موت مري ويلن لاءِ ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي، اهي ته هن دنيا مان هليا ٿا وڃن ڏک ته پوئين کي ٿئي ٿو. جيڪي انهي وڇوڙي جي رنج کي سهندي روز جيئن ٿا ۽ روز مرن ٿا. ايئن جيئن غالب چيو آهي
مرتي هين روز مرني ڪي آرزو ۾،
موت آتي هي، پر نهين آتي.
مامي مرحوم جي وڇوڙي کي برداشت ڪجي پر هن جي يادن کي ڪيڏانهن ڪجي. هن جي ڳالهين کي ذهن مان ڪيئن ميسارجي. مون کي ياد آهي ته ماما مرحوم جو هڪ اصول هوندو هو، هو روز ميسينجر تي صبح جي سلام جو ميسيج ڪندو هو پر هاڻ آئون اڃان به صبح جي پهر موبائيل کي ڏسندو آهيان پر اتي ڪو ميسيج ڪو سلام ناهي هوندو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته جهڙو ڪالهوڪو ڏينهن هو جو هو اسان کان وڇڙيو. وڇڙي ويل جي ياد روئاڙي ٿي پر انهن جون اهي رهجي ويل شيون به ڏسڻ سان دل درد سان ڀرجي وڃي ٿي، انهي لاءِ گئبريل گارشيا پنهنجي هڪ ناول ۾ درست چيو آهي ته” جن ماڻهن سان محبت ڪئي وڃي، اهي مرندي وقت پنهنجون سموريون شيون گڏ کڻي وڃن.”
اها وڏي هڪ عجيب حقيقت آهي ته انسان موت کان ڊڄي به ٿو پر انهي جي باجود هو انهي جي هجڻ کي جيئري ئي قبول ڪري ڇڏي ٿو. سنڌ کان هينئر ڪملهو وڇڙي ويندڙ برک اديب ڊاڪٽر رسول ميمڻ کان هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويو ته ڇا اوهان کي موت کان ڊپ لڳي ٿو؟ اتي هن ڏاڍو دلچسپ جواب ڏنو “موت جو ڊپ لاشعوري طور تي هر جاندار ۾ موجود آهي. موت جو لاشعوري خوف اسان کي جيئڻ جي سگهه ڏئي ٿو. موت بذات ڪجهه ناهي. موت جو تصور ايئن آهي جيئن ڄمڻ کان اڳ وارو تصور ۽ موت کانپوءِ به ايئن آهي جيئن اسان نه هونداسين ۽ دنيا هوندي. موت مئل نه پر جيئرن لاءِ هوندو آهي، ڇو ته جيڪو مري ويو ان کي موت جي ڪهڙي خبر، خبر ان کي هوندي آهي جنهن موت ڏٺو.”
رسول ميمڻ جو ذڪر آيو ته سندس شاندار ناول “قالو بلا” ياد اچي ويو جنهن جي ڪهاڻي به منهنجي مامي جي زندگيءَ جيان ئي آهي. هن ناول ۾ هڪ ڪردار جنهن جي محبوبا کي ڪينسر جو مرض هوندو آهي، جنهن کي موت کان بچائڻ لاءِ هو وڏا جتن ڪندو آهي پر آخر ۾ هو مري ويندي آهي. اتي هو ڪردار موت ۽ مرض کي مخاطب ٿي چوي ٿو ” اي موت اڻ سڏيل زندگيءَ جي دسترخوان جو ڪمهلو مهمان آهين. اي مرض شل توتي موت نازل ٿئي، تون به ڪنهن مريض جيان موڪلائي وڃين.”
مامي جي وڇڙڻ جو غم اڃان دل تي تازو آهي پر سوچيان ٿو نيٺ اهو به دل تان لهي ويندو. وقت وحشي آهي جيڪو پنهنجي رفتار جي وھڪري ۾ هن جي ياد هڪ ڏينهن واهي ويندو. وقت جي انهي ستم تي مون کي ميخائل شولوخوف جا اهي جملا ياد اچن ٿا، جيڪي هن پنهنجي مشهور ناول And Quiet Filows the Don ۾ لکيا آهن ته ” قبرن تي گاهه ٿئي ٿو، پر وقت غم کي ڍڪي ڇڏي ٿو. هوا وڇڙڻ وارن جا نشان ئي اڏاري وئي. انهن ماڻهن جي ياد وقت جي هٿان مٽجي چڪي هئي جيڪي پنهنجن پيارن جي ڏسڻ لاءِ زنده نه رهيا هئا. انساني زندگيءَ مختصر آهي، ڪير نٿو ڄاڻي ته ڪوئي ڪيستائين قدمن تي وڇايل گاهه تي هلي سگهي ٿو.”
واقعي زندگيءَ جي هن مختصر اڙانگي سفر ۾ ڪير ڪيستائين اسان گڏ هلندو ڪهڙي خبر. زندگيءَ ڏکن سان ڀريل آهي، سڄي حياتي ڏکن کي منهن ڏيندي گذري وڃي ٿي پر آخر ۾ حاصل صرف موت ٿئي ٿو، جيڪو پاڻ وڏو ڏک آهي. ايئن جيئن بالزاڪ پنهنجي ناول يوجين گرينڊ ۾ لکيو آهي ته “زندگيءَ ۾ رڳو ڏک آهن ۽ ڏکن کانپوءِ موت آهي.” يعني انسان زندگيءَ جي تتل واٽن تي طويل سفر ڪندو رهندو آهي پر هن جي منزل آخر وري به موت ٿيندو آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي،
زندگي تيري تعاقب ۾ هم
اتنا چلتي هين ڪي مر جاتي هين.
موت تي لڳاتار سوچيندي مون کي هڪڙو ٻيو واقعو ياد اچي ويو جيڪو مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو، جڏهن پاڪستان جي ناليواري سياستدان قمر زمان قائره جي نوجوان پٽ جي المناڪ وڇوڙي تي هن جو ڪو دوست تعزيت ڪرڻ آيو شديد ڪرب ۽ ڏک وچان قمر زمان هن کي ڏاڍا دردناڪ لفظ چيا جيڪي مون کان اڃان نٿا وسرن ته ” هڪ لمحو سڀ ڪجهه آهي. هڪ لمحو سڀني شين کي واهي وڃي ٿو.”
پر منهنجو مامو هاڻ ڪڏهن ڪونه ايندو. هاڻي هر سال محرم جي مهيني ۾ هن جا دوست هن کي ڏاڍو ياد ڪندا پر هو اتي به ڪونه هوندو. اڄ هن جي گهر ڏانهن ويندڙ گلستان سجاد جا سڀ رستا ويران لڳا پيا آهن، اهي رستا به هن کي ساريندا هوندا پر هو هاڻ اتان ڪڏهن ڪون گذرندو!
هن جو سڀ ڳالهيون، يادون، واقعا شايد ڪڏهن وسري سگهن ٿا پر مون کان منهنجي زندگيءَ جو هڪ المناڪ منظر ڪڏهن ڪونه وسرندو، جڏهن اسان پنهنجي گهر جي محبوب ڀاتي کي عمرڪوٽ جي هڪ قبرستان جي مٽي حوالي پئي ڪيو، جتي اڄ هو اڪيلو ستو پيو آهي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button