سنڌ

شيخ اياز جي زندگي مشعل راهه آهي:سردار شاهه

حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي سنڌ ثقافت جي سهڪار سان ستون اياز ميلو شروع ٿي ويو. ميلو جو افتتاح صوبائي وزير سردار علي شاهه ڪيو. تصويرن جي نمائش جي افتتاح ڪرڻ کانپوءِ صوبائي وزير سردار شاهه اياز ميلي ۾ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته شيخ اياز واحد منفرد ميلو آهي جيڪو ادبي سيشن سان پورا 5 ڏينهن هلي ٿو. هن چيو ته اياز هڪ دور جو نالو آهي، اسان سڀ شيخ اياز جي دور ۾ پيدا ٿيا آهيون. اياز جي پيدا ٿيڻ وقت ننڍي کنڊ ۾ هلچل تحريڪ جو دور هو. ترقي پسند تحريڪون به شيخ اياز ڏٺيون. شيخ اياز جو اهو ڪمال هو ته هن فسلفو ۽ دنيا جي تاريخ، سائنس ۽ مقدس ڪتاب پڙهيا. هن چيو ته انتهاپسندي جي 2 منهين بلا سامهون آهي، جنهن خلاف آگاهي رکڻ ضروري آهي. شيخ اياز ورهاڱي ۾ سنڌ کي ڏٺو. هن لڏپلاٽ اکين سان ڏٺي. هن ون يونٽ ۽ لڏپلاڻ جي دردن کي ڳايو. هتي سياست کان عوام کي ڌار ڪيو پيو وڃي. وزيرن کي ڏسي سياست کي برو خراب نه چئو. هن چيو ته شيخ اياز مڪمل سياسي ماڻهو هو، ڀلي سندس ڪنهن جماعت سان تعلق نه هو، هن ٻن انتهاهن جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي متاثر ڪيو. اياز جي زندگي مشعل راهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button